زيمبيزي ندي
زيمبيزي ندي زيمبيسي، زئميزي | |
---|---|
![]() زيمبيزي ندي بوٽسوانا، زمبابوي، زيمبيا، نميبيا جي سنگم تي | |
![]() | |
ٻيو نالو | بيسي |
مقام | |
ملڪ | زيمبيا، انگولا، نميبيا، بوٽسوانا، زمبابوي، موزمبيق |
طبعي وصفون | |
Source | زيمبيزي نيشنل فاريسٽ وارو وسيلو |
• location | آئڪيلنگي ضلعو، اتر اولھه وارو صوبو، زيمبيا |
• coordinates | 11°22′11″S 24°18′30″E / 11.36972°S 24.30833°E |
• elevation | 1٬500 m (4٬900 ft) |
ڇوڙ | ھندي سمنڊ |
- مقام | زيمبيزيا ۽ سوفالا صوبا، موزمبيق |
- محل وقوع | 18°34′14″S 36°28′13″E / 18.57056°S 36.47028°E |
ڊيگھ | 2٬574 km (1٬599 mi)} |
طاس جي ماپ | 1٬390٬000 km2 (540٬000 sq mi)[1][2] |
Discharge | |
• average | 3٬400 m3/s (120٬000 cu ft/s)[1][2]} |
• minimum | 920 m3/s (32٬000 cu ft/s)} |
• maximum | 18٬600 m3/s (660٬000 cu ft/s)} |
زيمبيزي ندي يا درياء زيمبيزي (Zambezi River) آفريڪا جو چوٿون وڏو، اوڀر طرف وھندڙ سڀ کان وڏو ۽ ھندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سڀ کان وڏو درياء يا ندي آهي. ان جي طاس وارو علائقو 13,90,000 چورس ڪلوميٽر (5,40,000 چورس ميل) تي مشتمل آهي. ھي درياء 2,574 ڪلوميٽر (1,599 ميل) ڊگھو آھي ۽ زيمبيا کان شروع ٿي اوڀر انگولا مان گذري نميبيا جي اتر-اوڀر سرحد سان گڏوگڏ ھلي، اتر بوٽسوانا جي سرحد کان گذري، زيمبيا ۽ زمبابوي جي وچ واري سرحد کان ٿي موزمبيق ڏانهن وڃي ٿو ۽ پوء ھندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا مطابق ھي ندي ڏکڻ-وچ آفريڪا ۾ واقع آهي، جيڪا اتر-اولھه زيمبيا مان نڪري ٿي ۽ ڏکڻ طرف انگولا جي اوڀر ۽ زيمبيا جي اولھ واري سرحد کان بوٽسوانا جي سرحد سان ملندي اوڀر طرف مڙي زيمبيا ۽ زمبابوي وچ ۾ سرحد بڻجي وچ موزمبيق ۾ داخل ٿي چائنڊي شھر لڳ موزمبيق واري چينل (سمنڊ) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.[3] ھن درياء جي ڊيگھ 2,200 ميل (3,500 ڪلوميٽر) آھي. ھن جو معاون نديون يا ٽربيوٽريون پڻ کوڙ آھن جن ۾ ڪوانڊو، ڪافو ۽ شري شامل آهن. ھن درياء جي کوجنا ڊيوڊ لونگ اسٽون 1850ع واري ڏھاڪي ۾ ڪئي ھئي.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 "Richard Beilfuss & David dos Santos: Patterns of Hydrological Change in the Zambezi Delta, Monogram for the Sustainable Management of Cahora Bassa Dam and The Lower Zambezi Valley (2001). Estimated mean flow rate 3424 m³/s" (PDF). وقت 17 December 2008 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 October 2008. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 2.0 2.1 International Network of Basin Organisations/Office International de L'eau: آرڪائيو ڪيا ويا 27 March 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. "Développer les Compétences pour mieux Gérer l'Eau: Fleuves Transfrontaliers Africains: Bilan Global." (2002). Estimated annual discharge 106 km3, equal to mean flow rate 3360 m3/s
- ↑ 3.0 3.1 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2102 -