اسٽيريا
ڏيک
اسٽيريا(انگريزي: Styria) آسٽريا جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع ان جي ھڪ رياست جو نالو آهي جنھن جي پکيڙ 16,401 km2 (6,332 sq mi) آھي ۽ اھا آسٽريا جي پکيڙ ۾ لوئر آسٽريا کان پوءِ ٻين وڏي رياست آهي. ھن رياست جون حدون ڏکڻ ۾ سلووينيا سان ۽ باقي آسٽريا جي رياستن ڪارنٿيا، سلزبرگ، اپر آسٽريا، برجنلينڊ ۽ لوئر آسٽريا سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گادي جو هنڌ گراتس (Graz) آھي. 2018 ۾ ھن رياست جي جي ڊي پي 49.6 ارب يورو ھئي جيڪا آسٽريا جي ڪل جي ڊي پي جو 12.9 سيڪڙو ھئي. ھي رياست 13 ضلعن ۾ ورھايل آھي جن مان ھڪ ضلعو رياستي شھر آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). 2018-09-13 تي حاصل ڪيل.