آسٽريا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف آسٽريا

()
Flag of آسٽريا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: 
  • جبلن جي سرزمين، ندين جي سرزمين
مڪانيت  آسٽريا  (تيز سائو) – يورپ ۾  (سائو & تيز خاڪي) – in يورپي يونين  (سائو)  –  [Legend]
مڪانيت  آسٽريا  (تيز سائو)

– يورپ ۾  (سائو & تيز خاڪي)
– in يورپي يونين  (سائو)  –  [Legend]

گادي جو هنڌ ويانا
49°12′N 16°21′E / 49.200°N 16.350°E / 49.200; 16.350
سڀ کان وڏو شهر ويانا
دفتري ٻوليون جرمن[a][b]
نسلي گروھ (2012)
مقامي آبادي آسٽرين
آسٽريائي
حڪومت وفاقي پارلياماني ريپبلڪ
• صدر
اليگزينڊر فان دير بيلين
سيباسٽيان ڪرز
مقننه پارليامينٽ
وفاقي ڪائونسل
قومي ڪائونسل
رياستي خودمختياري
976ع
1156ع
1453ع
1804ع
1867ع
1918ع
1934ع
1938ع
1945ع کانوٺي
27 جولاء 1955
1 جنوري 1995
پکيڙ
• جملي
83٬879 km2 (32٬386 sq mi) (113th)
• پاڻي (%)
1.7
آبادي
• جنوري 2020 اندازو
8,902,600[2] (96th)
•  گھاٽائي
106 /km2 (274.5 /sq mi) (106th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$434.097 ارب ڊالر [3]
• في سيڪڙو
$49,247[3] (17th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$409.316 ارب ڊالر [3] (29th)

آسٽريا (انگريزي: Austria ) جنھن جو سرڪاري نالو جمھوريه آسٽريا(انگريزي: Republic of Austria ) آھي ھڪ جرمن ٻولي وارن جو ملڪ آھي جيڪو وچ يورپ جي ڏاکڻي حصي ۾ واقع چوڌاري زمين سان گھيريل ملڪ آهي جيڪو ھڪ وفاقي جمھوريه آھي. ان جي گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر ويانا آھي. آسٽريا جرمن زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”فرانڪن جي اوڀر واري بادشاهت“. ان جي اتر اولھ ۾ جرمني، اتر ۾ چيڪ ريپبلڪ، اتر اوڀر ۾ سلوواڪيا، اوڀر ۾ ھنگري، ڏکڻ ۾ سلووينیا ۽ اٽلي، اولھ ۾ سوئٽزرلينڊ ۽ لڪٽنسٽائين واقع آهن. ھن ملڪ جي پکيڙ 83٬879 km2 (32٬386 sq mi) ۽ آبادي لڳ ڀڳ 90 لک آھي جيڪي آسٽريائي ماڻھو آھن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي جرمن آھي.[7] آسٽريائي ماڻھن جي جرمن ٻولي جو غيررسمي لھجو بويريائي لھجن وارو آھي[8] ھي ملڪ پنهنجين سھڻن جبلن جي دل لڀائيندڙ منظرن سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ملڪ جو سڀ کان مٿانهون هنڌ گداس گلوڪنز (بلندي: 3797 ميٽر) آهي. جرمني کان علاوه ھتي سربوڪروٽ ۽ ٽرڪش پڻ ڳالهائجن ٿيون. موسم نهايت خوشگوار ۽ وڻندڙ آهي، سردين ۾ سخت سردي پوندي آهي، جڏهن ته گرمين ۾ موسم وچٿري هوندي آهي. آسٽريا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 26 آڪٽوبر 1955ع آهي. هي ملڪ 14 ڊسمبر 1955ع کان گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جو ميمبر آهي [9].

تاريخ[سنواريو]

آسٽريا جي هاڻوڪن علائقن ۾ ماڻهو هزارين سال اڳ به رهندا هئا، پر تاريخدانن کي انهن بابت ڪا ڄاڻ ناهي ملي سگهي. 800 ق.م ۾ ماڻهو کاڻين کوٽڻ جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ انهن جو ڌنڌو ڪچي لوهه ۽ لوڻ جو واپار هو. 15ق.م ۾ رومين هن علائقي کي پنهنجي بادشاهت ۾ شامل ڪيو. 955ع ۾ آسٽريا جرمن سلطنت جو حصو ٿيو. 964ع ۾ پوپ اوٽو پهرئين کي مقدس رومن شهنشاهه جو لقب ڏنو، ان ريت مقدس رومن امپائر جي حيثيت سان 1806ع تائين آسٽريا تي هن جي حڪومت رهي[9]. ھن ملڪ واري وچ يورپي حصي ۾ سڀ کان اول رومين جي دؤر کان اول ڪيلٽڪ قبيلا آباد ٿيا ھئا. انھن قبيلن ھتي نورڪم نالي بادشاهت قائم ڪئي جيڪا درحقيقت قبيلن جي فيڊريشن ھئي جنھن تي رومي ايمپائر قبضو ڪري پنھنجو صوبو بڻائي ڇڏيو. ھاڻوڪي دؤر ۾ اوڀر آسٽريليا ۾ واقع ڪارننٽم نالي قلعو اھم فوجي ڪيمپ ھجڻ ڪري رومي ايمپائر جي پنونيا صوبي جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو اھڙي طرح اتي شھر اڏجي ويو. لڳ ڀڳ چار صدين تائين ڪارننٽم شھر جي آبادي 50000 جي لڳ ڀڳ برقرار رھي.[10] رومن ايمپائر جي زوال بعد موجوده آسٽريا ۾ بويريائي، سلَاوَ، آواري گھري آيا ۽ اتي قبضو ڪيائون[11] 788ع ۾ فرينڪن جي بادشاھ شارليمن علائقو فتح ڪري ان کي پنھنجي رياست جي ڪالوني بڻايو جنھن ۾ ھن عيسائيت کي متعارف ڪرايو[11]. موجوده آسٽريا واري سرزمين ايسٽرن فرانسيا (ايسٽ فرينڪس بادشاهت) جي حصي ٿيڻ بعد بئبنبرگ گھراڻي کي وصيت ذريعي ڏني وئي ۽ ان وقت اھا سرزمين ايسٽرن فرانسيا جي آخري اوڀر ۾ سرحد تي واقع ھجڻ ڪري ان تي مارچيا اورينٽلس نالو پئجي ويو. اوڀر کي پراڻي جرمن ٻولي ۾ Ostarrîchi يعني آسٽريا سڏيندا ھئا. مارچ يا مارگِرَيو جي ھتي معنيَ آھي سرحد سان لڳولڳ سرزمين. اھا سرزمين بئبنبرگ گھراڻي جي ليئوپولڊ پھرين کي 976ع ۾ ڏني وئي[12]

نيچرل هسٽري ميوزيم، ويانا ۾ آسٽريا جي ولنڊورف ڳوٺ جي کوٽائي مان لڀيل ھڪ عورت جو مجسمو جيڪو 25 کان 28 ھزار قبل مسيح جو ٺھيل آھي

ھبسبرگ گھراڻو ۽ مقدس رومن ايمپائر[سنواريو]

آسٽريا جي نالي جو پھريون تاريخي رڪارڊ 996ع جو آھي جنھن ۾ بئبنبرگ مارچ جي لاء آسٽريا لفظ استعمال ڪيو ويو آهي[12] 1156ع ۾ مقدس رومن ايمپائر جي شھنشاھ فريڊرڪ بارباروسا ھڪ قانوني دستاويز پِروِلَيجِيم مِينُوس تي صحيح ڪري آسٽريا جي علائقي کي ڊَچِي جو درجو ڏنو. 1192ع ۾ بئبنبرگ گھراڻي ھڪ ٻي ڊچي پڻ حاصل ڪئي جنھن جو نالو اِسٽَيريا ھيو. بَئبِنبَرگ گھراڻي جي 1246ع ۾ فيڊرڪ ٻئين جي وفات سان گڏ پڄاڻي ٿي وئي[13]. نتيجي ۾ بوھيميا جي بادشاھ آٽوڪار ٻئين آسٽريا، اِسٽَيرِيا ۽ ڪارنٿيا وارين ڊچين تي پوري طاقت سان قبضو ڪيو[13] 1278ع ۾ ھن جي اقتدار جو سج لھي ويو جڏھن کيس جرمني جي رودولف پھرين دُورنڪَروت واري جنگ ۾ شڪست ڏني[14] ان وقت کان وٺي پھرين جنگ عظيم تائين آسٽريائي تاريخ م لڳ ڀڳ سموري دؤر ۾ ھَبسبَرگ گھراڻي جي بادشاھت قائم رھندي آئي. چوڏھين ۽ پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ھبسبرگ شاھي خاندان آسٽريا جي ڊچي ۾ نوان صوبا شامل ڪندي توسيع شروع ڪئي. مقدس رومن ايمپائر جي شھنشاھ سجسمنڊ جي وفات بعد 1438ع ۾ سندس ڄاٽي ڊيوڪ البرٽ پنجين کي بطور بوھيميا جي بادشاھت ۽ مقدس رومن ايمپائر جي وارث طور چونڊيو ويو. جيتوڻيڪ ھن ھڪ سال کن حڪومت ڪئي پر بعد ۾ ھڪ ڄڻي کان سواء مقدس رومن ايمپائر جا سمورا شھنشاھ ھبسبرگ گھراڻي مان ٿيا. 1477ع ۾ ھبسبرگ گھراڻي جو رومي شھنشاھ فريڊرڪ ٽئين جي سڪيلڌي پٽ آرچڊيوڪ ميڪسمليئن پھرين جي بُرگَنڊِي جي وارث ماريا سان ٿي اھڙي طرح نيدرلينڊز جو ھڪ وڏو حصو ھبسبرگ گھراڻي جي ملڪيت ۾ شامل ٿي ويو[15][16] 1496ع ۾ انھن جي پٽ فلپ سھڻو ڪيسٽيئل ۽ ايراگان جي وارث جوئيانا سان ٿي جيڪي عمر جي پوئين حصي ۾ نفسياتي بيمارين ھو شڪار ٿيڻ ڪري جوئيانا چري سڏبي آھي. ان شاديءَ سان اٽلي ۽ اسپين جا علائقا پڻ ھبسبرگ گھراڻي جي ملڪيت ۾ شامل ٿيا[15][16].
1526ع موھاچ واري جنگ ۾ ھنگري ھارائي ويو ۽ خلافت عثمانيه کٽي وئي. نتيجي ۾ بوھيميا ۽ ھنگري جو باقي بچيل حصو آسٽريا جي ھبسبرگ بادشاهت ۾ شامل ٿي ويا[17] جنھن بعد خلافت عثمانيه ۽ ھبسبرگ جنگين جو آغاز ٿيو جن مان ھڪ ڊگھي جنگ 1593ع کان 1606ع تائين ھلي. ترڪن اسٽيريا تي 20 دفعا چڙھائي ڪئي[18] [19] سيپٽمبر 1529ع جي آخر ۾ سليمان اعظم ويانا جو محاصرو ڪيو جيڪو برفباري شروع ٿيڻ بعد بغير ڪنھن نتيجي جي ختم ڪيو ويو

1683ع ۾ ويانا واري جنگ ڇيڙي خلافت عثمانيه يورپ منجھ چڙھائي شروع ڪئي

مقدس رومن ايمپائر جي شھنشاھ ليئوپولڊ پھريون (1657–1705) جو دور حڪمراني ڊگھو ھيو جنھن ۾ ترڪن خلاف ويانا کي بچائڻ جي جنگ پولينڊ جي بادشاھ جان ٽيون سوبيئيسڪي جي اڳواڻي ۾ وڙھي وئي[20] ويانا کي بچائڻ ۾ ڪاميابي ملڻ بعد نيٺ زينٽا واري جنگ ۾ ترڪ خلافت کي مقدس رومن ايمپائر واري ليگ شڪست ڏني جنھن جي نتيجي ۾ 1699ع ۾ ڌرين وچ ۾ ڪارلووٽز وارو معاھدو ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ ھنگري جا خلافت پاران کسيل علائقا واپس ٿيڻ لڳا جيڪي آسٽريا ۾ شامل ٿيندا ويا. مقدس رومن ايمپائر جي ھبسبرگ گھراڻي واري آسٽريائي شھنشاھ چارلس ڇھين پٽاڻي وارث نہ ھجڻ ڪري پنھنجي ھبسبرگ گھراڻي کي درپيش نابودي واري خطرن کان بچائڻ لاءِ اھي سڀ حاصل ڪيل علائقا وراثت واري 1713ع واري منظوري جي عيوض ترڪ ڪري ڇڏيا. ھن جي خاندان م ڪو مرد وارث نہ بچيو ھو. پھرين ھڪ مرحوم ڀاءُ جي نياڻي ماريا جوزفيا وارث ھئي جنھن بعد کيس نياڻي ماريا ٿريسا ڄائي جيڪا وارث ٿي پر تخت جي نياڻين ۾ وراثت ۾ قانوني رڪاوٽ ھئي جنھن لاء عملي منظوري ۽ ان جي مقدس رومن ايمپائر ۾ شامل اتحادين جي مڃتا درڪار ھئي. وراثت واري ان معاملي تي آسٽريا-پروشيا واري رياست جرمني مان مخالفت شروع ڪئي. ماريا ٿريسا پيء جي وفات بعد مقدس رومن ايمپائر جي ايمپريس (ملڪه) ٿي پر ھن کي شريڪ حاڪم پڻ رکڻو پيو. پولينڊ جي ٽن ورھاستن مان پھرين ۽ ٽين ورھاست (1772 ۽ 1795ع ۾) آسٽريا پڻ جرمني ۽ روس سان گڏجي حصو ورتو ھو.

