مواد ڏانھن هلو

درياھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(درياهه کان چوريل)
درياھ

درياھ (river) اھو پاڻيءَ جو وھڪرو ھوندو آھي جيڪو ڪنھن جبل یا ڍنڍ مان نڪري ڪري خشڪي تي پري تائين وهندو هليو وڃي.

دنيا جا سمورا درياھ، ڌرتيءَ جي پاڻيهاري تهہ (Hydrosphere) جو هڪ اهم حصو ۽ قدرتي پاڻيءَ جو ڦيرو (Hydrological Cycle) آهن. ان ريت قدرتي پاڻيءَ جو هڪ اهڙو مستقل وهڪرو، يا ندي، جيڪا ڪن ڍنڍن (Lakes)، وڏن جبلن ۽ جبلن تان ڳريل برف (Glaciers) وارو تازو پاڻي کڻي، پنھنجي خاص رستي سان وهندي، ڪنھن سمنڊ، نار (gulf) يا برپٽ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هجي تہ ان کي درياھ چئجي ٿو. هر درياھ سان سندس وهڪ واري رستي ۾، ڀرتي ڪندڙ ننڍيون نديون (tribuleries)، نئيون ۽ جهرڻا اچي ملندا آهن. اهڙو ڀريو تريو درياھ (mature river) ننڍين ندين، جابلو نئين (Riverine and Rivulet) کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ واري حيثيت (River Capture) ۾ پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو (course) جوڙي هلي ٿو. پاڻيءَ جو اهو وڏو وهڪرو ٻنهي ڪنڌين (banks) سان هڪ وڏو سيرابي علائقو (Catchment Area) رکندو آهي، جيڪو ان درياهي پاڻيءَ جي اُٿل تي آباد ٿيندو آهي ۽ زرعي اُپت ڏيندو آهي.[1]

دنيا جي سمورن درياهن جي پاڻيءَ جو وجود برفاني ڇپن/ گليشيئرن جي وگهرڻ ۽ مينهوڳيءَ تي قائم آهي ۽ اهو گليشيئرن جي پاڻيءَ (Glaciers water) جي گهڻائي ۽ سانوڻيءَ جي وسڪارن سبب تار ٿي وهندو آهي. اهڙيءَ ريت اها خاص ندي سدا وهندڙ درياھ (Perennial River) يا دائم درياھ طور ٻاروهي تار وهندو آهي، جن ندين يا درياهن ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي هوندي آهي، اُهي مند(season) تي آڌاريل هجي، اُتي اهي نديون، مندائتي درياھ (Seasonal River) جي حيثيت ۾ سال جا رڳو ڪجهہ مهينا ئي وهنديون آهن.[1]

مطالعو

[سنواريو]

دنيا جا سمورا درياھ پنهنجي لنگهہ واري زمين ۾ کاڌ ڪري پنهنجي واٽ جوڙيندي اڳتي وڌندا آهن. درياھ ۽ درياھ جي مسئلن تي سڄي دنيا ۾ ساراهڻ جوڳو ڪم ٿيو آهي. 1957ع ۾ وولمئن (Wolman) ۽ ليو پولڊ (Leopold) وڪڙ وارن درياهن (Meandering Rivers) ۽ سال 1964ع ۾ پوپووُ (Popove) غير وڪڙ وارن درياهن (Non-meandering Rivers) جي درجابندي ڪئي. سال 1965ع ۾ آبپاشيءَ جي ٻن انجنيئرن: نيونس (Nevins) ۽ سائمنس (Simons)، درياهن جي گُڻن (Characteristics) جي آڌار تي يورپ ۽ دنيا جي درياهي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ اڀياس پيش ڪيو. سال 1968ع ’زميني ورن جي هڪ ڄاڻڪ‘ (Geo-morphologist) درياهن جي جُڙڻ جو هڪ بنيادي اڀياس پيش ڪيو. ان ريت انيڪ سائنسدانن جي کوجنا واري ڪم سبب ’ڪل درياهي نظام‘ (Whole Rivers System) ۽ درياهي گڻن تي آڌاريل درجابنديءَ (Classification of Rivers on the Base of Characteristics) وارو ڪم مڪمل ٿي سامهون آيو.[1]

درجابندي

[سنواريو]

