هٽلر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ايڊولف ھٽلر
Hitler portrait crop.jpg
ھٽلر 1938ع ۾
فيوھرر
عهدو سنڀاليو
2 آگسٽ 1934 – 30 اپريل 1945
پيشروپائول فان ھنڊينبرگ (1919 کان 1945 تائين جرمنيءَ جو صدر)
جانشينڪارل ڊونٽس (صدر)
نازي جرمنيءَ جو چانسلر (1933–1945)
عهدو سنڀاليو
30 جنوري 1933 – 30 اپريل 1945
صدرپائول وان ھنڊينبرگ
(1933–1934)
ڊپٽيفرانز فان پئپين
(1933–1934)
ھرمن گورنگ
(1941–1945)
پيشروڪرٽ فان شليئشر
جانشينجوزف گوئيبلز
نازي جرمنيءَ جو فيوھرر
عهدو سنڀاليو
29 جولاء 1921[1] – 30 اپريل 1945
ڊپٽيرڊولف ھيس (1933–1941)
پيشروانٽون ڊريڪسلر (چيئرمين)
جانشينمارٽن بورمن ( پارٽي جو وزير)
ذاتي تفصيل
پيدائش20 اپريل 1889(1889-04-20)
برائنائو ايم ان، آسٽريا ھنگري
وفات30 اپريل 1945 (عمر 56 سال)
برلن، نازي جرمني
شهريت
  • آسٽريائي (1889–1925)
  • ڪابہ نہ (1925–1932)
  • جرمن (1932–1945)
سياسي جماعتنازي پارٽي (1921–1945)
ٻيون سياسي
وابستگيون
جرمن ورڪرس پارٽي (1919–20)
جيون ساٿيEva Braun (ش. 1945)
ماءُڪلارا پولزل
پيءُالوئس ھٽلر
ڪابينهھٽلر جي ڪابينه
دستخط
فوجي خدمتون
تعلقجرمن ايمپائر
سروس/شاخ
سال خدمتون1914–1920
عهدوجيفريئٽر
لڙائيون/جنگيونپھرين جنگ عظيم
اعزاز

ايڊولف ھٽلر (انگريزي: Adolf Hitler ) (20 April 1889 – 30 April 1945) آسٽريائي نسل وارو ھڪ جرمن سياستدان ۽ نازي پارٽي جو اڳواڻ ھيو. 1932 جون چونڊون کٽي 1933ع ۾ جرمني جو چانسلر مقرر ٿيو. 1934ع ۾ نازي جرمني جو فيوھرر بڻيو. 1921ع کان ھن نازي پارٽي (اين ايس ڊي اي پي) جي قيادت سنڀالي. اقتدار ۾ اچڻ بعد ھن جرمني ۾ آمريت جي شروعات ڪئي جنھن کي ٿرڊ ريخ جو نالو ڏنو ويو. 1933ع ۾ ھن ٻين سمورين سياسي پارٽين تي بندش وجھي ڇڏي جنھن سان کيس مطلق اختيار ملي ويو. 1939ع ۾ ھن پولينڊ تي حملي ڪري فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ھن جي ڪري دنيا ۾ ٻي جنگ عظيم لڳي جنھن سان پنج ڪروڙ ماڻھو موت جو شڪار ٿيا[2]. ٻي جنگ عظيم ۾ جي جرمن فوج جو ڪمانڊر ان چيف ھيو ۽ سمورا اھم فيصلا ھن پاڻ ڪيا ھيا[3].

