ابن خلدون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

ابوزيد عبدالرحمان ولي الدين، ابن خلدون تيونس ۾ 1332ع ۾ ڄائو. قرآن مجيد حفظ ڪرڻ کان پوءِ فقه، حديث، شعر، ادب ۽ تاريخ جون سندون پنهنجي شهر مان حاصل ڪيائين. تاريخ ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ ڪري هن جي ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ کيس وڏي مڃتا ڏني. کيس تاريخ جو امام سڏيو ويو. جوانيءَ ۾ شاهي درٻار تائين پهتو. جليل القدر عهدن تي فائز رهيو. غرناطه جي امير ۽ قشاله جي حاڪم جي وچ ۾ ٺاهه لاءِ سفير مقرر ٿيو. بعد ۾ قاهره (مصر) پهتو، جتي به هن کي عزت سان نوازيو ويو. سلطان برقوق کيس مالڪي مسلڪ جو قاضي القضاة مقرر ڪيو. آخر ۾ قاهره ۾ ئي 28 رمضان 808هه/19 مارچ 1406ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب مقدمه ابن خلدون جا ڪجهه باب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”ڪمال ۽ زوال“ جي نالي سان ڪتاب حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ڇپايو هو. ابن خلدون جي شهرت جو وڏو سبب سندس تاريخ جو فلسفو ۽ سماجياتي نظريا آهن، جيڪي هن پنهنجي مشهور ڪتاب ’مقدمه ابن خلدون‘ ۾ قلم بند ڪيا آهن. هن ڪتاب جو ترجمو سنڌي،اردو، انگريزيءَ ۽ ٻين مغربي ملڪن جي ٻولين ۾ به ٿي چڪو آهي. ٻيا اهم ڪتاب ”البرده“ ”الحساب“ ۽ ”المنطق“ آهن.[1]

حوالا[سنواريو]