ويهين صديءَ ۾ ئي وليئم مورس ڊيوس (William Morris Davis) درياهي کاڌ جي ڦيري (Cycle of erosion) جي ترڪيب سان گڏ درياهن جي درجابندي (Classification) سندن عمر جي آڌار تي ڪئي. سندس انهيءَ مفروضي (Hypothesis) تي 1950ع کان 1960ع تائين زميني ورن جي ڄاڻڪن پاران مٿس ڏاڍي تنقيد ٿي، ان هوندي بہ اڄ ڏينھن تائين سندس ’ڊيوس نظام‘ (Devis System) ڪيترن ئي ليکڪن پنھنجن ڪتابن جي متن (text) ۾ ڏنو آهي، جنهن مطابق درياهن جي درجابندي سندن گڻن (Characteristics) ۽ سندن عمرن جي آڌار تي هن ريت آهي[1]:

الهڙ درياھ (Youthful River): الهڙ درياھ، هڪ اهڙو درياھ آهي، جنهن کي تمام گهڻيون لاهيون چاڙهيون ۽ ٿوريون ڀرتي ڪندڙ نديون (tributaries) هجن ٿيون، ان جي پاڻيءَ جو وهڪرو گهڻو کاڌ ڪندڙ ۽ گهٽ ويڪر وارو هوندو آهي، جهڙوڪ: آمريڪا جي گڏيل رياستن جو بريزوز درياھ (Brazos River) آهي، جيڪو 1352 ڪلوميٽر/ 840 ميل ڊگهو آهي ۽ ميڪسيڪو نار (Gulf Mexico) ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو.

ڀرپور درياھ (Mature River): ڀرپور درياھ، هڪ اهڙو درياھ جيڪو تمام گهڻيون ڀرتي ڪندڙ نديون رکندو هجي، گهٽ لاهيارو ۽ چاڙهيڪن وارو هجي، هن جي پائڻ واري سگهہ گهڻي هجي ۽ آڳاٽي درياهي کاڌ جي ڪري ان جي ويڪرائپ وڌيڪ هجي. هن درياھ جي پاڻيءَ جو اخراج (Discharge) بہ اعليٰ درجي وارو هجي. جهڙوڪ: گڏيل آمريڪي رياستن جو مسيسيپي درياھ (Mississippi River) ۽ مشرقي يورپ (Eastern Europe) جو ڊينوب درياھ (Danube River) آهي، انهن مان مسيسيپي درياھ جي ڊيگهہ 6275 ڪلوميٽر/ 3902 ميل آهي ۽ سيرابي علائقو (Catchment area) اوڻٽيهہ لک اسي هزار چورس ڪلوميٽر (2,98000 km2) آهي، جڏهن تہ هن درياھ جي پاڻيءَ جو اخراج(discharge) 19600 ڪيوبڪ ميٽر في سيڪنڊ (19,600 m/s2) آهي. هي درياھ ميڪسيڪو نار(Gulf of Mexico) ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو، جڏهن ته ڊينوب درياھ (Danube River) جي ڊيگهہ 2888 ڪلوميٽر/ 1795 ميل آهي ۽ ان جو سيرابي علائقو(catchment area) اٺ لک سترهن هزار چورس ڪلوميٽر (8,17000 km2) آهي. هن جي پاڻيءَ جو اخراج 7130 ڪيوبڪ ميٽر في سيڪنڊ آهي. هي درياھ مشرقي يورپ جي ملڪن: رومانيا (Romania)، سلواڪيا (Slovakia)، هنگري (Hungary)، آسٽريا (Austria)، جرمني (Germany) ۽ بلغاريا (Bulgaria) مان لنگهي ’ڪاري سمنڊ‘ (Black Sea) ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو.

جهونو درياھ (Old River): هڪ اهڙو درياھ، جيڪو گهٽ لاهين ۽ چاڙهين وارو ۽ پائڻ جي گهٽ صلاحيت رکندڙ هجي، ترو گهٽ هئڻ جي ڪري وڌيڪ ڪچي جو ميداني علائقو سيراب ڪندو هجي. سنڌو، گنگا ۽ نيل درياھ ان جا مثال آهن.

