لوئر آسٽريا
ڏيک
لوئر آسٽريا
Niederösterreich | |||
---|---|---|---|
| |||
![]() | |||
ملڪ | ![]() | ||
گادي جو هنڌ | سانڪت پولٽن | ||
Government | |||
• گورنر | جوھانا مڪل ليئٽنر (آسٽرين پيپلز پارٽي) | ||
• ڊپٽي گورنر | |||
Area | |||
• Total |
19,186 ڪ.م2 (7,408 ميل2) |
لوئر آسٽريا(انگريزي: Lower Austria) آسٽريا جي ھڪ رياست جو نالو آهي جيڪا ان جي اتر اوڀر پاسي ۾ واقع آهي. 1921ع ۾ ويانا شھر کي الڳ رياست جو درجو ملڻ باوجود 1986ع تائين لوئر آسٽريا رياست جو گاديءَ جو هنڌ ويانا شھر ۾ رھيو پر ان سال سانڪت پولٽن شھر کي ھن رياست جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. ھن رياست جي ڪل پکيڙ 19186 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ھتان جي آبادي 1685000 آھي. آبادي ۾ اھا ويانا رياست کان پوء آسٽريا جي ٻين وڏي رياست آهي. پکيڙ ۾ ھي رياست آسٽريا جي سڀ کان وڏي رياست آهي. رياست جي سانڪت پولٽن کان سواء ٻين وڏن شھرن جا نالا ايمسٽيٽن، وئينر نيوسٽئڊٽ آھن[2] 2018 جي انگ اکرن مطابق ھن رياست جي جي ڊي پي 61 ارب يورو ھئي. ھي ملڪ چئن ڊويزن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 20 ضلعا ۽ 4 الڳ شھر واقع آھن. رياست ۾ ڪل 573 ميونسپلٽيون واقع آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13.
- ↑ "About the State Parliament of Lower Austria – NÖ Landtag". noe-landtag.gv.at (ٻولي ۾ German). حاصل ڪيل 2020-01-14.
زمرا:
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- سي ايس 1 جي German ٻولي جو مآخذ
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- مضمون جن ۾ جرمن ٻولي جا اکر آھن
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- آسٽريا
- آسٽريا جي رياستون