ابو جعفر طوسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ابو جعفر طوسي
(فارسي ۾: نصير الدین الطوسی خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
Nasir al-Din Tusi.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم 18 فيبروري 1201[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 26 جُونِ 1274 (73 سال)[2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
مدفن بغداد،عراق  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
رهائش بغداد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
مذهب شیعہ[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو religion (P140) وڪي ڊيٽا تي
عملی زندگی
پيشو فلسفي،پولي ميٿ،طبيب،ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي[3]،فارسي ٻولي[3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي فلڪيات،رياضي،ڪيمياءي علم،حياتيات،طب،فزڪس،سائنس  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي

ابو جعفر محمد نصير الدين طوسي اسلامي دنيا جي وڏن مفڪرن مان هو. هو دنيا جي مختلف علمن جي ڄاڻ رکندو هو ۽ وڏو محقق هو. هن جون مختلف علمن ۽ فنن بابت ڪيتريون ئي لافاني تصنيفون موجود آهن. هن کي فلڪيات، رياضي، سائنس، نوريات، جاگرافي، طب، فلسفي، منطق، موسيقي، اخلاقيات، دينيات وغيره علمن تي عبور حاصل هو. ابو جعفر طوسي 15 جمادي الاول 598 هه/ 10 فيبروري 1202ع ۾ خراسان جي مشهور شهر طوس ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم اتي ئي مڪمل ڪيائين ۽ هن جو خاص استاد ڪمال الدين ابن يونس هو. ابو جعفر طوسي علم نجوم بابت پڻ وڏي شهرت ماڻي. اسماعيلي گورنر ناصر الدين عبدالرحمان هن کي اغوا ڪرائي الموت طرف روانو ڪيو، جتي کيس مجبوراً رهڻو پيو. 654 هه/ 1256ع ۾ منگول فاتح هلاڪو خان طوسيءَ کي آزادي ڏياري. ان بعد طوسي، هلاڪو خان جو خاص صلاحڪار مقرر ٿيو ۽ سڄي زندگي ساڻس گڏ رهيو. 656/1258ع ۾ جڏهن هلاڪو خان بغداد فتح ڪيو ته طوسي هن سان گڏ هو ۽ هي بغداد جي ڪتب خانن، مقدس مقامن ۽ مسلمانن کي منگولن جي حملن کان محفوظ رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هلاڪو خان تي علامه طوسيءَ جو وڏو اثر هو ۽ هو ڪو به ڪم سندس مشوري کان سواءِ نه ڪندو هو. نصير الدين طوسي مراغه ۾ فلڪيات تي ڪامياب تحقيق ڪري هڪ ڪتاب ”تذڪره الناصره“ 654/1256ع ۾ ٻن جلدن ۾ لکيو هو. مشرقي ۽ مغربي ٻولين ۾ هن ڪتاب جي ترجمن کان سواءِ ان جون ڪيتريون تشريحون ۽ تبصرا به لکيا ويا آهن. هلاڪو خان جي انتقال کان پوءِ سندس جانشين ابڪه خان جي دور ۾ به طوسيءَ جو اثر رسوخ ساڳيو جاري رهيو. وقت جا ڏيهي توڙي پرڏيهي عالم هن جي علمي حيثيت مڃيندا هئا. بغداد ۾ نائين صدي عيسويءَ ۾ عباسي خليفي مامون رشيد جو ”بيت الحڪماء“ ۽ يارهين صدي عيسويءَ ۾ فاطمي خليفي الحڪيم جو ”دارالحڪماء“ فلڪياتي رسدگاهه (اهو هنڌ جتي سيارن جي گردش وغيره جو مشاهدو ڪجي) مشهور هئا. جن کان پوءِ مراغه (ترڪستان) ۾ طوسيءَ هڪ فلڪياتي رسدگاهه جو بنياد رکيو، جيڪو 657هه/1259ع ۾ تيار ٿيو، جنهن جا آثار اڄ به موجود آهن، ان ۾ هڪ وسيع ڪتب خانو به موجود هو، جنهن ۾ چئن لکن مان مٿي ڪتاب هئا.

