برفالو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
برفالو

وڏن مٿائن جبلن ۽ چوٽين تي سيءَ گهڻو هجڻ سبب جڏهن مينهن پوي يا سياري ۾ برف پوي ته اها مٿي جبلن جي وچم گڏ ٿيندي رهي ٿي. ائين برف جا تهن مٿان تهه گڏ ٿيڻ کان پوءِ اها گلئشيئر يا برفالو (Glacier) ٿي وڃي ٿي. اسان جي ڌرتيءَ تي جبلن جي وچ ۾ هزارين بارفولا موجود آهن. ڌرتيءَ جي اتر ۽ ڏکڻ تي برف ئي برف آهي. اها برف به حقيقت ۾ پاڻي آهي، پر اتي جيئن ته ٿڌ تمام گھڻي آهي، ان ڪري اهو پاڻي ڄمي برف ٿي پيو آهي، بلڪل ساڳيءَ طرح جيئن ڪنهن ڪارخاني، ريفريجريٽر يا فِرِيزر ۾ برف ٺهندي آهي. سڀني مٿائن جبلن تي (جن جي اڀائي سمنڊ جي سطح کان لڳ ڀڳ 13 هزار فوٽ مٿي يا اڃا وڌيڪ آهي) 12 ئي مهينا برف موجود هوندي آهي، جيڪا رجڻ کان پوءِ پاڻي ٿِي ندين ۾ وهي ٿي. سڄي ڌرتيءَ جو ڏهون حصو برف سان ڍڪيل آهي. اهي گلئشيئرَ گرمين جي مند ۾ گرمي وڌيڪ پوڻ تي تيزي سان رجندا آهن ۽ انهن وڏن وڏن گلئسيزن جو پاڻي جلبن تان لهي اچي دريائن پوندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. برفالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع