مواد ڏانھن هلو

ابن خلدون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابن خلدون
 

معلومات شخصيت
ڄم
موت
ڌرم
عملي زندگي
پيشو
ڪم جي ٻولي
دلچسپي
مؤثر

ابوزيد عبدالرحمان ولي الدين، ابن خلدون تيونس ۾ 1332ع ۾ ڄائو. قرآن مجيد حفظ ڪرڻ کان پوءِ فقه، حديث، شعر، ادب ۽ تاريخ جون سندون پنهنجي شهر مان حاصل ڪيائين. تاريخ ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ ڪري هن جي ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ کيس وڏي مڃتا ڏني. کيس تاريخ جو امام سڏيو ويو. جوانيءَ ۾ شاهي درٻار تائين پهتو. جليل القدر عهدن تي فائز رهيو. غرناطه جي امير ۽ قشاله جي حاڪم جي وچ ۾ ٺاهه لاءِ سفير مقرر ٿيو. بعد ۾ قاهره (مصر) پهتو، جتي به هن کي عزت سان نوازيو ويو. سلطان برقوق کيس مالڪي مسلڪ جو قاضي القضاة مقرر ڪيو. آخر ۾ قاهره ۾ ئي 28 رمضان 808ھ/19 مارچ 1406ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب مقدمه ابن خلدون جا ڪجهه باب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”ڪمال ۽ زوال“ جي نالي سان ڪتاب حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ڇپايو هو. ابن خلدون جي شهرت جو وڏو سبب سندس تاريخ جو فلسفو ۽ سماجياتي نظريا آهن، جيڪي هن پنهنجي مشهور ڪتاب ’مقدمه ابن خلدون‘ ۾ قلم بند ڪيا آهن. هن ڪتاب جو ترجمو سنڌي،اردو، انگريزيءَ ۽ ٻين مغربي ملڪن جي ٻولين ۾ به ٿي چڪو آهي. ٻيا اهم ڪتاب ”البرده“ ”الحساب“ ۽ ”المنطق“ آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]