ويانا جي ڪانگريس جا 15-1814 وارا اجلاس جن ۾ مقدس رومن ايمپائر جي خاتمي ، انقلابي فرانس سان جنگين ۽ نيپولين وارين جنگين بابت فيصلا ٿيا

آسٽريا بعد ۾ انقلابي فرانس سان جنگ ۾ جوٽجي ويو شروع ۾ نيپولين جي ھٿان ان کي لاڳيتيون شڪستون مليون جن سان پراڻي مقدس رومن ايمپائر جو 1806ع ۾ خاتمو ٿي ويو. ان کان ٻہ سال اڳ[21] آسٽريا جي ايمپائر قائم ٿي. 1814ع ۾ آسٽريا پنھجي اتحادين جيئ فوجين سان گڏجي فرانس ۾ داخل ٿي نيپولين وارين جنگين جو خاتمو آندو. 1815ع ۾ ويانا جي ڪانگريس مان آسٽريا پاڻ کي يورپ جي اندر چئن وڏين طاقتن مان ھڪ مڃائي چڪو ھو. ساڳي سال آسٽريا جي صدارت ۾ جرمن ڪنفيڊريشن جو قيام عمل ۾ آيو[22]

جرمن ڪنفيڊريشن جو نقشو(1815–1836) جنھن ۾ 39 رياستون شامل ھيون

ان باوجود آسٽريا جرمني جي ايمپائر 1848 جي حق ۾ پنھجي جرمن ٻولي ڳالھائيندڙ علائقن تان دستبردار نه ٿيو. نئين قائم ٿيل جرمن ايمپائر جو تخت پروشيائي بادشاھ فيڊرڪ ولھيم چوٿين جي حوالي ڪيو ويو. 1864ع ۾ آسٽريا ۽ پروشيا ٻئي گڏجي ڊينمارڪ سان وڙھيا ۽ ڊينمارڪ کان شليسوگ ۽ ھولسٽائين واريون ڊچيون آزاد ڪرايون. ان جي انتظام تي نااتفاقي ڪري 1866ع ۾ پاڻ ۾ وڙھي پيا ۽ ان سال سندن وچ ۾ آسٽرو پروشين جنگ شروع ٿي ۽ ڪونجگريٽز واري لڙائي ۾ آسٽريا کي شڪست آئي[22] آسٽريا جرمن ڪنفيڊريشن مان نڪري ويو ۽ اڳتي جرمن سياست کان پڻ پاسو ڪري ويو.[23][24]

آسٽرو ھنگري ايمپائر[سنواريو]

1867ع ۾ آسٽريا جي ايمپائر ۽ ھنگري جي ايمپائر ملي ھڪ ٿي آسٽرو ھنگري ايمپائر ٺاھي جنھن جو سربراھ فرانز جوزف ٿيو.[25] ان ۾ سلاوڪ گروہ جھڙوڪ: ڪروٽ، چيڪ، پول، روسين، سرب ، سلوواڪ، سلوويني ۽ يوڪريني، اطالوي ۽ روماني ابادين وارا ماڻھو پڻ شامل ھيا.

1910 ۾ آسٽرو ھنگري ايمپائر جي نقشي ۾ نسلي ۽ لساني گروهن جي نشاندھي


آسٽريائي نسل جي ماڻھن ۾ جرمن قومپرستي جڙ پڪڙيندي وئي جنھن سان آسٽريا ۽ جرمني جي ھڪ ٿيڻ جي اميد جنم ورتو[26] آسٽريا ۾ ڪارل لوگر پئن جرمن ازم جي خيالن جي پرچار ڪئي. ھوڏانھن جرمني ۾ بسمارڪ جي پاليسين آسٽريائي ۽ جرمن آسٽريائي ماڻھن کي جرمني کان الڳ نہ سمجھيو. آسٽريائي پئن جرمن خيالن وارن بسمارڪ کي پنھنجو آئيڊيل بڻائي ڇڏيو ۽ انھن آسٽريا ۾ بندش ھوندي بہ نيرا ڪارن فلاور قميصن جي ڪاجن ۾ لڳائڻ شروع ڪيا ۽ ان ڪري جو اھو گل جرمن شھنشاھ ولھيم پھرين جو پسنديده گل ھيو.[27]. آسٽريا جي جرمن قوم کان دوري آسٽريائي عوام ۾ قومي سڃاڻپ جا سوال اٿاري ڇڏيو[28] آسٽرو ھنگري ايمپائر جي ان روش آسٽريائي جرمن ماڻھن ۽ ٻين نسلي گروهن وچ ۾ ھڪ نسلي ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو. پئن جرمن ازم جي حامي آسٽريائي ماڻھن جرمني سان گڏ ٿيڻ جي خواهش پئي ڪئي ۽ اھي ان اميد سان ھيا تہ اسٽرو ھنگري ايمپائر ختم ٿئي تہ جيئن جرمني ۽ آسٽريا ھڪ ٿي وڃن[29].

