طبيب
ڏيک

طبيب (Physician) طب جي ڄاڻ رکندڙ ڪي چئبو آهي. لفظ "طب" قديم قبطي ٻولي سان آيو آهي، جنهن جو مطلب "حيران ڪندڙ عمل" يا "جادو" آهي. هن جي باقاعدي تعليم بقراط، جن کي حڪيم بقراط به سڏيو ويندو آهي، جي دور کان شروع ٿي.
ننڍي کنڊ ۾ مشرقي يا متبادل طب جي ماهر لاء حڪيم جو لفظ به استعمال ٿيندو آهي، پر سنڌي بولي ۾ "طبيب" جو لفظ مناسب آهي، ڇو ته "حڪيم" جو لفظ دانشمند ماڻهن لاء به استعمال ٿيندو آهي. جديد طب جي ماهر کي عام طور تي "ڊاڪٽر" جي نالي سان سڃاڻو وڃي ٿو، پر هي اصطلاح معني جي لحاظ سان صحيح نا آهي، ٻين جڳھن تي اها لفظ جادوگرن لاء استعمال ٿيندو آهي، البت ڪنهن خاص علم جي ماهر لاء "ڊاڪٽر آف فلاسفي" (Ph.D) تسليم ٿيل آهي ۽ عام طور ڪنهن علم جي اعلي سند، پي ايڇ ڊي رکڻ واري کي ڊاڪٽر آف فلاسفي يا مختصر طور ڊاڪٽر جي امتيازي نالي سان سڏيو ويندو آهي.