ننڍپڻ ۽ تعليم[سنواريو]

ھن شخص جو اصلي نالو اَڊولف ۽ پٽ اَليوس جو ھو. سندس ” سرنيم“ يا گھراڻي جو نالو ھٽلر ھو[4].ھن جي خاندان جو تعلق آسٽريا جي ھيٺاھين پاسي جي والڊوائرٽيل علائقي سان ھيو جتي ان کي ھٽلر جي نالي کان علاوہ ھوٽلر خاندان يا ھئڊلر خاندان پڻ سڏيندا ھئا ۽ لفظ ھٽلر اصل م چيڪ ٻولي مان ورتل ھيو[5] [6]. سندس پيءُ اَليوس آسٽريا جي ڳوٺ ”برانو“ (برائنائو ايم ان) ۾ رھندڙ ھو ۽ موچڪو ڌنڌو ڪندو ھو. ھن ٽي شاديون ڪيون ھيون. سندس ٽيءَ زال جو نالو ”ڪَلرا پوزيل“ ھو، جنھن مان کيس 30 اپريل 1889ع ۾ اَڊولف ھٽلر پيدا ٿيو[4].

ھٽلر ٻن سالن جي عمر ۾

ڪلارا پولزل سندس پيء جي سؤٽ پڻ ھئي[7]. ايڊولف اليوس جي ڇھن ٻارن مان چوٿين نمبر تي ھيو[8]. ھٽلر جي پيدائش اَڊولف 21 سالن جي عمر تائين اُنھيءَ ڳوٺ ۾ رھندو آيو. تعليم به اتي ئي ورتائين[4] ھن جي پيدائش آسٽريا-ھنگري رياست جي اترئين پاسي واقع صوبي لنز جي ھڪ ننڍڙي شھر برائنائو ايم ان ۾ ٿي جيڪوجرمني جي رياست بويريا جي سرحد جي لڳ واقع ھيو. ھٽلر جو پيءُ 1903ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس ماءُ ڪلارا ڪيٿولڪ ھئي ۽ 1907ع ۾ وفات ڪري وئي. ھٽلر عيسائيت کان نفرت ڪندو ھو ۽ کيس يھودين کان پڻ نفرت ھئي[9]. هٽلر جي تعليم نهايت ئي گهٽ هئي. آسٽريا جي گاديءَ واري هنڌ ويانا جي آرٽس ڪالج ۾ کيس صرف ان ڪري داخلا نه ملي ته هو انهن جي بنيادي ضرورتن تي پورو لهي نه سگهيو. هي هڪ بهترين مصور هو. 1909ع ۾ ھي ويانا وڃي فنون لطيفه پڙھڻ لاء ويو ۽ آرٽس جي اڪيڊمي ۾ داخلا جو امتحان ڏنائين پر فيل ٿي ويو.[10].

نوڪري[سنواريو]

21 سالن جي عمر ۾ ھو جرمنيءَ جي ميونچ شھر ۾ رازڪو ڪم ڪرڻ لڳو. روز جي ڪم کان واندو ٿيڻ کان پوءِ ھيءُ ڪتابن جو مطالعو ڪندو ھو ۽ ملڪي سياست جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو ھو[4]. 1913ع ۾ آسٽريا-ھنگري ۾ نوجوانن کي فوج م ڀرتي ڪيو پئي ويو ۽ ھٽلر آسٽريائي فوج ۾ شامل ٿيڻ نہ پيو چاھي ان ڪري ھي جرمني لڏي آيو ء ميونخ ۾ رھائش اختيار ڪيائين ٿوري وقت کان پوءِ ھيءُ جرمن فوج جي نوڪريءَ ۾ گھڙيو.

پھرين جنگ عظيم[سنواريو]