آرچڊيوڪ فرانز فرڊيننڊ جنھن جي قتل سان پھرين جنگ عظيم جي شروعات ٿي

1908ع ۾ آسٽرو ھنگري ايمپائر بوسنيا ۽ ھرزگوينيه کي پنھنجي حدن ۾ شامل ڪري ڇڏيو[30] 1914ع ۾ سرجيوو ۾ ھڪ بوسنيائي سرب گويرلو پرنسپ آرچڊيوڪ فرانز فرڊيننڊ کي قتل ڪيو[31] جنھن واقعي کي بنياد بڻائي سياستدانن ۽ جنرلن شھنشاھ کي سربيا خلاف جنگ شروع ڪرڻ لاء قائل ڪيو جنھن سان عالمي جنگ ڇڙي پئي ۽ نتيجتن اسٽرو ھنگري ايمپائر ٽٽي وئي. ڏھ لک کان وڌيڪ آسٽروھنگري فوجي مارجي ويا[32]. 21

پھرين آسٽريائي ريپبلڪ[سنواريو]

آڪٽوبر 1918ع تي آسٽريا جي شھر ويانا ۾ شاھي پارليامينٽ رائخسريٽ ۾ جرمن ميمبر گڏ ٿيا جتي انھن جرمن آسٽريا صوبي جي قومي اسيمبلي جو اجلاس منعقد ڪيو. 30 آڪٽوبر تي ان اسيمبليءَ سٽاٽسرٽ نالي سان جرمن آسٽريا جي ريپبلڪ جو اعلان ڪيو. شھنشاھ کين اٽلي سان جنگبندي ۾ حصي وٺڻ جي دعوت ڏني. شھنشاھ 11 نومبر تي نئين ۽ پراڻي حڪومتن جي صلاح سان اعلان ڪيو تي ھو ڪنھن بہ رياستي معاملي ۾ حصو نہ وٺندو. 12 نومبر تي جرمن آسٽريا قانوني طور تي پاڻ کي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ھجڻ جو اعلان ڪيو اھڙي طرح بادشاهت جو خاتمو آندو

جرمن ٻولي ڳالھائيندڙ صوبا 2018 ۾ جرمن آسٽريا جي دعويداري ۾ ,: ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل

ھبسبرگ گھراڻي واري آسٽرو ھنگري ۾ جرمن آسٽريا جو نالو جرمنن ابادي جي اڪثريت وارن علائقن جي لاء غيرسرڪاري طور تي استعمال ڪيو ويندو هو[33]. انچلوس (جرمني ۽ آسٽريا جو انضمام) جو مطالبو آسٽريا ۽ جرمني جو ھڪ ھردلعزيز مطالبو ھيو[34][35] سينٽ جرمين معاھدي ۽ ورسيليز واري معاهدي ۾ جرمني ۽ آسٽريا جي الحاق جي لاءِ منع ڪئي وئي ھئي[36][37] انھن معاھدن جرمن آسٽريا تي زور رکيو ته ان جي نالو تبديل ڪري ريپپلڪ آف آسٽريا رکي جنھن تحت پھرين آسٽريائي ريپبلڪ قائم ڪئي وئي[38][39] آسٽريائي ريپبلڪ کان ٻاھر رھندڙ 30 لک آسٽريائي جرمن نئين رياستن چيڪوسلاواڪيا، يوگوسلاويا، ھنگري ۽ اٽلي ۾ اقليتي آبادي بڻجي ويا[40] پھرين جنگ عظيم جي خاتمي بعد آسٽريائي ڪرنسي ڪرون پنھنجو قدر وڃائي چڪي ھئي ۽ معيشت افراط زر جو شڪار ٿي چڪي ھئي. معاشي بھتري آڻڻ لاءِ ليگ آف نيشنز جي نگراني ۾ آسٽريا جي بين الاقوامي قرض ڏنا ويا[41] تہ جيئن رياست کي ڏيوالي نڪرڻ کان بچائي ان جي ڪرنسي کي مستحڪم ڪري سگھجي. 1925ع ۾ ڪرون کي ختم ڪري آسٽريائي شلنگ نالي ڪرنسي متعارف ڪرائي وئي جنھن جي ھڪ شلنگ کي ڏھ ھزار ڪرون جي برابر ڪيو ويو اھڙي طرح چ1929ع تائين معيشيت ۾ ڪجهه بھتري آندي وئي. پھرين آسٽريائي ريپبلڪ 1933ع تائين قائم رھي سگھي ڇوتہ ان سال ريپپلڪ بجي چانسلر اينجلبرٽ ڊولفس پارليامينٽ ذريعي ملڪ ۾ اٽلي جي فاشسٽ طرز تي ھڪ آمراڻو نظام قائم ڪري چڏيو[42][43][44] [44] ملڪ ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي[42][43][45] [46] سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي تي بندش وڌي وئي ۽ ان جي ڪارڪنن کي جيل موڪليو ويو يا کين ملڪ ڇڏڻ لاء مجبور ڪيو ويو[45] پھرين مئي 1934 ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو جنھن ذريعي ڊولفس جي اقتدار کي مضبوط ڪيو ويو پر ان سال 25 جولاء تي کيس نازي فوجي بغاوت ۾ قتل ڪيو ويو[47][48]

ٻين جنگ عظيم[سنواريو]

ايڊوولف ھٽلر 1938 م ويانا ۾ ھيلڊينپلاٽز ۾ تقرير ڪندي

ڊولفس جو جائنشين ڪرٽ ششنگ آسٽريا کي ھڪ جرمن رياست طور ۽ آسٽريائين کي بھتر جرمن طور قبوليو پر ھن آسٽريائي خودمختياري چاھي پئي[49] ھن 13 مارچ 1938ع ۾ آسٽريا جي جرمنيءَ کان خودمختياري جو ريفرينڊم ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر 12 مارچ تي آسٽريائي نازين حڪومت پنھنجي ڪنٽرول ۾ آندي ۽ جرمني جي فوجين ملڪ تي قبضو ڪيو[50] 13 مارچ 1938ع ۾ انچولس جو سرڪاري اعلان ڪيو ويو. 15 مارچ تي آسٽريا ڄاول ايڊولف ھٽلر ويانا شھر جي ھڪ علائقي ھيلڊينپلاٽز ۾ جرمني ۽ آسٽريا جي جرمن رائخ (نازي جرمني) سان انضمام جو اعلان ڪيو. اھڙي طرح آزاد آسٽريا جو خاتمو ٿي ويو. ھن اپريل 1938ع ۾ ان انضمام جي توثيق لاء رائشماري پڻ ڪرائي. آسٽريا اھڙي طرح ٽين رئيخ جو حصو ٿي ويو. 10 اپريل 1938 تي ان گڏيل رياست جون پارلياماني چونڊون ڪرايون جيڪي نازي دور جون جرمن رائخٽيگ جون آخرين چونڊون ھيون جيڪي درحقيقت ھڪ سوال تي ريفرنڊم وانگر ھيون جنھن ۾ عوام کان پڇيو ويو ته ڇا ووٽرن کي اڪيلي نازي پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ 813 رائخٽيگ جي ميمبرن جي فھرست قبول آھي. يھودين ۽ خانابدوشن کي ووٽ جي اجازت نہ ڏني وئي[51] موجوده جرمني واري حصي ۾ چونڊن ۾ عوامي شرڪت %99.5 ھئي جنھن مان %98.9 سيڪڙو جو جواب ھا ھيو. آسٽريا ايڊولف ھٽلر جو اباڻو وطن ھيو جتي %99.71 سيڪڙو ووٽرن يعني 4,484,475 ڄڻن ووٽ ڏنو جن مان %99.73 سيڪڙو ھا ۾ جواب ڏنو[52] [53] [54]