طوسي کي ”ترڪيوٽ“ جو باني مڃيو وڃي ٿو. پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾ هي اوزار مغرب ۾ گهڻو مقبول ٿيو. مراغه ۾ جيڪا خالص فلڪياتي تحقيق ٿي، ان جي نتيجي ۾ ”الزج والخاني“ وجود ۾ آئي، جنهن کي خاني تقويم به چيو وڃي ٿو، جيڪا مشرقي ملڪن خاص ڪري چين ۾ گهڻي مشهور ٿي. طوسيءَ اها تقويم ٻارهن سالن جي محنت کان پوءِ 671 هه/ 1272ع ۾ مرتب ڪئي. هي شاعر به هو. هن 30 ذوالحج 673هه/ 26 جون 1274ع ۾ بغداد ۾ وفات ڪئي. علامه حلي پنهنجي استاد طوسيءَ کي هميشه ”استاد بشريت“ جي نالي سان ياد ڪندو هو. سندس مشهور تصنيفون هيٺ آهن:

(1) تحرير اقليدس ، (2) الرسالة الشافية عن الشڪ في الخطوط المتوازبة ، (3) تحرير مجسطي، (4) تحرير مالا وس في الاشڪال الڪروية، (5) تحرير ماخوذات ارشميدس، (6) تحرير المناظر اقليدس، (7) تحرير ظاهرات الفلڪ اقليدس، (8) تحرير ابسقلاوس في المطالع، (9) تحرير المفروضات ارشميدس، (10) ڪتاب ارسطرخس في جرمني النيرين و بعديهما، (11)، تحرير ڪره واسطوانه ارشميدس، (12) تحرير ڪتاب امعطيات، (13) ترجمه ثمرة الفلڪ، (14) ڪتاب انعڪاسات الشعاعات (15) تذڪره نصيريه درحيات، (16) ترجمه صور الڪواڪب، (17) رساله در شعاع، (18) بيست باب در معرفت اسطر لاب، (19) سي فصل در حيات و معرفت تقويم، (20) رساله در حساب و جبرو مقابله، (21) زبدة الادراڪ في حيات الافلاڪ، (22) مدخل في علم النجوم، (23) استخراج قبلة تبريز، (24) اخلاق ناصري، (25) اوصاف الاشراف، (26) جواهر الفرائض در فقه، (27) آداب المتعلمين در تربيت، (28) معيار الاشعار در عروض، (29) اساس الاقتباس، (30) تجريد المنطق، (31) حل مشڪلات اشارات، در فلسفه، (32) رساله بقاء النفس بعد فناء الجسد، (33) رساله در ڪيفيت صدور موجودات، (34) رساله در نفي و اثبات، (35) رساله العلل و المعلولات، (36) فصول نصيريه، (37) مصارع المصارع، (38) رساله در جبر و اختيار، (39) رساله اثبات واجب، (40) رساله در امامت وغيره.[4]

نصيرالدين الطوسي
نصيرالدين الطوسي
Nasir al-Din Tusi.jpg
الطوسي جي 700 وين ورسي جي موقعي تي ايراني حڪومت طرفان جاري ڪيل الطوسي جي تصوير واري ٽپال جي مھر
معروفیت خواجه نصير
پیدائش 18 February 1201
طوس، گريٽر خراسانايران
وفات 26 جون 1274 (عمر 73 سال)
الڪاظميہ مسجد،الڪاظميہ،بغداد،الخانيٽ
نسل فارسي
دور اسلام جو سونھري دؤر
خطو فارس
مذھب اسلام
فقہ اثنا اشعري
مڪتب فڪر ابن سينائي
عملي شعبو ڪلام, اسلامي فلسفو, فلڪيات, رياضي, طب۽علم حياتيات, طبعيات, سائنس
اھم خيال گول جي ٽرگناميٽري, طوسي وارو جوڙو
معروف خدمتون