پھرين جنگ عظيم ۾ ھٽلر فوجي ساٿين سان گڏ

ھن 16 آگسٽ 1914ع ۾ جرمنيءَ جي بويريائي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ پھرين جنگ عظيم م جرمنيءَ جي پاسي کان وڙھيو. ھي بويريائي رزرو سورھين ريجمينٽ ۾ شامل ھوندي بيلجيم ۽ فرانس ۾ جنگ ۾ وڙھيو ۽ ھن جنگ جو وڏو حصو اولھ واري محاذ تي گذاريو ۽ اتي رنر وارو خطرناڪ ڪم ڪيو جنھن م نياپا ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پھچائڻا ھوندا ھئا [11] پھرين نومبر 1914 تي کيس جيفريئٽر مقرر ڪيو ويو. 2 ڊسمبر 1914 تي سرڪار کيس آئرن ڪراس سيڪنڊ ڪلاس انعام طور ڏنو. 5 آڪٽوبر 2016 تي ھٽلر گولي لڳن سبب زخمي ٿي پيو اھڙي طرح 9 آڪٽوبر کان پھرين ڊسمبر تائين بيلٽز جي فوجي اسپتال ۾ داخل رھيو.[12] مارچ 2013ع تي ھي ٻيھر محاذ تي موٽي آيو. جنگ وڙھيو ۽ کيس ملٽري ميرٽ ڪراس مليو. 4 آگسث 1918ع تي کيس آئرن ڪراس فسٽ ڪلاس مليو. نومبر 2018 م جرمني ھار مڃي. [13] هو فوج ۾ صرف ان ڪري اڳتي وڌي نه سگهيو جو هن جي آفيسرن جي مطابق هن ۾ قائدانه صلاحيتون نه هيون[4].پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ ھن جرمنيءَ طرفان جنگ ۾ پوريءَ سرجوشيءَ سان بھرو ورتو. ليڪن باوجود بھترين لشڪر، عمدن ھٿيارن ۽ پورين تيارين جي، جرمنيءَ ۽ ان جي ساٿي ملڪن ۽ ترڪيءَ جي حڪومتن کي جنگ ۾ شڪست ملي[4]. ان ڪري ھر محبِ وطن جرمن کي ارمان ۽ پشيماني پيدا ٿي. ويتر ورسيلز جي عھدنامي ھنن جي حالت ابتر بڻائي ڇڏي. جنگ ۾ شڪست کائڻ جي سببن معلوم ڪرڻ ۽ وڃايل طاقت ۽ وقار کي وري ھٿ ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ جرمن قوم جا وطن دوست غور ۽ فڪر ڪرڻ لڳا. ھٽلر به نوڪري ڇڏي ڏني، ۽ اُنھيءَ مسئلي تي سوچ ويچار ڪندي ڪندي، ھو ڪن خاص نتيجن تي پھتو[4]. ھن کي جرمن قوم جي ابتريءَ ۽ شڪست جا ٻه ڪارڻ ڏسڻ ۾ آيا[4]:

  1. ھن پھرين ته جمھوري سرشتي حڪومت کي اُن لاءِ جوابدار ٺھرايو، جنھن، ھن جي راءِ مطابق، پارٽي بازيءَ جي اختلافن ڪري، سڄو قومي شيرازو بگاڙي ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو.
  2. ٻيو ڪارڻ جرمن قوم جي ابتريءَ ۽ ڪمزوريءَ جو ھن جي نظر ۾ ھيءُ آيو ته جرمنن جي دل ۽ دماغ تان پنھنجي جرمن قوميت جي عصبيت جو اثر گھٽجي ويو ھو، ۽ ان لاءِ ھُن يھودين کي مکيه ڏوھي ۽ جوابدار ٿي سمجھيو.

يھودين بابت خيال[سنواريو]