1945ع ۾ مائوٿازن حراستي ڪيمپ مان آزادي

ويانا يھودي اڪثريت وارو علائقو ھيو. يھودين جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون، کين حراستي ڪيمپن م بند ڪيو ويو ۽ انھن کي گئس چئمبرن واري ڪيمپن ۾ ماري ساڙي ناس ڪرڻ شروع ڪيو ويو. 13 اپريل 1945ع تي نازين جي شڪست سان سوويت يونين آڏو ويانا پيش پيو ۽ جلد پوء ٽين رئيخ (جرمني جي نازي حڪومت) پڻ پيش پئي. آسٽريا جي سوشلسٽ پارٽيءَ جي سوشل ڊيموڪريٽن ۽ انقلابي سوشلسٽن ڪارل رينر ۽ ايڊولف شارف، آسٽريا جي پيپلز پارٽي ( اڳوڻي: ڪرسچين سوشل پيپلز پارٽي) جي ليئوپولڊ ڪنشڪ، آسٽريا جي ڪميونسٽ پارٽي جي جوھان ڪوپلينگ 27 اپريل 1945ع تي ٽين رئيخ (نازي جرمني) کان علحدگي جو اعلان ڪندي ويانا ۾ عبوري حڪومت قائم ڪئي جنھن جو رياستي چانسلر ڪارل رينر ٿيو جنھن کي سرخ فوج ۽ جوزف اسٽالن جي حمايت حاصل هئي[55]. اھڙي طرح ٻين ريپپلڪ جو جنم ٿيو. اپريل جي آخر تائين اولھ ۽ ڏکڻ آسٽريا اڃان ٽئين ريخ جي قبضي ۾ ھئا. پھرين مئي 1945ع تي تي 1929ع وارو آئين بحال ڪيو ويو.
ٻين جنگ عظيم ۾ آسٽريا جا 260000 فوجي مارجي ويا[56]. يھودين جي ھولوڪاسٽ ۾ 65000 يھودي ماريا ويا[57] 1938 ۽ 1939ع ۾ 140000 يھودي آسٽريا مان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ھزارين آسٽريائي شھرين نازين جي سنگين ڏوھن ۾ شرڪت ڪئي. 1992ع ۾ چانسلر فرانز ورئنتزڪي 1992ع ۾ سرڪاري طور تي تسليم ڪيو ته رڳو ,مائوٿازن حراستي ڪيمپ ۾ ھڪ لک کان مٿي ماڻھو ماريا ويا.

آسٽريا جي ٻين ريپپلڪ[سنواريو]

ويانا ۾ گڏيل قومن جي افيس جيڪا دنيا ۾ اقوام متحده جي چئن سڀ کان وڏين آفيسن مان ھڪ آھي

جرمني جو وڏو حصو اتحادي فوجين جي قبضي ۾ آيو. آسٽريا چئن حصن ۾ ورھائجي ويو جن ۾ سوويت زون، آمريڪي زون، برٽش زون ۽ فرينچ زون شامل ھيا. سوويت زون کي ڇڏي باقي ٽن حصن تي آسٽريا جي اتحادي ڪميشن حڪمران ٿي [58] ويانا واري سوشل ڊيموڪريٽن ، ڪنزرويٽو ۽ ڪميونسٽن جي گڏيل آسٽريائي حڪومت کي اولھ وارن اتحادين آڪٽوبر 1945ع ۾ تسليم ڪيو جيڪا 1947ع تائين قائم رهي[59] 15 مئي 1955 ۾ چئني قابض طاقتن وچ ۾ آسٽرين اسٽيٽ ٽريٽي نالي معاھدو ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ 26 آڪٽوبر 1955 تي سڀئي طاقتون اتان دستبردار ٿي ويون ۽ آسٽريا ھڪ مڪمل خودمختيار ملڪ بڻجي ويو. سوويت ۽ آمريڪي بلاڪن وچ ۾ سرد جنگ جي شروعات ۾ ئي آسٽريا جي پارليامينٽ قانون منظور ڪري غيرجانبدار رھڻ جو فيصلو ڪيو[60] ان ڏينھن کي ھاڻي آسٽريا جو قومي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي[61]

آسٽريا 1995ع ۾ يورپي يونين ۾ شامل ٿيو ۽ 2007 ۾ لزبن ٽريٽي تي صحيح ڪئي

ٻين ريپپلڪ جو سياسي نظام 1929ع جي آئين مطابق آھي. ڪرٽ وئلڌيم 1986 کان 1992ع تائين آسٽريا جو صدر رھيو جيڪو ٻين جنگ عظيم ۾ نازي فوج ۾ آفيسر ھيو ۽ مٿس جنگي ڏوھن جا پڻ الزام ھيا[62] 1994ع ۾ يورپين يونين ۾ شامل ٿيڻ لاء عوامي ريفرينڊم ڪرايو ويو جنھن ۾ ٻہ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ماڻھن يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ لاء ووٽ ڏنو. اھڙي طرح پھرين جنوري 1995ع تي آسٽريا يورپي يونين جو حصو ٿي ويو[63]

جاگرافي[سنواريو]

آسٽريا جو ٽوپو گرافي وارو نقشو جنھن ۾ ھڪ لک کان مٿي آبادي وارا شھر ڏيکاريل

الپس واري علائقي ۾ واقع ھجڻ سبب آسٽريا گھڻي ڀاڱي جابلو ملڪ آھي[64] وچ اوڀر وارو الپس، اتر لائم اسٽون الپس ۽ ڏکڻ لائم اسٽون الپس جزوي طور تي آسٽريا ۾ واقع آھن. آسٽريا اتر ۾ °46 ۽ °49 ڊگرين جي وچ واري ويڪرائي ڦاڪ ۽ اوڀر ۾ °9 ۽ °18 ڊگرين جي وچ واري ڊگھائي ڦاڪ ۾ واقع آهي. آسٽريا کي پنجن علائقن ۾ ورھائي سگھجي ٿو جن ۾ سڀ کان وڏو علائقو ايسٽرن الپس وارو آھي جيڪو پوري ملڪ جي پکيڙ جو %62 آھي. الپس جبلن جي دامن وارو علائقو ۽ ڪارپيٿيائي جبل وارو علائقو جيڪو ڪل پکيڙ جو %12 سيڪڙو آھي. اوڀر پاسي واري جابلو دامن لڳ پئنوني واري ھيٺاھين ٻھراڙيءَ واري علائقي جي مدار جي پسگردائيءَ جيڪا پڻ ڪل پکيڙ جو %12 سيڪڙو آھي. اتر وارا جابلو علائقا جيڪي آسٽريا جي گرينائيٽ واري پليٽ سڏبا آهن جيڪي بوھيميائي جي وچولي ۾ واقع آھن جيڪي ڪل پکيڙ جو %10 سيڪڙو آھن. ھڪ علائقو ويانا واري طاس وارو آھي جيڪو ڪل پکيڙ جو 4 سيڪڙو آھي.

