مواد ڏانھن هلو

زيمبيزي ندي

زيمبيزي ندي
زيمبيسي، زئميزي
زيمبيزي ندي بوٽسوانا، زمبابوي، زيمبيا، نميبيا جي سنگم تي
ٻيو نالوبيسي
مقام
ملڪزيمبيا، انگولا، نميبيا، بوٽسوانا، زمبابوي، موزمبيق
طبعي وصفون
سرچشموزيمبيزي نيشنل فاريسٽ وارو وسيلو
  مقامآئڪيلنگي ضلعو، اتر اولھه وارو صوبو، زيمبيا
  جاگرافيائي بيهڪ11°22′11″S 24°18′30″E / 11.36972°S 24.30833°E / -11.36972; 24.30833
  اوچائي1,500 m (4,900 ft)
ڇوڙھندي سمنڊ
 -  مقامزيمبيزيا ۽ سوفالا صوبا، موزمبيق
 - محل وقوع 18°34′14″S 36°28′13″E / 18.57056°S 36.47028°E / -18.57056; 36.47028
ڊيگھ2,574 ڪلوميٽر (1,599 mi)}
طاس جي ماپ1,390,000 چورس ڪلوميٽر (540,000 چورس ميل)[1][2]
وهڪرو 
  سراسري3,400 m3/s (120,000 cu ft/s)[1][2]}
  گهٽ ۾ گهٽ920 m3/s (32,000 cu ft/s)}
  وڌ ۾ وڌ18,600 m3/s (660,000 cu ft/s)}

زيمبيزي ندي يا درياء زيمبيزي (Zambezi River) آفريڪا جو چوٿون وڏو، اوڀر طرف وھندڙ سڀ کان وڏو ۽ ھندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سڀ کان وڏو درياء يا ندي آهي. ان جي طاس وارو علائقو 13,90,000 چورس ڪلوميٽر (5,40,000 چورس ميل) تي مشتمل آهي. ھي درياء 2,574 ڪلوميٽر (1,599 ميل) ڊگھو آھي ۽ زيمبيا کان شروع ٿي اوڀر انگولا مان گذري نميبيا جي اتر-اوڀر سرحد سان گڏوگڏ ھلي، اتر بوٽسوانا جي سرحد کان گذري، زيمبيا ۽ زمبابوي جي وچ واري سرحد کان ٿي موزمبيق ڏانهن وڃي ٿو ۽ پوء ھندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.

انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا مطابق ھي ندي ڏکڻ-وچ آفريڪا ۾ واقع آهي، جيڪا اتر-اولھه زيمبيا مان نڪري ٿي ۽ ڏکڻ طرف انگولا جي اوڀر ۽ زيمبيا جي اولھ واري سرحد کان بوٽسوانا جي سرحد سان ملندي اوڀر طرف مڙي زيمبيا ۽ زمبابوي وچ ۾ سرحد بڻجي وچ موزمبيق ۾ داخل ٿي چائنڊي شھر لڳ موزمبيق واري چينل (سمنڊ) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.[3] ھن درياء جي ڊيگھ 2,200 ميل (3,500 ڪلوميٽر) آھي. ھن جو معاون نديون يا ٽربيوٽريون پڻ کوڙ آھن جن ۾ ڪوانڊو، ڪافو ۽ شري شامل آهن. ھن درياء جي کوجنا ڊيوڊ لونگ اسٽون 1850ع واري ڏھاڪي ۾ ڪئي ھئي.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "Richard Beilfuss & David dos Santos: Patterns of Hydrological Change in the Zambezi Delta, Monogram for the Sustainable Management of Cahora Bassa Dam and The Lower Zambezi Valley (2001). Estimated mean flow rate 3424 m³/s" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 17 ڊسمبر 2008 تي محفوظ ڪيل. 18 آڪٽوبر 2008 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 International Network of Basin Organisations/Office International de L'eau: آرڪائيو ڪيا ويا 27 March 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. "Développer les Compétences pour mieux Gérer l'Eau: Fleuves Transfrontaliers Africains: Bilan Global." (2002). Estimated annual discharge 106 km3, equal to mean flow rate 3360 m3/s
  3. 1 2 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2102 -