رواج تسليم(Rawḍa-yi Taslīm)
, تجريدالعقائد(Tajrīd al-'Aqa'id),
اخلاق ناصري(Akhlaq-i-Nasri) , ذج الخاني ,
الرسالہ الاسترالبياہ,

تذڪرہ في علم الحيا
استاد ڪمال الدين يونس
طوسي کي مان ڏيڻ لاءِ آذربائيجان 2009 ۾ان جي تصوير واري پوسٽل ٽڪلي جاري ڪئي

نصير الدين الطوسي: Muhammad ibn Muhammad ibn al-Hasan al-Tūsī (فارسي: محمد بن محمد بن حسن طوسی‎(جيڪو 18 فيبروري 1201 ۾ پيدا ٿيو ۽ 26 جون 1274 ۾ وفات ڪيائين) اڪثر نصير الدين الطوسي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو۽ کيس مختصر نالي الطوسي سان بہ سڏيندا آهي[5]

ذاتي زندگي[سنواريو]

فارسي نسل جو شاعر، رياضيدان، فلسفي، طب ، ۽ سائنسي علمن جو ماھر پولي ميٿھيو.[6][7][8][9][10][11][12][13][14] ھي 1201 عيسويءَ ۾ خراسان جي شھر طوس ۾ شيعا خاندان ۾ پيدا ٿيو. ھن طوس ۽ ھمدان جي مدرسن ۾ قرآن، حديث، منطق، فلسفو، رياضي، جعفري فقہہ طب ۽ فلڪيات جي تعليم حاصل ڪئي..[15] والد جي وفات کان پوءِ ھي نيشاپور وڃي فلسفي ۽ رياضي جي تعليم حاصل ڪئي.[16] نيشاپور ۾ ھن جي صوفي ازم ہ پرچارڪ عطار سان ٿي.موصول ۾ ھن ڪمال الدين يونس کان رياضي ۽فلڪيات جي تعليم حاصل ڪئي جيڪو شرف الدين طوسي جو شاگرد هو.[17] چنگيز خان جي حملي کان پوءِ ھن جي ديس ۾ نظاري اسماعيلي حڪومت قائم ٿي ۽ ھن کي اتي نوڪري ملي وئي ۽ ھن سائنس جي واڌاري ۾ ڪردار ادا ڪيو.[18] ھي بعد ۾ منگولن ھٿان گرفتار ٿيو.[19] 1274 ۾ وفات ڪيائين.

خدمتون[سنواريو]

ھن 150 ڪتاب لکيا جن مان 25 فارسي ۽ باقي عربي ۾ لکيا ۽ ھڪ ترڪي ٻولي ۾ [20]