آبھوا[سنواريو]

ڪوپن واري موسمي درجابندي وارو آسٽريا جو نقشو[65]

آسٽريا جو وڏو حصو ٿڌ يا ٽيمپريٽ موسم واري زون ۾ واقع آهي جتي اولھ جون گھم واريون ھوائون زور سان گھلن ٿيون. ملڪ جو ٽن جو چوٿون حصو الپس جبلن تي مشتمل آهي جنھن ڪري اتي الپائين موسم غالب آھي. سياري ۾ ھن ملڪ ۾ تمام گهڻي ٿڌ ٿئي ٿي (−10 کان 0° پد) ۽ اونھاري ۾ نسبتن اوچو پد رھندو آھي[66] ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪَ گرمي پد °40.5 گريڊ آگسٽ 2013 ۾ رڪارڊ ڪيو ويو ھو. باقي سراسري گرمي پد °20 جي وچ تائين رھندو آھي[67]

ڪوپن واري موسمي درجابندي مطابق آسٽريا جون موسمون مختلف قسمن جون آھن جن ۾ سامونڊي موسم، گھميل براعظمي موسم، سب آرڪٽڪ موسم، ٽونڊرا موسم ۽ آئس ڪيپ موسم شامل آهن[67][68][69]

سياسي نظام[سنواريو]

ويانا ۾ آسٽريا جي پارليامينٽ
ويانا ۾ ھوفبرگ شاھي محل جي ليئوپولڊن ونگ

آسٽريا جي پارليامينٽ ملڪ جي گادي جي ھنڌ ويانا ۾ واقع آهي جيڪو ملڪ جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو آھي. آسٽريا وفاقي نمائندگي واري جمھوريت واري ريپپلڪ آھي جيڪا 1920ع واري وفاقي آئين تحت قائم آھي جنھن کي 1929 ۾ ترميمون آڻي تبديل ڪيو ويو ھو پر پھرين مئي 1945ع ۾ ان کي ٻيھر پراڻي حالت ۾ بحال ڪيو ويو ھو[70] آسٽريا ڊيموڪريٽڪ فيڊرل جمهوريه آهي، جنهن جو هيڊ آف اسٽيٽ ۽ فوج جو ڪمانڊر انِ چيف صدر آهي، جنهن کي عوام 06 سالن لاءِ چونڊيندو آهي[9]. صدر کي سڌوسنئون عوام ووٽ ذريعي چونڊيندو آھي. وفاقي حڪومت جو سربراھ چانسلر آھي جنھن کي صدر چونڊيندو آھي. آئين مطابق حڪومت کي ھٽائڻ جو اختيار صدر ۽ پارليامينٽ جي ھيٺين ايوان وٽ آهي. پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي جي ھيٺين ايوان جو نالو نيشنلراٽ آھي جنھن جون ڪل 183 سيٽون آهن ۽ رڪنن جو مدو پنج سال آھي جنھن کي 16 سال ۽ وڌيڪ عمر وارا ووٽر چونڊيندا آهن. ووٽرن جي عمر پھرين 18 سال ھئي جنھن کي 2007 ۾ گھٽائي 16 سال ڪئي وئي . صدر ۽ پارليامينٽ لاء ووٽنگ لازمي آهي[71] نيشنلراٽ جي تحليل چانسلر جي سفارش تي صدر جي حڪم سان ٿيندي آهي. اھو پارليامينٽ جو سڀ کان بااختيار ادارو آھي. پارليامينٽ جو ٻيون ايوان مٿيون ايوان آھي جنھن کي بندسراٽ سڏين ٿا. ان کي نيشنلراٽ جي قانونسازي کي محدود پيماني تي ويٽو ڪرڻ جا اختيار آھن جنھن کان پوءِ ان تي نيشنلراٽ ۾ ٻيھر ووٽنگ ڪرائي ويندي آهي جيڪا حتمي ھوندي آھي[72].

بالھاسپلاٽز تي واقع وفاقي چانسلري

آڪٽوبر 2006 جي عام چونڊون ۾ آسٽريا جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ھڪ طاقتور پارٽي طور اڀري آئي. جڏھن تہ آسٽرين پيپلز پارٽي ٻئين نمبر تي رھي[73][74] ان باوجود آسٽرين پيپلز پارٽي ننڍين پارٽين سان ملي ڪري مخلوط حڪومت ٺاھي.2013 ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي 27 سيڪڙو ووٽ ۽ 52 سيٽون کنيون ۽ پيپلزپارٽي 24 سيڪڙو ووٽ ۽ 47 سيٽون حاصل ڪيون. فريڊم پارٽي 21 سيڪڙو ووٽ ۽ 40 سيٽون حاصل ڪيون ۽ گرين پارٽي 12 سيڪڙو ووٽ ۽ 24 سيٽون حاصل ڪيون. 2017 جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي نوجوان قائد سيباسٽيان ڪرز جي اڳواڻي ۾ 62 سيٽون حاصل ڪيون ۽ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي 52 سيٽون کڻي ٻئي نمبر تي آئي ۽ فريڊم پارٽي 51 سيٽون حاصل ڪيون. پيپلزپارٽي مخلوط حڪومت ٺاهي جنھن ۾ سيباسٽيان ڪرز چانسلر ٿيو ٿيو ۽ 18 ڊسمبر 2017ع ۾ پنھنجي عھدي جو قسم کنيو پر 2019 ۾ اھا حڪومت ڊھي وئي. 2019 جي چونڊن ۾ وري پيپلز پارٽي اڪثريت سان کٽي آئي، کيس 37.5 سيڪڙو ووٽ مليا ۽ گرين پارٽي سان ملي حڪومت ٺاھي. 7 جنوري 2020 تي سيباسٽيان ڪرز وري چانسلر جي عھدي جو قسم کنيو.

