مواد ڏانھن هلو

سالزبرگ رياست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سلزبرگ (رياست) کان چوريل)
سلزبرگ
رياست
سلزبرگ
پرچم
سلزبرگ
قومی نشان
Location of سلزبرگ
ملڪ  آسٽريا
ملڪ سلزبرگ
حڪومت
  گورنر ولفريڊ ھيسلئئر (آسٽرين پيپلز پارٽي)
  ڊپٽي گورنر
پکيڙ
  ڪل 7,156.03 ڪ.م2 (2,762.96 ميل2)
آبادي (2020)
  ڪل 558,410

سلزبرگ (انگريزي: Salzburg ) آسٽريا جي ھڪ رياست جو نالو آهي[1][2][3] لفظ سلزبرگ جي معنيَ آهي لوڻ وارو قلعو. ان جو سرڪاري نالو سيلزبرگرلينڊ آھي جنھن جي گادي جو سلزبرگ شھر آھي. ریاست جي ٻين شھرن جا نالا ھالين، سالفلڊين، بيشوفسھوفن، زيڪرخين ۽ ميترسيل شامل آهن. رياست 1999 ۾ نئون آئين نافذ ڪيو جنھن تحت رياستي حڪومت جو سربراھ گورنر آھي جنھن کي رياست جي اسيمبلي يا لينڊٽيگ چونڊيندي آھي. اسيمبلي جي چونڊ پنجن سالن لاء ٿيندي آهي. 2018 جي چونڊن ۾ ھتي آسٽرين پيپلز پارٽي اڪثريت سان چونڊون کٽيون. رياست جي ضلعن جو ڪل تعداد 6، ميونسپلٽين جو تعداد 119 جن ۾ 11 کي وڏن شھرن ۽ 24 کي ننڍن مارڪيٽ وارن شھرن جو درجو ڏنو ويو آھي. 2018 ۾ ھن رياست جي جي ڊي پي 29 ارب يورو ھئي جيڪا آسٽريا جي جي ڊي پي جو 7.5 سيڪڙو ھئي. ھن رياست جي سرڪاري ٻولي جرمن آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Salzburg", Collins English Dictionary, HarperCollins, حاصل ڪيل 29 May 2019۔
  2. "Salzburg", The American Heritage Dictionary of the English Language (5th ڇاپو), Boston: Houghton Mifflin Harcourt, حاصل ڪيل 29 May 2019۔
  3. "Salzburg", Merriam-Webster Dictionary۔