نو- ورنو درياھ (Rejurented River): نو- ورنو درياھ، هڪ اهڙو درياھ آهي، جنهن جون لاهيون ۽ چاڙهيون، جڙيل تاسرين (Tectonic Plates) جي حرڪت سبب مٿي اُسري ۽ اُڀري آيون هجن، اُن جي خاص درياهي واٽ ۾ مٿيون ۽ هيٺيون وهڪرو گوگڙائون- ميخ دار نموني (Bradshaw Model) وارو هجي ٿو. اهڙي درياھ جو مٿيون ۽ هيٺيون وهڪرو الڳ الڳ صفتون (Characteristics) رکندڙ هجي ٿو. مٿين وهڪري جي انتظامي سرشتي (river regime) ۾ طاقت ۽ ضابطي جو لاڳاپو، لهواري وهڪرو (channel slope)، ان جي گهرائي (depth)، ويڪرائپ (width)، پاڻيءَ جي وهڪ ۽ اخراج (discharge) تي آڌاريل هوندو آهي.

مرحلا

[سنواريو]

هر درياھ منڍ کان وٺي ڇوڙ تائين پهچندي پهچندي پنهنجي لنگهہ واري گس کي زندگيءَ جا انيڪ روپ ڏيندو، انهيءَ علائقي جي جاگرافيائي صورتحال کي بهتر ڪندو، مانڊاڻ جو حياتياتي سرشتو (Ecosystem) به جوڙيندو وڃي ٿو. ان لاءِ هو ٽي مرحلا (stage) طئي ڪري ٿو.[1]

درياهي جابلو مرحلو (Mountain stage of River): هي درياھ جو منڍ ۽ شروعات (source point) آهي، جيڪو برفاني ٽڪر (گليشيئر)، جهرڻو يا ڪا مها ڍنڍ به ٿي سگهي ٿي، جتان درياھ اُسري پنهنجو گس جوڙيندو، جابلو ۽ ميداني علائقي ۾ کاڌ ڪندو، ڪڏهن ميدانن ته ڪڏهن ڪنهن چور لڪ(Gorge) سان کاسوڙا ڏيندو وهندو آهي. هو گس ۾ هوائي وڇوٽيون(wind gaps) ٺاهڻ سان گڏ، نرم مٽي وهائي ڍنڍون، ڍورا، تل ۽ ترايون پڻ جوڙيندو ايندو آهي. اهي سڀ درياھ جي کاڌ ڪرڻ واري عمل جي نتيجي ۾ جڙندا آهن. مٿانهن پٽن يا جابلو ليٽن تان پاڻيءَ هيٺ ميداني علائقي ۾ لهڻ سبب پاڻي ڪرڻ واري ڪونار واري هنڌ ۾ وڏا ڀيرَ ۽ ڀِرون(meanders) پيون ڀِرنديون آهن. اها جڳهہ درياھ جي ڪوناري/ ترائيءَ جو لنگهہ(Pot Hole) سڏبي آهي. درياھ جابلو علائقي کي ڇڏي جيئن ميداني گس وٺندو آهي، تيئن ان جو پيٽ ويڪرو ٿيندو ويندو آهي. درياهي مٿانهن پٽن واري چاڙهيڪن تان لهندي، ڪٿي ڪٿي آبشار/ درياهي جهرڻا (river fall) ٺاهيندو آهي ۽ گس ۾ ايندڙ پٿرن کي ڪُوري گسائڻ ۽ لسائڻ وارو ڪم به ڪندو ويندو آهي. ان ريت تمام گهڻي لٽ (slit) ۽ ٻيا مادا پاڻ سان نيئي آڻي ميداني علائقي ۾ لٽ جا تهہ جوڙيندو ويندو آهي، جيڪا ميداني علائقي کي زرخيزي (fertility) ڏيڻ سان گڏ انهن ميدانن کي مٿڀرو به ڪندي ويندي آهي. ڌرتيءَ جي اُتر قطب وارن درياهن جو وهڪرو سدائين ڏکڻ کان اُتر طرف هوندو آهي ۽ ڏکڻ قطب وارا درياھ سدائين اتر کان ڏکڻ ڏانهن وهندي ’درياهي پيرا‘ (River Traces)/ درياهي چاڙهيڪا (River stairs) پاڻيءَ جي وهڪ جي لاڳيتي تسلسل کي قائم رکندا آهن، ان کي مٿيون وهڪرو (Upstream) چوندا آهن.