انتظامي ورهاست[سنواريو]

آسٽريا 9 رياستن تي مشتمل ھڪ وفاقي رياست آھي. رياست کي جرمن ٻولي ۾ بندسلينا (Bundesländer) چوندا آهن[75] اھي رياستون وري ضلعن ۾ ورھايل آھن جن کي جرمن ٻولي ۾ بزائرڪ (Bezirke) چون ٿا. ضلعا وري ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھن. قانون ذريعي قرار ڏنل شھر ساڳي وقت ميونسپلٽي ۽ ضلعي جو درجو رکندڙ آھن. صرف ويانا شھر ھڪ منفرد حيثيت رکي ٿو ڇوتہ اھو ساڳي وقت رياست پڻ آھي. رياستون انتظامي اختيارن کان علاوه مخصوص معاملن ۾ قانونسازي جو اختيار پڻ رکن ٿيون جن ۾ ثقافتي، سماجي ڀلائي، فطرتي تحفظ، شڪار، عمارتسازي وغيره شامل آهن.

رياست گادي جو هنڌ پکيڙ
چورس ڪ م
آبادي
(1 جنوري 2017)
گھاٽائي
في چورس ڪ م
جي ڊي پي (يورو)


(2012 يورو رياست)

جي ڊي پي
في ڪس
برجنلينڊ آئزن اسٽڊٽ 3,965 291,942 73.6 7.311 ارب 25,600
ڪرينٿيا ڪليگنفرٽ 9,536 561,077 58.8 17.62 ارب 31,700
لوئر آسٽريا سنڪٽ پولٽن 19,178 1,665,753 86.9 49.75 ارب 30,800
سلزبرگ سلزبرگ 7,154 549,263 76.8 23.585 ارب 44,500
اسٽيريا گراتس 16,401 1,237,298 75.4 40.696 ارب 33,600
ٽرول انسبروڪ 12,648 746,153 59.0 28.052 ارب 39,400
اپر آسٽريا لنز 11,982 1,465,045 122.3 53.863 ارب 38,000
ويانا 415 1,867,582 4,500 81.772 ارب 47,300
وورارلبرگ بريگنز 2,601 388,752 149.5 14.463 ارب 38,900
[76]

معيشت[سنواريو]

ويانا بين الاقوامي مرڪز گڏيل قومن جي آفيس سميت ۽ ڊي سي ٽاورز جو ٽاور نمبر 1

آسٽريا دنيا جي ملڪن جي ناليوار جي ڊي پي جي شرح مطابق تمام مٿاھين شرح وارن ملڪن ۾ شامل آهي[77] ان جي معيشت تمام وڏي پيماني تي صنعتي ۽ تمام ترقي يافته سوشل مارڪيٽ واري آهي. 1980 جي ڏھاڪي تائين وڏي صنعت کي سرڪاري بڻايو ويو پر بعد ۾ پرائيويٽائيزيشن ذريعي سرڪاري صنعتي يونٽن ۾ ڪمي آئي. صنعت کان پوءِ سياحت ھن ملڪ جي معيشيت جو وڏو شعبو آهي. 2007 ۾ بين الاقوامي سياحت جي آمدني ۾ آسٽريا دنيا ۾ نائين نمبر تي ھو. ان سال ھن ملڪ جي سياحتي آمدني 18.9 ارب ڊالر ھئي. سياحن جي تعداد واري شمار ۾ ان سال ھي ملڪ ٻارھين نمبر تي آيو. ملڪ ۾ ان سال 2 ڪروڙ 8 لک سياح گھمڻ آيا[78] ملڪ جو سڀ کان وڏو واپاري شراڪتدار تاريخي طور تي جرمني رھيو آھي. يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ سان ھن ملڪ جا يونين جي رڪن ملڪن سان معاشي لاڳاپن ۾ ويجھڙائپ وڌڻ سان ھن ملڪ جي جرمني تي واپاري دارومدار کي گھٽايو آھي. يورپي يونين جي رڪنيت سان پرڏيھي سيڙپڪاري جو ھتي زبردست اضافو ٿيو آهي. 2006ع ۾ جي ڊي پي جي واڌ 3.3 سيڪڙو تائين پھتي[79] ملڪ جي درآمدن جو 67 سيڪڙو يورپي يونين جي رڪن ملڪن مان آھي[80]

آسٽريا يوروزون (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل) واري مالياتي يونين م شامل آھي ۽ يورپي يونين جي سنگل مارڪيٽ جو حصو آهي

آسٽريا جي مکيه زرعي پيداوار ۾ پٽاٽا، جوئر، چقندر، مڪئي، ڪڻڪ، ڪپهه ۽ انگور وغيره شامل آهن. مکيه صنعتن ۾ فولاد، مشينري، گاڏيون، بجليءَ جو سامان، آپٽيڪل شيشي جون پروڊڪٽس، ڪاغذ، ٽيڪسٽائيل، سيمنٽ، ڪيميائي شيون آهن ۽ مکيه معدنيات ۾ ڪپهه، لوهه، تيل، ميگنائيٽ، گرينائيٽ، قدرتي گيس، جست،ٽامو ۽ زنڪ آهي[9].

حوالا[سنواريو]

