آسٽريا جو چانسلر
| چانسلر جو آسٽريا
Bundeskanzler der Republik Österreich | |
|---|---|
| حڪومت جي اگزيڪيوٽو برانچ
آسٽريا جي چانسلري | |
| خطاب جو انداز | مسٽر چانسلر
(معياري) ھز ايڪسيلنسي (سفارتي) |
| قسم | حڪومت جو سربراھ |
| حيثيت | سپريم اگزيڪيوٽو آرگن |
| رڪن | ڪابينه يورپي ڪائونسل نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل |
| سرڪاري رهائشگاهه | چانسلري |
| سيٽ | Ballhausplatz, Innere Stadt, Vienna |
| نامزد ڪندڙ | سياسي پارٽيون |
| مقرر ڪندڙ | صدر |
| مدتِ عهدي | ڪوبه مدو مقرر ناھي |
| بنيادي قانوني دستاويز | آسٽريا جو آئين |
| پيش رو | آسٽريائي ايمپائر جو وزير-صدر |
| پهريون عهديدار | ڪارل رينر |
| قيام |
|
| نائب | وائيس چانسلر |
| پگهار | €306,446 سالياني[1] |
| ويب سائيٽ | federal-chancellery |
آسٽريا جو وفاقي چانسلر (انگريزي: Fedral Chancellor of Austria) آسٽريا جي ريپپلڪ جو حڪومتي سربراھ ھوندو آھي. اھو عھدو پارلياماني نظام واري وزير اعظم جي عھدي جي برابر آهي. وزيراعظم جي عھدي کي جرمن ٻولي ۾ چانسلر سڏيندا آهن. 7 جنوري 2020ع تي آسٽريا جي چانسلر جي چونڊن ۾ سيباسٽيان ڪرز چونڊجي آيو.[2]
سياسي نظام ۾ چانسلر جي عھدي جي حيثيت
[سنواريو]آسٽريا جو چانسلر اتان جو وفاقي چانسلر سڏبو آهي. ھي آسٽريا جي حڪومتي ڪابينه جي صدارت ڪندو آهي. ڪابينه ۾ چانسلر ، وائيس چانسلر ۽ وزيرَ شامل ھوندا آھن. چانسلر حڪومت جو سڀ کان وڏو سربراھ ھوندو آھي. آسٽريا جو رياستي سربراھ ملڪ جو صدر ھوندو آھي. آسٽريا ۾ اختيارن جو وڏو تعداد چانسلر وٽ ھوندو آھي پر ڪجهه انتظامي اختيار صدر وٽ آھن. چانسلر جي سرڪاري رھائشگاھ ۽ سرڪاري آفيس واري جاء کي چانسلري سڏيندا آهن جيڪا وياڻا جي بالھائوسپلاٽز ۾ واقع آهي. چانسلر ۽ ان جي ڪابينه کي برطرف ڪرڻ جا اختيار آسٽريا جي صدر وٽ آھن.
چانسلر جي مقرري
[سنواريو]آسٽريا جي آئين مطابق چانسلر جي مقرري ملڪ جو صدر ڪندو آهي[3] صدر آسٽريا جي نيشنل ڪائونسل جي رڪن واري لياقت رکندڙ ڪنھن بہ شخص، جيڪو عمر ۾ 18 سال کان گھٽ نہ ھجي، کي چانسلر مقرر ڪندو آهي[4]. چانسلر مقري بعد لازمي طور تي نيشنل ڪائونسل مان اعتماد جو ووٽ وٺندو آهي. عام طور تي چانسلر نيشنل ڪائونسل ۾ اڪثريت سان چونڊجي ايندڙ پارٽي جو سربراھ ھوڻدو آھي.
چانسلر جي مدت
[سنواريو]آسٽريا جي آئين ۾ چانسلر جي عھدي جي ڪابہ ڄاڻايل مدت ڪانہ ھوندي آھي. نيشنل ڪائونسل جڏھن مدي ختم ٿيڻ ڪري ٽٽي ويندي آهي تہ چانسلر پنھنجي مرضيءَ سان استعفي ڏئي سگھندو آھي. استعيفا نہ ڏيڻ جي صورت ۾ اھو نگران چانسلر طور ڪم جاري رکندو آھي. عام طور تي صدر چانسلر جي استعفي قبول نہ ڪندو آهي ۽ کيس بطور نگران چانسلر جي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏيندو آھي[5] چانسلر جي مقرري ۽ برطرفي ساڳي وقت ان جي ڪابينه يا حڪومت جي مقرري يا برطرفي سمجھي ويندي آهي. وزيرن جي مقرري صدر چانسلر جي صلاح سان ڪندو آهي چانسلر ۽ وزير حلف کڻڻ سان بااختيار ٿي ويندا آهن.[6] انھن کي پارليامينٽ مان توثيق جي ضرورت ناھي ھوندي[7] نيشنل ڪائونسل چانسلر جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ منظور ڪري صدر کان چانسلر کي برطرف ڪرائي سگھي ٿي. تحريڪ عدم اعتماد آسٽريا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو 2019ع ۾ آسٽريا جي چانسلر سيباسٽيان ڪرز جي خلاف ڪامياب ٿي ھئي جنھن ڪري صدر کيس برطرف ڪيو ھو[8][9].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Politikergehälter: Was der österreichische Bundeskanzler verdient!". www.bruttonetto-rechner.at (جرمن ۾). 1 June 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Van der Bellen gelobt die "Vertrauensregierung" Bierlein an". derstandard.at (جرمن ۾). 3 June 2019.
- ↑ Bundes-Verfassungsgesetz article 70
- ↑ B-VG art. 26
- ↑ B-VG art. 71
- ↑ B-VG art. 70
- ↑ B-VG art. 74
- ↑ What happens if Austria's chancellor is voted out? DW, 21 May 2019.
- ↑ Austrian Chancellor Sebastian Kurz ousted in no-confidence vote. euronews.com, 27 May 2019.