مواد ڏانھن هلو

ٽائرول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ٽرول (رياست) کان چوريل)
ٽائرول
Tyrol
رياست
ٽائرول
پرچم
ٽائرول
قومی نشان
ترانو: Andreas-Hofer-Lied
Location of ٽائرول
متناسقات: 47°16′N 11°24′E / 47.27°N 11.4°E / 47.27; 11.4
ملڪ  آسٽريا
گادي جو هنڌ انسبروڪ
حڪومت
  گورنر گنٿر پلاٽر (آسٽرين پيپلز پارٽي)
  ڊپٽي گورنر
  • جوزف گيسلر (ÖVP)
  • انگرڊ فلپ (Grüne)
پکيڙ
  ڪل 12,640.17 ڪ.م2 (4,880.40 ميل2)
آبادي (2020)
  ڪل 757,852

ٽائرول (انگريزي: Tyrol ) آسٽريا جي اولھندي پاسي ۾ واقع ھڪ رياست جو نالو آهي. رياست تاريخي ٽائرول علائقي جو آسٽريائي حصو آهي. ھن رياست جي گادي جو هنڌ انسبروڪ آهي جيڪو رياست جو سڀ کان وڏو شھر پڻ آهي جنھن جي آبادي 2017 جي ڪاٿي مطابق 132236 آھي.[1] جاگرافيائي لحاظ کان ھي رياست ٻن حصن ۾ ورھايل آھي جن ۾ اتر ٽرول ۽ ڏکڻ ٽرول شامل آهن. پکيڙ جي لحاظ کان اھا آسٽريا جي ٽين وڏي رياست آهي. ان جي پکيڙ 12683 چورس ڪلوميٽر آهي.

رياست جون حدون اوڀر ۾ سلزبرگ رياست، اولھه ۾ وورارلبرگ، اتر ۾ جرمني جي رياست بويريا، ڏکڻ ۾ اٽلي جي صوبي ڏکڻ ٽائرول ۽ سوئيٽزرلينڊ سان ملن ٿيون. ھي رياست اوڀر الپس جبلن جي قطارن ۾ واقع آهي. ھتان جو سڀ کان بلند ترين مقام 3797 ميٽر اوچو آهي. ھن رياست ۾ 15 وڏا شھر واقع آهن جن ۾ انسبروڪ، ڪوفسٽيئن، ٽيلفس، ھال ان ٽرول، شواز، وارگل، لئينز، امسٽ، زرل وغيره شامل آهن. ھن رياست جي جي ڊي پي 2018 ۾ 34.6 ارب يورو ھئي جيڪا آسٽريا جي ڪل جي ڊي پي جو 9 سيڪڙو ھئي. رياست ۾ ڪل 9 ضلعا واقع آھن جن مان ھڪڙو انسبروڪ شھر تي مشتمل ضلعو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Tyrol, Austria", Lonely Planet, حاصل ڪيل 1 November 2016۔