اصفهان ۾ طوسي جو آسٽروليب(Astrolabe)تي لکيل ڪتاب
طوسي وارو جوڙو

ھن پنھنجي ڪتابن ۾ مذھب ۽ سيڪيولرزم ٻنھي کي اھميت ڏني [21]. ھن جو خيال ھو تہ انسان جو تعلق سادي قسم وارن جاندارن جي جنسن سان آھي.ھن ارتقا جي نظام جو تصور پيش ڪيو.ھن دعوا ڪئي تہ ڪائنات ڪنھن زماني ۾ ھڪ جھڙن عنصرن تي مشتمل ھئي جيڪي آھستي آھستي ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا ۽ انھن مان ڪجھ معدنيات بڻجي ويا ۽ باقي عنصرن تيزيءَ سان تبديل ٿي ٻوٽن ۽ جانورن جي شڪل اختيار ڪئي.[22] ھن اخلاقيات تي لکيل پنھنجي ڪتاب اخلاق ناصري ۾ زندگي جي شڪلين کي درجي بندي ۾ ڏيکاريو آهيجن ۾ حيوانن جو درجو نباتات کان مٿي ڏيکاريو آهي ۽ انسانن جو درجو جانورن کان مٿي ڏيکاريو آهي. ھن حيوانن جي شعوري ارادي کي انساني ضمير طرف ھڪ قدم سڏيو آھي.ھن جي خيال مطابق حيوان ايترا قابل آھن جو شعوري طور تي کاڌي جي تلاش۾ متحرڪ آھن ۽ ايئن آھي نيون ڳالھيون سکي سگھن ٿا. سکڻ جي ان صلاحيت کي الطوسي فھم ۽ ادراڪ جي صلاحيت قرار ڏنو آھي. ھن جي خيال مطابق ھڪ تربيت يافتہ گھوڙو يا ھڪ شڪاري باز حيواني دنيا ۾ ترقي جي اعلي درجي تي آھن.ھن جو ان مثال تي وڌيڪَ خيال ھو تہ انساني ڪمال جا شروعاتي قدم اتان کان شروع ٿين ٿا.[22] الطوسي جو خيال هو تہ جسماني مظھر وقت سان گڏوگڏ تبديل ٿيا آهن ۽ ان تبديل جي اڳڀرائي ڪمال طرف آھي. ھن جي مطابق انسان ارتقا جي وچولي درجي تي پهتل آهي ۽ ھن مطابق انسان ۾ اھا بنيادي قوت آهن جيڪا کيس ڪمال جي اعلي درجي ڏي وٺي وڃي ٿي.ھي پھريون ماڻھو ھو جنھن ٻڌايو تہ نہ رڳو جسماني مظھر وقت سان گڏ تبديل ٿيا پر زندگيءَ جا سمورا دائرا ان وقت کان ارتقائي مرحلن ۾ ھيا جڏهن اڃان زندگي وجود ۾ نه آئي ھئي.[23]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://www-history.mcs.st-andrews.ac.uk/Biographies/Al-Tusi_Nasir.html — اخذ شدہ بتاریخ: 12 نومبر 2017 — خالق: John O'Connor۽ Edmund Robertson
  2. http://www-history.mcs.st-andrews.ac.uk/Biographies/Al-Tusi_Nasir.html — اخذ شدہ بتاریخ: 17 نومبر 2017 — خالق: John O'Connor۽ Edmund Robertson
  3. 3.0 3.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12399386c — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامہ: Open License
  4. ابو جعفر طوسي رح : (Sindhianaسنڌيانا)
  5. "Tusi". Random House Webster's Unabridged Dictionary.
  6. Bennison, Amira K. (2009). The great caliphs : the golden age of the 'Abbasid Empire. New Haven: Yale University Press. p. 204. ISBN 978-0-300-15227-2. "Hulegu killed the last ‘Abbasid caliph but also patronized the foundation of a new observatory at Maragha in Azerbayjan at the instigation of the Persian Shi‘i polymath Nasir al-Din Tusi." 
  7. Goldschmidt, Arthur; Boum, Aomar (2015). A Concise History of the Middle East. Avalon Publishing. ISBN 978-0-8133-4963-3. https://books.google.com/books?id=hSOdBAAAQBAJ. "Hulegu, contrite at the damage he had wrought, patronized the great Persian scholar, Nasiruddin Tusi (died 1274), who saved the lives of many other scientists and artists, accumulated a library of 400000 volumes, and built an astronomical ..." 
  8. Bar Hebraeus; Joosse, Nanne Pieter George (2004). A Syriac Encyclopaedia of Aristotelian Philosophy: Barhebraeus (13th C.), Butyrum Sapientiae, Books of Ethics, Economy, and Politics : a Critical Edition, with Introduction, Translation, Commentary, and Glossaries. Brill. p. 11. ISBN 978-90-04-14133-9. https://books.google.com/books?id=eYV3AAAAMAAJ. "the Persian scholar Naṣīr al-Dīn al-Ṭūsī" 
