علمِ فلڪيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سپر نووا جي باقيات ، ڪريب نيبولا (Crab Nebula) جي ھبل دوربيني ذريعي نڪتل تصوير

سيٽلائيٽ نيويگيٽر ايجاد ٿيڻ کان پهرين سامونڊي جهازن جا جهازي آسماني تارن کان مدد وٺندا هئا يعني انهن جي جوڙجڪ کي ڏسي ڀٽڪيل راهه تان صحيح منزل وٺندا هئا. اڄ به سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ جهازي Sextant (دوربين) ذريعي الطائر، رجل الجبار (انگريزي ٻولي: Rigel)، ذنب الدجاجة، اڇرنار (انگريزي ٻولي: Achernar) تاري (جنهن جو اصل نالو عربي جو لفظ آخر النهر آهي) جهڙن گهڻو روشن ۽ آسمان ۾ اهم هنڌن تي هجڻ وارن تارن کي نظر ۾ رکي، جهازن کي صحيح دڳ تي آڻين ٿا.

مٿي ٻڌايل ۽ ٻيا ڪيترائي تارا ۽ انهن موجب رستا ڳولڻ ۾ عربن جو وڏو حصو آهي. ان ڪري انهن جا عربي نالا آهن، جن مان ڪجهه نالا وقت سان گڏ ٿورو گهڻو بدلبا رهيا آهن، جيئن ته Celbalrai تارو (ڪلب الراعي معنيٰ ريڍار جو ڪتو)، Heka تارو (الهقعة معنيٰ اڇو نشان)، Jabbah تارو (جيهة معنيٰ نرڙ- وڇونءَ جو نرڙ)، Kitalpha تارو (اصل عربي لفظ قطعة الفرس معنيٰ گهوڙي جو حصو)، Okda تارو (عقدة معنيٰ ڳنڍ)، Rasalased تارو (عربي لفظ راس الاسد معنيٰ شينهن جو مٿو)، Salafat (سلحفاة معنيٰ ڪڇون)، آسمان جو اهم ۽ روشن تارو Vega (عربي نالو النسر الواقع معنيٰ جُهڪيل عقاب)، Unukallsi (عنق الحية معنيٰ نانگ جي ڳچي)، وغيره آهن.

عربَ، علمِ فلڪيات (انگريزي ٻولي: Astronomy) جا ماهرهئا. عربستان جو وڏو حصو واري ۽ ريتي آهي، جتي هوا جي جهوٽي سان پيچرا ڊهيو وڃن، تنهنڪري اهڙن بيابانن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ عربَ تارن جي بيهڪ مان مدد وٺندا هئا ته اوڀر ڪهڙي پاسي آهي ۽ اتر يا ڏکڻ ڪهڙي پاسي آهن. عربستان ۾ سال جو وڏو حصو آسمان صاف هجڻ ڪري تارا چٽيءَ طرح نظر اچن ٿا. ان ڪري عرب تارن جي ڄاڻ ۽ چرپر کان گهڻو واقف هئا. ڪيترن ئي عربن ڏوراهن تارن جي ڳولا ڪئي ۽ انهن جي جانچ لاءِ مختلف قسم جون دوربينيون ايجاد ڪيون ۽ انهن جي چرپر جو حساب رکڻ لاءِ لاءِ انگي حسابن ۽ ٽرگنامينٽري جون جدولون ايجاد ڪيون. عربن جا تجربا، عربن جا لکيل ڪتاب ۽ مشاهدا اڄ به دنيا جا جهازي، جاگرافر ۽ ماهر فلڪيات استعمال ڪن ٿا. [1][2][3]

  1. چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-02 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
  3. ڪتاب؛ چنڊ چوانءِ سچ