فلڪيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪو به علم بيٺل نه ٿو رهي، ان ۾ لاڳيتو واڌارا ۽ تبديليون اينديون رهن ٿيون. بنيادي طور تي فلڪيات جي علم کي ٻن وڏن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. بطلوسي فلڪيات، جيڪا ٽئين صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿي هئي، ان مطابق ڌرتيءَ کي ڪائنات جو مرڪز مڃيو ويندو هو ۽ سمجهيو ويندو هو ته سج ۽ تارا جيڪي به آهن انهن سڀني جو مرڪز اسان جي هيءَ ڌرتي يا زمين آهي.

ڪوپرنيڪس جي فلڪيات (Copernicus Astronomy) سورهين صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿي، جنهن مطابق ڪائنات جي مرڪز جي ڪا ڄاڻ ناهي. ڌرتي جو سيارو سج جي چوڌاري ۽ پنهنجي محور تي ڦري رهيو آهي ۽ ڦرڻ جا ٻيا به دائرا آهن جيئن سج منڊل (نظام شمسي) ۽ ٻين ڪهڪشائن جو نظام وغيره

ستين صدي عيسوي ۾ جڏهن اسلام اڀريو ته عربن جي فلڪيات سادن مشاهدن تي بيٺل هئي. انهن ڏٺو پئي ته چنڊ ۽ سج اُڀرن ۽ لهن ٿا، گهٽجن ۽ وڌجن ٿا، چنڊ جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ جو چڪر 29 کان 30 ڏينهن ۾ پورو ٿئي ٿو. سج جي شمسي سال جي پوري ٿيڻ ۾ چنڊ جا ٻارنهن مهينا لڳن ٿا.

جيستائين بطلوسي فلڪيات ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ هندي فلڪيات جو اثر رهيو، ته ان دور جا مذهبي عالم پنهنجي ڌرمي ڪتابن مان اهو ثابت ڪندا هئا ته سندن مذهبي ڪتاب عين بطلوسي فلڪيات مطابق آهن. الخوارزمي، الفرغاني، بن الهثيم، ابو عبداجزجاني، البيروني، معين الدين الاردي، ناصر الدين الطوسي، قطب الدين الشيرازي، ابن الشاطر ۽ ٻين جا ڪتابَ ان ڳالهه جي پڪ ڪرائين ٿا.

سورهين صدي ۾ جڏهن نڪولس ڪوپرنيڪس (Nicolaus Copernicus) جي فلڪيات اڀرڻ لڳي ۽ ويهين صدي تائين اها پنهنجي صداقت سان عالمي طور ڇانئجي وئي ته وري مذهبي عالمن پنهنجي پنهنجي مذهبي ڪتابن مان ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪوپرنيڪس جي فلڪيات جي سچائي سندن مذهبي ڪتابن مطابق آهي، جيڪا سندن مذهبي ڪتابن ۾ سوين سال اڳ ئي بيان ڪري ڇڏي وئي هئي. [1] [2] [3] [[1]]

  1. پراڻي فلڪيات ۽ نيئن فلڪيات | Indus Asia Online Blog
  2. History of Astronomy
  3. تشريح الافلاڪ، ليکڪ بهاءُ الدين العاملي