  9. Seyyed Hossein Nasr (2006). Islamic Philosophy from Its Origin to the Present: Philosophy in the Land of Prophecy. State University of New York Press. p. 167. ISBN 978-0-7914-6800-5. https://books.google.com/books?id=0k5iy4RvAwcC. "In fact it was common among Persian Islamic philosophers to write few quatrains on the side often in the spirit of some of the poems of Khayyam singing about the impermanence of the world and its transience and similar themes. One needs to only recall the names of Ibn Sina, Suhrawardi, Nasir al-Din Tusi and Mulla Sadra, who wrote poems alongs with extensive prose works." 
  10. Rodney Collomb, "The rise and fall of the Arab Empire and the founding of Western pre-eminence", Published by Spellmount, 2006. pg 127: "Khawaja Nasr ed-Din Tusi, the Persian, Khorasani, former chief scholar and scientist of"
  11. Seyyed Hossein Nasr, Islamic Philosophy from Its Origin to the Present: Philosophy in the Land of Prophecy, SUNY Press, 2006, ISBN 0-7914-6799-6. page 199
  12. Seyyed H. Badakhchani. Contemplation and Action: The Spiritual Autobiography of a Muslim Scholar: Nasir al-Din Tusi (In Association With the Institute of Ismaili Studies. I. B. Tauris (December 3, 1999). ISBN 1-86064-523-2. page.1: ""Nasir al-Din Abu Ja`far Muhammad b. Muhammad b. Hasan Tusi:, the renowned Persian astronomer, philosopher and theologian"
  13. Glick, Thomas F.; Livesey, Steven John; Wallis, Faith (2005). Medieval Science, Technology, and Medicine: An Encyclopedia. Psychology Press. ISBN 978-0-415-96930-7. https://books.google.com/books?id=SaJlbWK_-FcC. "drawn by the Persian cosmographer al-Tusi." 
  14. Laet, Sigfried J. de (1994). History of Humanity: From the seventh to the sixteenth century. UNESCO. p. 908. ISBN 978-92-3-102813-7. https://books.google.com/books?id=PvlthkbFU1UC. "the Persian astronomer and philosopher Nasir al-Din Tusi." 
  15. Dabashi, Hamid. "Khwajah Nasir al-Din Tusi: The philosopher/vizier and the intellectual climate of his times". Routledge History of World Philosophies. Vol I. History of Islamic Philosophy. Seyyed Hossein Nasr and Oliver Leaman (eds.) London: Routledge. 1996. p. 529
  16. Siddiqi, Bakhtyar Husain. "Nasir al-Din Tusi". A History of Islamic Philosophy. Vol 1. M. M. Sharif (ed.). Wiesbaden:: Otto Harrossowitz. 1963. p. 565
  17. Sharaf al-Din al-Muzaffar al-Tusi biography - MacTutor History of Mathematics
  18. Peter Willey, The Eagle's Nest: Ismaili Castles in Iran and Syria, (I.B. Tauris, 2005), 172.
  19. Michael Axworthy, A History of Iran: Empire of the Mind, (Basic Books, 2008), 104.
  20. Seyyed Hossein Nasr. The Islamic Intellectual Tradition in Persia. Curson Press, 1996. See p. 208: "Nearly 150 treatises and letters by Nasir al-Din Tusi are known, of which 25 are in Persian and the rest in Arabic. There is even a treatise on geomancy which Tusi wrote in Arabic, Persian, and Turkish, demonstrating his mastery of all three languages."
  21. H. Daiber, F.J. Ragep, "Tusi" in Encyclopaedia of Islam. Edited by: P. Bearman, Th. Bianquis, C.E. Bosworth, E. van Donzel and W.P. Heinrichs. Brill, 2007. Brill Online. Quote: "Tusi's prose writings, which number over 150 works, represent one of the largest collections by a single Islamic author. Writing in both Arabic and Persian, Nasir al-Din dealt with both religious ("Islamic") topics and non-religious or secular subjects ("the ancient sciences")."
  22. 22.0 22.1 {ڪتاب:سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ:ايڊم ھارٽ،ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن:،2018؛ تخليقات ،لاھور، صفحو 36}
  23. {ڪتاب:سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ:ايڊم ھارٽ،ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن:،2018؛ تخليقات ،لاھور، صفحو 37}