ھن جي خيال موجب يھوديت ھڪ خاص نظريي جي حامل ھئي، جنھن نسل، جاگرافيائي حدن جي وطن ۽ اُن جي ڪلچر، زبان ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي ھزارن ورھين جي تاريخي ارتقا جي ذريعي بڻيل قومن جي وجود کي ختم ڪري، قومن جو وجود ڪن خيالي نظرين، جذبن ۽ مذھبي عقيدن جي بنياد تي قائم ڪيو ھو، ۽ اِئين جديد نئشنلزم (قوميت) جي شيرازي ۽ عصبيت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو[4]. ھن جو خيال ھو ته جرمن قوم ۾ قومي عصبيت گھٽ ٿي ويئي ھئي، سا به اُن يھوديت جي اثر ڪري ۽ اُن جي سازشي ڪوشش سبب، ۽ اُن ئي کين ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو[4]. آسپاس وارين ڪيترين قومن کي گھڻن ئي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي تسلط ھو. ليڪن جرمن قوم جڏھن به پنھنجي ترقيءَ ۽ اقتدار لاءِ ڪوشش ٿي ڪئي، ته ان جي راھ ۾ رڪاوٽون وڌيون ٿي ويئون، ۽ اُنھن رڪاوٽن کي مذھب، جمھوريت ۽ ڪميونزم جي نظرين جي نالن ۾ ۽ انھن جي مدد سان مضبوط ڪيو ٿي ويو، جن ٽنھي نظرين کي ھُن يھوديت جي پيداوار ٿي سمجھيو[4]. جوش ۽ مصيبت جي حالت ۾ دماغي توازن ٺيڪ نٿو رھي. ھٽلر کي به اُن وقت ڏسڻ ۾ آيو ته اُھي سڀ ڳالھيون سيميٽڪ (سامي) تخيل جو نتيجو ھيون. جمھوريت ۾ ھن کي مادي ۽ ذھني قوت تي تعداد جي تفوق ۽ آڪرائي جو راز لڪل نظر آيو[4]. ڪميونزم ۾ به ساڳي اُھا ڳالھ ۽ پڻ قوم پرستيءَ جي دشمن نظر آيس. دنيا جي مکيه مذھبن، ڪرسچئنٽي ۽ اسلام، کي ھن يھوديت جي پيداوار ٿي ڄاتو. انھن سڀني جي فروغ ۾ ھن کي قوميت جو موت ٿي نظر آيو[4].

سياسي زندگي[سنواريو]

نازي يا نيشنل سوشلسٽ جرمن ورڪرس پارٽي ۾ سندس رڪنيت وارو ڪارڊ

پھرين جنگ عظيم کان پوء ھي اڃان فوج م رھيو ۽ ميونخ موٽي آيو جتي ھن بويريائي وزيراعظم ڪرٽ آئسنر جي قتل ٿيڻ بعد سندس جنازي ۾ شرڪت ڪئي[14]. 1919 م ھن پروپيگنڊا تي ٿيل تربيتي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. جنھن کان پوء ھن ھڪ ننڍي جماعت جرمن ورڪرس پارٽي ۾ شامل ٿيو[15]. ٻن سالن ۾ ھي ان پارٽي جو اڳواڻ ٿي ويو. ھن ان پارٽي جو نالو تبديل ڪري نيشنل سوشلسٽ جرمن ورڪرس پارٽي رکيو جنھن جو مختصر نالو نازي پارٽي پئجي ويو. 1923ع ۾ پنھنجي پارٽي جي سوين ڪارڪنن جي مدد سان ويئمر ريپبلڪ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ناڪام ڪوششن ڪئي[16] بغاوت ۾ ۾ نازي پارٽي جا 13 رڪن مارجي ويا ۽ ھٽلر کي گرفتار ڪري لينڊسبرگ جيل ۾ رکيو ويو ۽ 9 مھينن بعد کيس آزاد ڪيو ويو [17] ان قيد واري دؤر ۾ ھن پنھنجي دوست رڊولف ھيس جي سھڪار سان پنھنجو جڳ مشھور ڪتاب مين ڪيمف ("Mein Kampf") لکيو[18]. ان ڪتاب م ھن پنھنجا نوان خيال ۽ وضاحتون پيش ڪيون[19]. انھن خيالن ۾ جرمن قوم جي آريائي نسل جي بنياد تي برتري پن شامل ھئي. جرمنيءَ ۾ جمھوريت جي خلاف ھٽلر جي نازي تحريڪ جي زور وٺڻ لاءِ ھيٺيان ڪارڻ شمار ڪري سگھجن ٿا[4].

  1. جرمن قوم مان اڃا قبيلائي عصبيت گھٽ ڪانه ٿي ھئي.
  2. گھڻي وقت کان جرمن قوم کي، اڳرائيءَ واري قومپرستيءَ (قومي تفوق يا غلبي) جي تعليم ۽ تربيت ذريعي جنگجو بڻايو ويو ھو.
  3. پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ شڪست کائڻ ۽ ناجائز صلح جي شرطن ڪري، جرمن قوم ۾ غيرت ۽ انتقام وارو ردعمل پيدا ٿيو ھو.