درياھ جو ميداني مرحلو (Plain stage of River): درياهي جوڙجڪ ۾، درياھ مٿانهين پٽن ۽ جبلن تان لهندي ترائي واري پٽن ۾ پاڻ سان آندل کاڌ جي لُڙهي آيل سموري ڳري تلڇٽ (bed load) ۾ رائي ۽ لٽ سان وسيع درياهي پيٽ ۽ وڏو ميداني علائقو جوڙڻ سان گڏ، درياهي ڪنڌين کي ڪوري پنهنجو پيٽ به وڌيڪ وسيع ڪندو ويندو آهي. ميداني علائقن ۾ ڪي درياھ وٽ به کائيندا آهن. اهو درياهي موڙ (river band) درياھ جي تک کي وڌائيندو آهي.

درياھ جو ڊيلٽائي مرحلو (Deltic Stage): جتي درياهي وهڪري جو ڇوڙ ٿيندو آهي ۽ اهو سمنڊ يا ڪنهن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي، اُتي پاڻيءَ جو وهڪرو نهايت آهستي آهستي وهندو آهي. انهيءَ جڳهہ تي درياهي پاڻيءَ جي وهڪ کي هيٺيون وهڪرو (down stream) چوندا آهن. اتي گهڻو ڪري زمين جي سطح موزون ۽ درياھ جي بيهڪ سامهون بلڪل هموار هوندي آهي ته پوءِ درياھ ڪيترن ئي ڦاٽن ۾ ورهائجي ٽڪنڊي واري شڪل (r= delta) ۾ وهندو آهي، انهيءَ ٽڪنڊي علائقي کي ڊيلٽائي هنڌ (delta bad) چئجي ٿو. انهن ڦاٽن وچ ۾ قدرتي طور لٽاشا بند ٺهي پوندا آهن. ڪن حالتن ۾ اتي ڌٻڻيون به اُسري اينديون آهن. اهي ڊيلٽائي، هنڌ درياھ جي ڇوڙ واري علائقي جي خاص ايراضيءَ ۾ ٿين ٿا، جيڪي سامونڊي پٽيءَ کي ويجهو هوندا آهن. اهڙي ڊيلٽائي علائقي ۾ زرعي آبادي به اتم درجي جي ٿئي ٿي ۽ انيڪ قسمن جي آبي حيات به اتي واڌ ويجهہ ڪري ٿي. اهي ڦاٽ پاڃاريءَ (ox bow) جي شڪل ۾ ڊيلٽا کي جوڙين ٿا، جتي درياھ ۽ سمنڊ جو پاڻي ميلاپ (estuary) ٿئي ٿو. انهن وسيلي درياهي ڇاڙن، ٻيڙين، هوڙن ۽ ننڍن جهازن ۾ سمنڊ تائين اچ وڃ به ٿئي ٿي. انهن ڦاٽن تي ننڍا وڏا بندر به ٺهيل هوندا آهن، انهن کان تمام گهڻو هيٺ ڊيلٽا جي درياهي ڇيڙن ۾ سامونڊي پاسي کان ڪريڪ (weeks) به جڙن ٿا. دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي اهي ڊيلٽا گهڻ مُنهاوان (multi mouths) به هوندا آهن. ان ريت اهڙا مرحلا طئي ڪري هڪ درياھ وڃي جڙي ٿو.

لاڳاپيل شيون

[سنواريو]

دنيا جون قديم تهذيبون به درياهن جي ڪنارن تي ئي اسريون ۽ اوج تي پهتيون. قديم زماني کان تهذيب ۽ تمدن جو ڳانڍاپو ۽ مدار درياهن تي ئي رهيو آهي. هنن وڏن درياهن سان ڌرتيءَ تي موجود زندگيءَ جو وڏو ماحولياتي ۽ حياتياتي نظام جُڙيل آهي. انهن درياهن جي ڪنڌين ۽ سيرابي علائقن ۾ ٻيلا ۽ ٻي وڻڪار پيدا ٿئي ٿي، جنهن سبب ڌرتيءَ جو مينهوڳيءَ وارو ٻيلائي نظام (Tropical Rain Forest system) ۽ سانوڻيءَ جي مُند وارو مانڊاڻ جڙي ٿو.