  1. "Kommission für Migrations und Integrationsforschung der Österreichischen Akademie der Wissenschaften" (PDF). Statistik Austria. صفحو. 27.  (total population to calculate percentages with is on page 23)
  2. "Population by Year-/Quarter-beginning". 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "Austria". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 24 January 2018. 
  4. "Regional Languages of Austria". Rechtsinformationssystem des Bundes. 
  5. "Gini coefficient of equivalised disposable income (source: SILC)". Eurostat Data Explorer. حاصل ڪيل 4 December 2015. 
  6. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. وقت March 27, 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل March 23, 2017. 
  7. "Austria". Encyclopædia Britannica. وقت 19 April 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 May 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. "Die Bevölkerung nach Umgangssprache, Staatsangehörigkeit und Geburtsland" (PDF). Statistik Austria. وقت 13 November 2010 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 November 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 [http://encyclopediasindhiana.org article.php?Dflt=آسٽريا آسٽريا : (Sindhianaسنڌيانا)]
  10. "Rome's metropolis on the Danube awakens to new life". Archäologischer Park Carnuntum. Archäologische Kulturpark Niederösterreich Betriebsgesellschaft m.b.H. وقت 16 January 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 February 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. 11.0 11.1 Johnson 19
  12. 12.0 12.1 Johnson 20–21
  13. 13.0 13.1 Johnson 21
  14. Lonnie Johnson 23
  15. 15.0 15.1 Lonnie Johnson 25
  16. 16.0 16.1 Brook-Shepherd 11
  17. Lonnie Johnson 26
  18. " The Catholic encyclopedia". Charles George Herbermann (1913). Robert Appleton company.
  19. "Bentley's miscellany". Charles Dickens, William Harrison Ainsworth, Albert Smith (1853).
  20. Lonnie Johnson 26–28
  21. Lonnie Johnson 34
  22. 22.0 22.1 Johnson 36
  23. Lonnie Johnson 55
  24. Schulze 233
  25. Lonnie Johnson 59
  26. "Das politische System in Österreich (The Political System in Austria)" (PDF) (ٻولي ۾ German). Vienna: Austrian Federal Press Service. صفحو. 24. وقت 23 April 2014 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 July 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  27. Unowsky, Daniel L. (2005). The Pomp and Politics of Patriotism: Imperial Celebrations in Habsburg Austria, 1848–1916. Purdue University Press. p. 157. 
  28. Evan Burr Bukey, Hitler's Austria: Popular Sentiment in the Nazi Era, 1938-1945, p. 6
  29. Brigitte Hamann, Hitler's Vienna: A Portrait of the Tyrant as a Young Man, p. 394
  30. "The Annexation of Bosnia-Herzegovina, 1908". Mtholyoke.edu. وقت 23 March 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 March 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  31. Johnson 52–54
  32. Grebler, Leo and Winkler, Wilhelm The Cost of the World War to Germany and Austria-Hungary, Yale University Press, 1940.
  33. Alfred D. Low, The Anschluss Movement, 1918–1919, and the Paris Peace Conference, pp. 135–138
  34. Alfred D. Low, The Anschluss Movement, 1918–1919, and the Paris Peace Conference, pp. 3–4
  35. Mary Margaret Ball, Post-war German-Austrian Relations: The Anschluss Movement, 1918–1936, pp. 11–15
  36. Roderick Stackelberg, Hitler's Germany: Origins, Interpretations, Legacies, pp. 161–162
  37. "Treaty of Peace between the Allied and Associated Powers and Austria; Protocol, Declaration and Special Declaration [1920] ATS 3". Austlii.edu.au. وقت 17 September 2000 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 June 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  38. Mary Margaret Ball, Post-war German-Austrian Relations: The Anschluss Movement, 1918–1936, pp. 18–19
  39. Montserrat Guibernau, The Identity of Nations, pp. 70–75
  40. Brook-Shepherd 246
  41. Brook-Shepherd 257–8
  42. 42.0 42.1 Lonnie Johnson 104
  43. 43.0 43.1 Brook-Shepherd 269–70
  44. 44.0 44.1 Brook-Shepherd 261
  45. 45.0 45.1 Johnson 107
  46. Brook-Shepherd 283
  47. Lonnie Johnson 109
  48. Brook-Shepherd 292
  49. Ryschka, Birgit (1 January 2008). Constructing and Deconstructing National Identity: Dramatic Discourse in Tom Murphy's The Patriot Game and Felix Mitterer's In Der Löwengrube. Peter Lang. ISBN 9783631581117. https://books.google.com/books?id=Vsl6mwMXl4YC&pg=PA37. Retrieved 19 June 2017. 
  50. Lonnie Johnson 112–3
  51. Robert Gellately, Social Outsiders in Nazi Germany, (2001), p. 216
  52. Evan Burr Bukey, Hitler's Austria: Popular Sentiment in the Nazi Era, 1938–1945, p. 33
  53. Ian Kershaw, 2001, Hitler 1936–1945: Nemesis, p. 83
  54. Roderick Stackelberg, Hitler's Germany: Origins, Interpretations, Legacies, p.170
  55. Lonnie Johnson 135–6
  56. Rüdiger Overmans. Deutsche militärische Verluste im Zweiten Weltkrieg. Oldenbourg 2000.
  57. Anschluss and World War II آرڪائيو ڪيا ويا 20 August 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Britannica Online Encyclopedia.
  58. Lonnie Johnson 137
  59. Manfried Rauchensteiner: Der Sonderfall. Die Besatzungszeit in Österreich 1945 bis 1955 (The Special Case. The Time of Occupation in Austria 1945 to 1955), edited by Heeresgeschichtliches Museum / Militärwissenschaftliches Institut (Museum of Army History / Institute for Military Science), Vienna 1985
  60. Lonnie Johnson 153
  61. "The Austrian National Day". Austrian Embassy, Washington. وقت 25 October 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 October 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  62. "Kurt Waldheim | president of Austria and secretary-general of the United Nations". Encyclopedia Britannica. وقت 26 September 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 September 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  63. Brook-Shepherd 447,449
  64. "Alps". Encyclopædia Britannica. Encyclopædia Britannica Online. وقت 1 June 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 June 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  65. Beck, Hylke E.; Zimmermann, Niklaus E.; McVicar, Tim R.; Vergopolan, Noemi; Berg, Alexis; Wood, Eric F. (30 October 2018). "Present and future Köppen-Geiger climate classification maps at 1-km resolution". Scientific Data 5: 180214. doi:10.1038/sdata.2018.214. PMID 30375988. Bibcode2018NatSD...580214B. 
  66. "Average Conditions, Vienna, Austria". British Broadcasting Corporation. وقت 2 December 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 May 2009. 
  67. 67.0 67.1 67.2 67.3 "Austrian Meteorological Institute". وقت 12 August 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 August 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  68. "Climate-Data.org". وقت 15 April 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 April 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  69. Zampieri, Matteo; Scoccimarro, Enrico; Gualdi, Silvio (2013). "Atlantic influence on the Alps". Environmental Research Letters 8 (3): 034026. doi:10.1088/1748-9326/8/3/034026. Bibcode2013ERL.....8c4026Z. 
  70. Lonnie Johnson 17, 142
  71. "Bundesministerium für Inneres – Elections Compulsory voting". Bmi.gv.at. وقت 3 November 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 January 2009. 
  72. "Willkommen beim Österreich Konvent". Konvent.gv.at. وقت 4 January 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 21 November 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  73. "24 November 2002 General Election Results – Austria Totals". Election Resources on the Internet. وقت 7 July 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 June 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  74. "October 1st, 2006 General Election Results – Austria Totals". Election Resources on the Internet. وقت 7 July 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 June 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  75. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named CIA
  76. "Archived copy". وقت 6 October 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 October 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  77. "Austria". International Monetary Fund. وقت 25 November 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 April 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  78. "UNTWO World Tourism Barometer, Vol.6 No.2" (PDF). UNTWO. وقت 31 October 2008 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 November 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  79. Real GDP Growth – Expenditure Side آرڪائيو ڪيا ويا 6 November 2018 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., provided by the Austrian National Bank Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value).
  80. "OEC – Austria (AUT) Exports, Imports, and Trade Partners". atlas.media.mit.edu. وقت 13 March 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 March 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)