جنگ کان پوءِ مٿين ڳالھين کان متاثر ٿي، ھٽلر، نوڪري ڇڏي، قوم جي وڃايل طاقت ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو[4]. ھن نئشنل سوشلسٽ (قومي سماج واد) پارٽي ٺاھي، ھڪ اخبار ذريعي ان جا مقصد ۽ پروگرام پکيڙڻ شروع ڪيا[4]؛ اُن ۾ ھن جمھوري سرشتي حڪومت کي ملڪ لاءِ نقصانڪار ھئڻ جو پرچار ڪيو، ۽ جنگي عھدنامن کي رد ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا شروع ڪئي[4]. ابتدا ۾ ھو سوشلزم ذريعي مڪمل اقتصادي انقلاب آڻڻ طرف زياده مائل ھو، ۽ عام ماڻھن کي اُنھيءَ ئي آسري ۽ آڌار تي ڪَٺو ڪرڻ شروع ڪيائين. پر اڳتي ھلي ھن کي محسوس ٿيو ته ملڪ ۾ شاھوڪار طبقو به ڪافي اثر رکندڙ ھو. انھن جي مدد کان سواءِ ساريءَ جرمن قوم کي ھڪ جاءِ تي متحد ۽ منظم ڪرڻ ڏکيو سوال ھو. تنھنڪري انھن جي ھمدردي حاصل ڪرڻ لاءِ ھن نئشنلزم (قوميت) جي ڳالھ کي ترجيح ڏيئي، سوشلزم کي ڪميونزم کان علحده نه ڄاڻي، جرمن قوم کي پنھنجين وڃايل ڪالونين ھٿ ڪرڻ ۾ طاقتور بڻائڻ لاءِ، آريا نسل جي بنياد تي منظم ڪرڻ شروع ڪيو[4]. ھن 1923ع کان پنھنجي اِنھن خيالن جي آڌار تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سنه 1930ع ڌاري سندس پارٽي زور وٺي ويئي، جنھن ۾ ڪيئي لک ميمبر شامل ٿي ويا[4]. 1932ع ۾ جڏھن پريزيڊنٽ جي چونڊ ٿي، ته ھن جي ڌُر کي ڏيڍ ڪروڙ ووٽ مليا[4]. ان ڪري ھن کي وزارت ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني ويئي؛ ليڪن ھن مستقبل کي خيال ۾ رکي، ان ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو[4]. ان کان پوءِ 30 جنوري 1933ع تي چانسلر سليشر جي جاءِ تي ھو جرمن قوم جو چانسلر مقرر ٿيو[4]. سِگھو ئي جرمن پارليامينٽ، جا 'ريچسٽئگ ' سڏبي ھئي، ھن کي چئن سالن لاءِ ڊڪٽيٽري اختيار ڏنا[4]. ھن پريس کي ضابطي ۾ رکيو ۽ مخالفن کي سزائون ڏنيون[4][20]. 1934ع ۾ خود پنھنجيءَ پارٽيءَ ۾ جيڪي رقيب نظر آيس، تن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ھن جلد ئي يھودين کي تنگ ڪري، ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو، ۽ اُن لڏ پلاڻ ۾ ڪيترا جرمن يھودي ختم ٿي ويا[4].

ٻين جنگ عظيم[سنواريو]

1939ع ۾ هن پولينڊ تي ڪاهه ڪئي جيڪا ٻين عالمي جنگ جو سبب بڻي[21]. جرمني جي فوج پولينڊ ، فرانس ۽ سوويت يونين جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو. ھن جي حڪم تي جرمن فوج يھودين جو قتل عام شروع ڪيو ۽ ان نسل ڪشي ۾ سٺ لک يھودين کي ماريو ويو. ان کي ھولوڪاسٽ سڏيو ويندو آهي. انھن يھودين م جرمن، پولش، روسي، روما وغيرہ وارن نسلن جا يھودي شامل ھيا.[22]. آخرڪار 1945ع ۾ اتحادي ۽ سويت يونين جي فوجن جرمني کي شڪست ڏني..

