مواد ڏانھن هلو

پولي ميٿ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
"Polyhistor" redirects here. For the Roman author and book also known as Polyhistor, see Solinus. For the ancient Greek scholar, see Alexander Polyhistor.
ڊيوڊ مارٽن پاران سال 1767ع ۾ ٺاهيل بينجمن فرينڪلن جو پورٽريٽ. بينجمن فرينڪلن آمريڪي تاريخ جي اهم ترين همه دانن مان هڪ آهي. هو هڪ ليکڪ، سائنسدان، موجد، سياستدان، سفارتڪار، ناشر ۽ سياسي فلسفي هو. "آمريڪا جا باني" (Founding Fathers of United States) مان هڪ جي طور، هن کي وڌيڪ مان مليو
ليونارڊو ڊا وينچي (Leonardo da Vinci) يورپي جاڳرتا واري دؤر جو پولي ميٿ ھيو

همه دان يا پوليميٿ (يوناني: πολυμαθής، پوليمئٿيس، تمام گهڻو سکيا وارو)، [1] "جاڳرتا واري دؤر جي ماڻهو" (لاطيني: homo universalis، عالمي انسان) جي طور به سڃاتو ويندو آهي، هڪ اهڙو فرد جنهن جي ڄاڻ ڪيترن ئي مختلف مضمونن تي پکڙيل آهي ۽ هو مخصوص مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڄاڻ جي ڪيترن ئي پيچيده شعبن کي استعمال ڪرڻ لاءِ سڃاتو وڃي ٿو. ھمه دان اڪثر ڪري، انهن جي ڄاڻ کي بيان ڪن لاء، هڪ مخصوص تناظر کي ترجيح ڏيندا آهي، پر ڪجهه تجريدي ۽ تخليقي طور تي وضاحت ڪرڻ ۾ مهارت رکن ٿا.[2]

نشاة ثانيه جي بشريات جي هڪ بنيادي اصول کي مجسم ڪندي، ته انسان جي ترقي جون صلاحيتون لامحدود آهن، هن تصور ڏانهن وٺي ويو ته ماڻهن کي سڀني شعبن ۾ ڄاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ممڪن طور تي مڪمل طور تي ترقي ڏيڻ گهرجي. اها اصطلاح "نشاة ثانيه جي انسان" واري تصور ۾ اظهار ڪيو ويو آهي، جيڪو اڪثر ڪري ان دور جي باصلاحيت ماڻهن تي لاڳو ٿئي ٿو، جيڪا ڄاڻ جي هر شعبي، دانش، فن، سماجيات، طبعي شيئن ۽ روحانيات ۾ پنهنجي صلاحيتن جي ترقي جا خواهشمند هئا.

اصطلاح

[سنواريو]

ھمه دان لاء استعمال ٿيندڙ انگريزي اصطلاح، "پوليميٿ" يوناني اصطلاح، پوليمئٿيس (polymathēs، يوناني ٻولي: πολυμαθής) کان ورتل آهي، جن جا معني، تمام گهڻي سکيا وارو، علامه، اھڙو شخص جنھن کي ڄاڻ جي مختلف شعبن تي مھارت ھجي، جو آهي. [3] اولھه يورپ ۾ پھريون ڀيرو ان لفظ جو استعمال جرمن فلاسافر، جوھان وان وووئر (Johann von Wower) سال 1603ع ۾ پنھنجي لکيل ڪتاب، "ڊي پوليميٿيا تريختاسيو: انٽيگري آپيرس ڊي اسٽڊيز ويٽيرم" (De Polymathia tractatio: integri operis de studiis veterum) ۾ ڪيو. [4]

تفصيل

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Ask The Philosopher: Tim Soutphommasane – The quest for renaissance man". The Australian. 10 April 2010. http://www.theaustralian.com.au/national-affairs/opinion/the-quest-for-renaissance-man/news-story/cda1cda9d478b9e428b1e990efe64b95?sv=d81122bf03913e839a82860813e6c4e.
  2. Kaufman, J. C., & Beghetto, R. A. (2009). Beyond big and little: The four c model of creativity. Review of general psychology, 13(1), 1-12.
  3. The term was first recorded in written English in the early seventeenth century Harper, Daniel (2001), "Online Etymology Dictionary", حاصل ڪيل 5 December 2006۔
  4. {{cite book|last=Araki|first=Michael|title=Polymathic Leadership: Theoretical Foundation and Construct Development|date=2015|publisher=Maxell|url=https://www.maxwell.vrac.puc-rio.br/26112/26112.PDF}