گنگا ندي
گنگا ندي (Ganges or Ganga) ڀارت جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي، جيڪا اٽڪل 1,570 ميل يا 2,530 ڪلوميٽر ڊگهي آهي. ھيءَ ندي اترا کنڊ رياست جي هماليا جبلن مان شروع ٿئي ٿي. هيءَ ندي ان هنڌ ڪيلاش جبل جي مانسرور ڍنڍ جي "مور منهن" (Peacock mouth) مان نڪري ٿي. هندو ڌرم جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته ڪيلاش پربت تي شِو مهاديو رهي ٿو ۽ گنگا ان جي چتائن (وارن) مان وهي اچي هيٺ پهچي ٿي. هن کي آسمان جي ندي به چئجي ٿو. هن نديءَ جو جِتان جتان به وهڪرو آهي، اتي ڪيترا اشنان گهاٽ آهن، جِتي لکن جي تعداد ۾ هندو ياتري اچي شنان ڪري پنهنجا پاپ ڌوئين ٿا. ورانسي (بنارس)، هردوار ۽ الهه آباد جهڙن شهرن جو مانُ به گنگا ندي جي ڪري آهي، جنهن کي هندو ڌرم جا ماڻهو پوڄا جي حد تائين پيار ڪن ٿا.
| گنگا ندي گنگا | |
|---|---|
The Ganges in Varanasi | |
گنگا (نارنگي)، برهمپترا (واڱڻائي) ۽ ميگھنا (سائو) ندين جا گڏيل نيڪال جا طاس | |
| مقام | |
| ملڪ | انڊيا بنگلاديش |
| طبعي وصفون | |
| ڊيگھ | 2525 يونٽ} |
| Discharge | |
| • location | بنگال جي نار |
| شھر | رشي ڪش |
25°18′N 83°01′E / 25.30°N 83.01°E

گنگا ڀارت جي اترئين رياست اترا کنڊ کان شروع ٿئي ٿي. گنگا ندي ٻن ندين "الکنندا" ۽ "ڀاڳیراٿي" ندين جي ميلاپ جو نتيجو آهي. اهي نديون جتي ملن ٿيون ان هنڌ جو نالو ديوپرياگ آهي. "پرياگ" سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جي معني ميلاپ آهي. ان ڪري ڀارت جي سرڪار الهه آباد شهر، جِتي جمنا ۽ گنگا ندين جو ميلاپ ٿئي ٿو، جو نئون نالو "پرياگ راج" رکيو آهي، هماليه جبلن جي ڪجهه چوٽين، جهڙوڪ "نندا ديوي"، "تريشول" ۽ "کومات" وغيره تان جيڪا برف ڳري ٿي ته اها الڪنندا ندي ٺاهي ٿي ۽ "گائومُک" وٽان جيڪا گنگوتري گليشئر ٺاهي ٿي، اهو گليشئر وٽڙي ڀاڳیراٿي ندي ٺاهي ٿو. گائومک جبل جي چوٽي 13 هزار فٽن جي مٿاهئين تي آهي. ائين جبلن تي وسيل برف پاڻي ٿي ٻن ندين ذريعي ديوپرياگ شهر وٽ گڏ ٿي گنگا نئي هڪ اڪيلي ندي ٿي پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي. ديوپرياگ به ڪافي اتاهين يا مٿاهئين تي آهي جِتان گنگا ندي رفتارَ سان مختلف جبلن تان ڍر ڪندي 250 ڪلوميٽرن (160 ميلن) جو سفر طي ڪري رشي ڪش وٽ آخري جبلن ۽ اتاهين تان نڪري ميداني پٽن تي لهي ٿي. ان هنڌ تي هريدوار شهر آهي، جيڪو پڻ هندو ڌرم جي ماڻهن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هريدوار کانپوءِ هن نديءَ تي ڊيم ٺاهي، سندس ڪجهه پاڻيءَ کي ڪئنالن ذريعي اتر پرديش جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ٿو. هريدوار، رشي ڪش ۽ ديوپرياگ شهر رياست اترا کنڊ ۾ آهن، هيءَ رياست اتر ۾ چين سان مليل آهي. ٽئي شهر ڏسڻ وٽان آهن. اتاهين تي هجڻ ڪري ديوپرياگ ۽ رشي ڪش ۾ اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي. ٻنهي شهرن ۾ ساوڪ ۽ قدرتي خوبصورتيءَ کان سواءِ ڪيترائي مندر ۽ گهاٽ پڻ آهن. هِتي انگريزن جي ڏينهن يعني 1939ع جي هڪ 450 فٽ ڊگهي سسپينشن برج پڻ آهي، جيڪا "لڇمڻ جو پينگهو" (لڇمڻ جو جھولو) پڻ سڏجي ٿي. هريدوار کانپوءِ گنگا ندي 800 ڪلوميٽرن يا 500 ميلن جي فاصلي کان پوءِ ڀارت جي اهم شهر الهه آباد يا پرياگ راج ۾ پهچي ٿي، جِتي هن نديءَ تي "کنڀ ميلو" به لڳي ٿو. هِتي انڊيا جي ٻي اهم ندي جمنا جيڪا هاڻ يمنا سڏجي ٿي، گنگا سان ملي ٿي ۽ گنگا جو پاڻي ٻيڻو ٿيو وڃي. الهه آباد پهچڻ کان اڳ گنگا ندي ڪجهه اهم شهرن فرخ آباد، قنوج ۽ ڪانپور وٽان به لنگهي ٿي. رستي تي ٻيون به ڪجهه ننڍيون ننڍيون نديون رام گنگا جهڙيون ملن ٿيون.