ھٽلر جي شخصيت[سنواريو]

ھٽلر غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ ھو. ساري عمر شادي نه ڪيائين. چي، سندس معشوق ملڪ جي خدمت ھئي، عورت اُن جي جاءِ وٺي نٿي سگھي[4]. گوشت نه کائيندو ھو، شراب پيئڻ کان پري ھوندو ھو، زالن جي صحبت طرف مائل نه ھو، پيسي سان ڪابه رغبت نه ھوندي ھيس[4]. ڪم ڪرڻ کان جڏھن واندو ٿيندو ھو، ته اڪيلائيءَ ۾ غور ۽ فڪر ۾ گذاريندو ھو[4]. سواءِ مخصوص ماڻھن جي، عام سان گھاٽو نه ٿيندو ھو. شخصي دوست ڇِٽا ھوندا ھئس[4]. ابتدا ۾ ھيءُ رومن ڪيٿولڪ مذھب جو پوئلڳ ھو، پر جڏھن طاقت ۾ آيو، ته جرمن قومپرستيءَ جي راھ ۾ مذھب کي رڪاوٽ ڄاڻي، اُن کان ٽھڻ ۽ متنفر ٿيڻ لڳو[4]. ھيُ ھڪ يڪ خيالو ۽ يڪ دليو انسان ھو[4]. ھن جي ڪم جا طريقا ۽ رٿائون بدلبيون رھنديون ھيون پر ھن جا بنيادي مقصد ڪڏھن به نه بدليا ھئا- جيڪي ھر حالت ۾ ھڪ مضبوط ۽ طاقتور جرمنيءَ جي پيدا ڪرڻ لاءِ مخصوص ۽ وقف ھوندا ھئا[4]. ان پنھنجي منزل جي حصول لاءِ ھُو ھر قسم جي ابن الوقتيءَ ۽ ڦيرين گھيرين وغيره کان به نه ھٻڪندو ھو ۽ بنيادي مقصد بھرحال ھر صورت ۾ ۽ ھر وقت سامھون ھوندو ھوس[4]. ھو باھمت ۽ مضبوط ارادي جو مالڪ ھو. جيئن ڪم گھڻو ٿيندو ھوس يا سندس راھ ۾ رڪاوٽون پونديون ھيون، تيئن سندس ارادي جي قوت ۽ عمل جو جذبو زور وٺندو ھو[4]. ھو ملٽريءَ ۾ رھي چڪو ھو، ان ڪري نظام ۽ ضابطي جو ماھر ھو. ٿوري وقت اندر ساٿين جي مدد سان، نمائشي طريقن ۽ سخت پروپيگنڊا ذريعي، ھن جرمن قوم جي ڪثرت تعداد ماڻھن کي، جوش ۽ نفرت جي لھر ۾ لوڙھي، فڪر ۽ سمجھ کان موڙي، جرمن قوم جي عظمت لاءِ، نسلي بنياد تي منظم ڪري ورتو[4]. ھن پنھنجن ماڻھن کي قومي وقار حاصل ڪرڻ لاءِ جوش ڏياريو ۽ اُنھن جي غيرت کي للڪاريو، ۽ جرمنيءَ جي سمورين بي غيرتين ۽ ڪمزورين لاءِ يھودين کي جوابدار ٺھرائي، اُنھن لاءِ جرمن قوم جي دلين ۾ نفرت جا آڙاھ ٻاري ڇڏيا[4].اھي ٻيئي ھن جا نسخا جرمن قوم ۾ عارضي اتحاد ۽ جوش پيدا ڪرڻ لاءِ نھايت ڪارآمد ثابت ٿيا[4].