درياهي حيات (Biotic of River): دنيا جا سمورا درياھ، ڌرتيءَ کي عاليشان زرخيزي عطا ڪن ٿا. درياھ جي ڪچي واري علائقي (Flood Plain) ۾ آبڪلاڻي مند جي پڇاڙيءَ ۾ انيڪ فصل ٿين ٿا، جڏهن ته پڪي واري نهري نظام رکندڙ علائقن ۾ ناڻو ڏيندڙ فصل (Cash crop) جهجهي انداز ۾ ٿين ٿا. درياهن تي نه رڳو ان جي پنهنجي خاص جيوت، پکي، مڇي ۽ ٻيا جانور رهن ٿا، پر هر درياھ تي آبڪلاڻي ۽ ٻين خاص مندن ۾ ڪيترا پرديسي پکي ۽ مڇين جا قسم به اتان خوراڪ حاصل ڪري جيئدان وٺن ٿا ۽ پنهنجي نسلي واڌ ويجهہ به ڪن ٿا.

درياهي بند (Dams of River): درياهن جي مٿانهن ماڳن تي جابلو علائقي ۾ بند ٻَڌي، پاڻيءَ جا ذخيرا گڏ ڪيا ويندا آهن، جنهن مان بجلي (electricity) پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ اهي واڌو درياهي پاڻيءَ جا ذخيرا، پاڻيءَ جي کوٽ وارن ڏينهن ۾ ملڪ جي نهري نظام کي پاڻي فراهم ڪري، ملڪ ۾ زرعي اپت جي واڌاري جو سبب بڻجن ٿا.[1]

ورتاءُ

[سنواريو]

هر درياھ پنهنجي وهڪ واري رستي سان ٽن طريقن جو ورتاءُ ڪري ٿو.

(الف) درياهي کاڌ (Erosion of Water): جتي درياهي منڍ هوندو آهي، درياھ انهيءَ جابلو جوءِ ۽ ميدانن ۾ تمام گهڻي کاڌ ڪري وڏو ۽ گهرو گَس جوڙي ٿو. اهڙي درياهي کاڌ (Erosion of Water) واري عمل کي ’کاڌ/ ڪٽائو وارو عمل‘ چئجي ٿو.

(ب) لٽ ۽ ٻيا مادا نيڻ (Transportation): درياھ جي کاڌ سبب تمام گهڻي گاٺ ٿيندي آهي ۽ هر قسم جا ڳرا ۽ هلڪا مادا درياهي وهڪري ۾ شامل ٿي ويندا آهن، ان کي ’مادا نيڻ وارو عمل‘ (Transportation) چئجي ٿو.

(ج) درياھ جو لٽاسجڻ (Deposition): اها لٽ ۽ ٻيا مادا درياهي ڪنڌين ۽ خاص طرح سان درياهي ڇوڙ واري مُنهائن (Mouth of Rivers) وارن ميدانن ۾ لٽ جا تهہ جوڙيندو رهي ٿو. اها لٽ ان علائقي کي مٿي ڪرڻ سان گڏ، زميني پوکي راهي واري سگهہ ۽ گڻ کي بهتر ڪري ۽ زمين کي زرخيز بڻائي ٿي. انهيءَ عمل کي لٽاسجڻ (sedimentation) چئجي ٿو.[1]

لقاء

[سنواريو]

آبڪلاڻي واري مند ۾ درياھ جا ڪجهہ قدرتي لقاءَ هن ريت آهن[1]:

درياھ جي پائڪ: درياھ ٻوڏ جي ڏينهن ۾ اڪثر ڪنارن کي پائيندو آهي، ان عمل کي ’پائڻ/ پائڪ‘ چئبو آهي. ٻوڏ وارو پاڻي اُٿل کائي ڪچي وارن علائقن ۾ کاڌ ڪري انهن کي ڪوري ويندو آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪنڌيون درياھ جي نذر ٿي وينديون آهن. درياھ جي موج ۽ مستيءَ وارن ڏهاڙن ۾ اڪثر وڏا ديوقامت وڻ ۽ مٽيءَ جا وڏا دڙا ۽ ڊٻون درياهي وهڪري ۾ ڪورجي وهي ويندا آهن.