الهه آباد کان پوءِ گنگا ندي اوڀر جو رخ ڪري ٿي ۽ رستي تي تمسا ندي، جيڪا ٽنس ندي به سڏجي ٿي، گومٽي ندي، گهاگهرا ندي، سون ندي، گُندڪي ندي، ڪوسي ندي وغيره گنگا سان ملن ٿيون، تان جو اها اولهه بنگال جي شهر، مالدا ۾ اچيو پهچي. الهه آباد ۽ مالدا جي وچ ۾ هيءَ ندي ڪيترن ئي مشهور شهرن مان گذري ٿي، جهڙوڪ: چنار، مرزاپور، واراناسي (بنارس/ڪاشي)، غازي پور، پٽنا، ڀاڳلپور، سلطان گنج ۽ سيدپور وغيره. "پڪور شهر" وٽ گنگا مان هڪ برانچ نڪري هُگلي ندي ٿئي ٿي. باقي گنگا نديءَ جو حصو بنگلاديش جو بارڊر ٽپي پدما ندي نالو اختيار ڪري ٿو. پدما سان اڳتي برهمپترا ندي ۽ پوءِ ميگهنا ندي ملن ٿيون، جيڪي بنگال جي نار ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن ۽ هوڏانهن هُگلي ندي به مرشد آباد، نابادوپ، ڪولڪتا ۽ هائوڙه شهرن مان ٿيندي انڊيا واري پاسي بنگال جي نار ۾ وڃيو ڇوڙ ڪري ۽ چٽاگانگ ۽ چالنا وٽ بنگال جي نار ۾ جتي سندربن جا گهاٽا ٻيلا آهن، وڃيو ڇوڙ ڪري.
گنگا ندي جڏهن بنگلاديش جو بارڊر ٽپي ٿي ته ٻئي پاسي اها پدما ٿيو وڃي ان هنڌ کان اڳ انڊيا جي حڪومت ان تي "فرخا بئراج" ٺـاهي اهي اها بئراج بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ 1975ع ۾ کولي وئي هئي. دنيا ۾ شايد ئي ٻي ڪا اهڙي ندي ناهي، جنهن جي ڀرپاسي ايترا ماڻهو رهندا هجن. هن نديءَ جي ڪناري اٽڪل 40 ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن جي گهاٽائي ڏٺي وڃي ته هڪ چورس ميل تي 1000 ماڻهو ٿين ٿا يا کڻي چئجي ته هڪ چورس ڪلوميٽر تي 400 ماڻهو ٿيا. گنگا جي ڪناري تي رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ هيءَ ندي "جياپي جي تند" آهي، جيڪا هنن جون روزآني جون گهُرجون، پيئڻ ۽ وهنجڻ کان رڌ پچاءَ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ کان وٺي معاشي ضرورتن تائين پوريون ڪري ٿي. [1] [2] [3]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ بنارس کان برمودا (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل نسخو مان 2017-09-12 تي محفوظ ڪيل, 2016-09-08 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ ڪتاب: بنارس کان برمودا، الطاف شيخ
- ↑ Ganges - Wikipedia
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- Ganga in the Imperial Gazetteer of India, 1909 آرڪائيو ڪيا ويا 2024-02-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Melting Glaciers Threaten Ganga
- The impacts of water infrastructure and climate change on the hydrology of the Upper Ganga River Basin آرڪائيو ڪيا ويا 2021-03-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. IWMI research report
- The Ganges: A Journey into India (NPR)
- Ganga Ma: A Pilgrimage to the Source 58 min Documentary
- Earthquake 2,500 years ago abruptly changed Ganga river's course
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Coordinates on Wikidata
- CS1 errors: unsupported parameter
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- گنگا ندي
- دریاھہ ۽ نديون
- پيچدار درياهه
- مقدس درياهه
- رگويدڪ درياهه
- سرحد پار درياهه
- ڀارت ۾ درياهه
- بنگلاديش ۾ درياهه
- بهار جا درياهه
- جھارکنڊ جا درياهه
- دهلي جا درياهه
- اترا کنڊ جا درياهه
- اتر پرديش جا درياهه
- اولهه بنگال جا درياهه
- ڀارت جون قومي علامتون
- ٻڌمت ۾ مقدس درياهه
- ايشيا جا درياهه ۽ نديون
- گنگا جو نيڪال جو طاس
- ڀارت ۾ چوٽي وارا درياهه
- ايشيا جا بين الاقوامي درياهه