وفات[سنواريو]

2 مئي 1945 وارو ھڪ آمريڪي اخبار اسٽار اينڊ اسٽرپس جو مکيه صفحو جنھن ۾ ھٽلر جي موت جي خبر ڇپيل

ٻين عالمي جنگ جي آخري ڏينهن ۾ هن پنهنجي زير زمين ٺهيل بنڪر ۾ پنهنجي هڪ ڏينهن اڳ پرڻيل زال ايوا براؤن سان خودڪشي ڪئي[23] مرڻ کان اڳ سويت يونين جي ريڊ آرمي جا سپاھي ھن جي ويجھو پھچي چڪا ھا پر کيس زندہ پڪڙي نہ سگھيا.

حوالا[سنواريو]

  1. Evans 2003180.
  2. Both, Owen (1999) (German ۾). Der Zweite Weltkrieg. Kaiser. p. 7. ISBN 978-3-7043-6046-5. 
  3. "BBC - History - World Wars: Hitler's Leadership Style". bbc.co.uk. حاصل ڪيل 27 April 2011. 
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 4.11 4.12 4.13 4.14 4.15 4.16 4.17 4.18 4.19 4.20 4.21 4.22 4.23 4.24 4.25 4.26 4.27 4.28 4.29 4.30 4.31 4.32 4.33 4.34 4.35 4.36 ڪتاب جو نالو: جديد عالمي سياست مصنف: جي ايم سيد؛ ڇپائيندڙ: سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ، حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال: 1978- [1]
  5. Jetzinger, Franz (1956) (German ۾). Hitlers Jugend.. Europa-Verlag. pp. 11 f. 
  6. Fest, Joachim (1999) (German ۾). Hitler. Eine Biographie. 2. edition.. Ullstein. p. 43. 
  7. Ian Kershaw (1998). Hitler 1889–1936. DVA. p. 37. 
  8. Bullock, Alan (1962). Hitler: A Study in Tyranny. Penguin Books. ISBN 978-0-14-013564-0. 
  9. Alan Bullock; Hitler: a Study in Tyranny; HarperPerennial Edition 1991; p218
  10. Toland, John (1977) (German ۾). Adolf Hitler; Biography 1889-1945. Lübbe Verlag. ISBN 978-3-8289-0540-5. 
  11. Bullock, Allan (1962). Hitler: A Study in Tyranny. Penguin Books. ISBN 978-0-14-013564-0. 
  12. Hitler, Adolf. Mein Kampf. Mariner Books. pp. 50-51. ISBN 978-0-395-92503-4. 
  13. Bullock, Allan (1962). Hitler: A Study in Tyranny. Penguin Books. p. 60. ISBN 978-0-14-013564-0. 
  14. "Picture with Adolf Hitler during the march" (ٻولي ۾ German). Bibliothek der Bayerischen Staatsbibliothek. وقت 4 June 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-04-24. 
  15. Toland, John (1977) (German ۾). Adolf Hitler; Biography 1889-1945. Lübbe Verlag. p. 131. ISBN 978-3-8289-0540-5. 
  16. "Biography and facts about Adolf Hitler". حاصل ڪيل 10 July 2009. 
  17. "The Beer Hall Putsch". Chris Trueman. حاصل ڪيل 10 July 2009. 
  18. "Spartacus schoolnet - Mein Kampf". John Simkin. حاصل ڪيل 10 July 2009. 
  19. Laurence Rees; The Dark Charisma of Adolf Hitler; Ebury Press 2012; pp. 61–62
  20. "Nazi Fascism and the Modern Totalitarian State". Gary Grobman. حاصل ڪيل 13 July 2009. 
  21. "The start of World War Two". Steven Schoenherr. وقت 8 March 2002 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-07-15. 
  22. "Teachers guide - about the Holocaust". University of South Florida. حاصل ڪيل 2009-07-15. 
  23. "Hitler, Adolf (1889 - 1945) - Credo Reference Topic". credoreference.com. حاصل ڪيل 6 September 2011.