درياھ جي چِڪڻ: درياھ جنهن هنڌ پائيندو آهي، ان جي هيٺئين تهہ جي سخت هئڻ سبب مٽيءَ جي چڪڻ ٺهي پوندي آهي. عام طور هونئن ته ڊُسڙ وارا ڪنارا درياھ جي وهڪ ۾ جهٽ پائجي ويندا آهن، پر ڪن هنڌن تي پائجي ويل دُسڙ ۽ ڪچي مٽيءَ وارن ڪنارن جي هيٺئين تهہ ۾ زمين سخت ۽ چيڪي هوندي آهي، جيڪا درياھ گهٽ ڪوري سگهندو آهي، اتي تيز وهڪ جي ڪري ’ڪُن‘ جُڙي پوندو آهي، جنهن کي ’ڪُوڙو ڪُن‘ چوندا آهن.

درياھ جو رڙڻ: پڪي ۽ چيڪي مٽيءَ واري هنڌان درياھ جو پاڻي رڙاٽ ڪندو گذرندو آهي، جنهن کي درياھ جو رڙڻ به چوندا آهن.

پڇول: درياھ جي چڪڻ واري هنڌ تي اوڀارو ۽ لهوارو پاڻي ملي ’پڇول‘ ٺاهيندو آهي، پاڻيءَ جو اهو اوڀارو وَٽُ جنهنڪري پاڻي موٽ کائيندو آهي. هن هنڌ تان تارو ماڻهو توڙي ٻيڙيون مشڪل سان لنگهي پار پوندا آهن.

درياھ جي تِکُ: هيءُ آبڪلاڻيءَ واري مند ۾، جڏهن درياھ موج يا روانيءَ ۾ وهندو آهي ته ڪنهن هڪ پاسي لٽ اوراٽيندو ويندو آهي، جنهنڪري اتي پاڻي تانگهو ٿيندو ويندو آهي. ان تانگهائيءَ سبب هونئن ته درياهي وهڪ سڌي سنواٽي ڏسبي آهي، پر ان هنڌ تري ۾ درياهي پاڻي تيز ڌار سان لنگهندو آهي. هن وهڪ جي خبر عام ملاح کي به ناهي پوندي. ڄاڻو ناکئا ئي تانگهہ جي وهڪ کي پري کان پرکي وٺندا آهن ۽ نقصان کان خبردار ٿي ويندا آهن. هن قسم جي وهڪ واري هنڌ تي اڪثر ٻيڙين جي ٻڏڻ جو انديشو هوندو آهي. ڌار جي ڌڪ بابت هڪ مشهور چوڻي آهي تہ، ”جو تک جي ور چڙهيو، سو مور نہ واپس وريو.“

درياھ جي سِير: درياھ جي وچ واري تيز وهڪري کي ’سير‘ چئبو آهي، جتان پاڻي تيزيءَ سان سنڌو ڪري وهندو آهي. درياھ جو ڪُن: درياهي وهڪري سبب چڪڻ جي هيٺان مٿان ٽڪريل پاڻيءَ جي موٽ تي وٽ ۾ ڪن ٺهندو آهي. ڪن ۾ پاڻي هميشه تيزيءَ سان ڦيراٽيون کائيندو آهي، جنهن سبب ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ خطرو لاحق هوندو آهي.

ڍورو: درياھ جي ڪنهن به قدرتي وهڪري کي، جتان اهو وهڪرو پاڻي ڇڏي هٽي ويو هجي ته ان کي ’ڍورو‘ چئبو آهي. ان سان گڏوگڏ هيٺيان ٻيا لقاءَ به درياھ سان لاڳاپيل آهن: درياھ جي آر، درياھ جي جهول، درياهي مٿار واري ڌار، درياھ جي موڙي، درياھ جو رنڀڻ، تانگهو پاڻي، ڪسي يا ڪس، دُٻو، درياھ جون وهندڙون، درياھ جي ڪوڀال، درياھ جون چُرون، درياھ جي ڇَر، درياھ جو ڪنب، درياھ جي ليٽ، درياھ جي ريل، درياھ جي ٻڇل، درياھ جو ڪارونڀار، درياھ جي ڀير، درياهي ڀِرون، ٻه درياهي جڙڻ ۽ ٻيا اهڙا آبڪلاڻي مُند وارا درياهي لقاءَ قدرتي عمل جا نظارا آهن.

  1. 1 2 3 4 5 6 7 8 "درياهه : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 26 جنوري 2026۔