الاھيات
الاهيات (Theology) مذهبي نقطه نظر کان، خدائي وجود جي نوعيت تي ڌيان ڏيڻ سان، مذهبي عقيدي جو مطالعو آهي. اهو هڪ تعليمي نظم جي طور تي، عام طور تي، يونيورسٽين ۽ مذهبي اسڪولن (مدرسه، سيميناريون) ۾ سيکاريو ويندو آهي.[1] اهو پاڻ کي مافوق الفطرت شين جي تجزيي جي منفرد مواد سان گڏ رکي ٿو، پر مذهب جي علم سان پڻ واسطو رکي ٿو. وحي جي سوال جو جواب پڇي ٿو ۽ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. وحي خدا ۽ ديوتائن کي نه رڳو منجهن، پر قدرتي دنيا کان مٿانهون، قدرتي دنيا سان لهه وچڙ ڪرڻ ۽ پاڻ کي انسان ذات تي ظاهر ڪرڻ سان پڻ لاڳاپيل آهي.
الاهيات جا ماهر تجزيي ۽ دليل جي مختلف شڪلون (تجرباتي، فلسفياتي، نسلي، تاريخي ۽ ٻيون)، مذهبي موضوعن جي ڪنهن به حد کي سمجهڻ، وضاحت ڪرڻ، جانچڻ، تنقيد ڪرڻ، دفاع ڪرڻ يا فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ، جيئن اخلاقيات ۽ ڪيس جي قانون جي فلسفي ۾، استعمال ڪن ٿا. دليلون اڪثر ڪري اڳ ۾ حل ٿيل سوالن جي وجود کي سامهون رکي ۽ انهن مان تشبيهون ٺاهي، نئين حالتن ۾ نوان نتيجا ڪڍڻ لاءِ، ترقي ڪنديون آهن.
الاهيات جو مطالعو هڪ مذهبي اسڪالر کي پنهنجي مذهبي روايتن کي وڌيڪ اونهائي سان جاچ ڪرڻ،[2] ٻئي مذهبي روايتن جي جاچ ڪرڻ[3] يا اهو انهن کي ڪنهن خاص روايت جي حوالي کان سواءِ خدا جي نوعيت کي ڳولڻ جي قابل بڻائي سگهي ٿي. علم الاهيات کي ڪنهن مذهبي روايت جي تبليغ،[4] اصلاح (reformation) [5] يا انهن کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو[6] يا ان کي ڪنهن مذهبي روايت يا دنياوي نظريي (لادينيت، ماديت، الحاد) جي مقابلي، چئلينج يا مخالفت ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. علم الاهيات موجوده صورتحال کي، ڪنهن مذهبي روايت جي ذريعي حل ڪرڻ[7] يا دنياوي زندگي جي تشريح جا ممڪن طريقا ڳولڻ لاءِ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.
اسلام ۾ الاهيات جو تصور
[سنواريو]الاهيات جو مطلب آهي ڌڻي تعاليٰ جي ذات ۽ صفات جو علم. سنڌي شاعريءَ ۽ نثر ۾ خاص طور تي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ بزرگ ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ الاهيات جي علم جو عنصر عام ملندو آهي.[8]
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| لائبريري وسيلا بابت الاھيات |
| الاھيات جي لغوي معنائن جي لاءِ وڪي لغت ۾ ڏسو |
| وڪي قول ۾ الاھيات جي متعلق قول موجود آھي۔ |
| وڪيميڊيا العام ۾ الاھيات سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- "Theology" on Encyclopædia Britannica
- Chattopadhyay, Subhasis. "Reflections on Hindu Theology" in Prabuddha Bharata or Awakened India 120(12): 664–672 (2014). ISSN 0032-6178. Edited by Swami Narasimhananda.
Theology public domain audiobook at LibriVox
حوالا
[سنواريو]- ↑ "theology", Wordnetweb.princeton.edu, اصل کان 4 August 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 نومبر 2012۔
- ↑ See, e.g., Migliore, Daniel L. 2004. Faith Seeking Understanding: An Introduction to Christian Theology (2nd ed.) Grand Rapids: Eerdmans.
- ↑ See, e.g., Kogan, Michael S. 1995. "Toward a Jewish Theology of Christianity." Journal of Ecumenical Studies 32(1):89–106. Archived from the online on 15 June 2006.
- ↑ See, e.g., Dormor, Duncan, et al., eds. 2003. Anglicanism, the Answer to Modernity. London: Continuum.
- ↑ See, e.g., Spong, John Shelby. 2001. Why Christianity Must Change or Die. New York: Harper Collins.
- ↑ See, e.g., Burrell, David. 1994. Freedom and Creation in Three Traditions. Notre Dame: University of Notre Dame Press.
- ↑ See, e.g., Gorringe, Timothy. 2004. Crime, (Changing Society and the Churches Series). London: Society for Promoting Christian Knowledge.
- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.