ڪليگنفرٽ
ڪليگنفرٽ
Klagenfurt am Wörthersee | ||
---|---|---|
![]() Klagenfurt | ||
| ||
جاگرافي بيهڪ: 46°37′N 14°18′E / 46.617°N 14.300°E | ||
ملڪ | ![]() | |
رياست | ڪارينٿيا | |
ضلعو | ڪليگنفرٽ شھري ضلعو | |
Government | ||
• برگوماسٽر | ماريا لوسي ميٿيئاسڪٽز (آسٽريا جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي) |
ڪليگنفرٽ (انگريزي: Klagenfurt am Wörthersee)[1][2] (English /ˈklɑːɡənfʊərt/ klah-GƏN-foort) آسٽريا جي وفاق ۾ شامل ھڪ رياست ڪارنٿيا جي گادي جو هنڌ آهي.پھرين جنوري 2020ع ۾ ان جي آبادي 101,303 آهي. ھي شھر آسٽريا جو ڇھون نمبر وڏو شهر آهي. رومن ڪيٿولڪ مذھب ۾ ھي شھر بشپ جي سيٽ وارو شھر آھي. ھن شھر جو سڀ کان مشھور تعليمي ادارن ۾ ڪليگنفرٽ يونيورسٽي، اپلائيڊ سائنسن واري ڪارنٿيا يونيورسٽي ۽ موسيقي واري گسٽاف يونيورسٽي آھن.

ھي شھر سامونڊي سطح کان 446 ميٽر (1٬463 فٽ) بلندي تي وورٿرسي ڍنڍ لڳ گلئن ندي جي ڪناري تي واقع آهي. شھر جي پکيڙ 120.03 ڪلوميٽرزچورس (46.34 sq mi) آھي. شھر جي چوڌاري ٻيلا ۽ جنگل واقع آھن.

ھن شھر جو بنياد اسپينھيم ڊيوڪ ھرمن ٻارھين صدي عيسويءَ جي آخري حصي ۾ وڌو پوء 1246ع ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري ان جي پٽ ڊيوڪ برنھارڊ فان اسپينھيم ان جو بنياد موجوده مقام تي ساڳي نالي سان وڌو جنھن کي 1252ع ۾ شھري درجو مليو. ان ڪري ڊيوڪ برنھارڊ ھن شھر جو باني سڏبو آهي.

ھي شھر ڪارنٿيا جو صنعتي مرڪز آھي جتي ان رياست جي 20 سيڪڙو صنعت واقع آهي. ھتي ڪليگنفرٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ پڻ واقع آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Landesgesetzblatt 2008 vom 16. Jänner 2008, Stück 1, Nr. 1: Gesetz vom 25. Oktober 2007, mit dem die Kärntner Landesverfassung und das Klagenfurter Stadtrecht 1998 geändert werden. (link)
- ↑ Kattnig, Franc; Zerzer, Janko (1982) (sl,de ۾). Dvojezična Koroška/Zweisprachiges Kärnten. Klagenfurt: Mohorjeva/Hermagoras. p. 14.
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Articles with Respell capitalisation issues (uppercase input)
- Articles with Respell capitalisation issues (lowercase input)
- آسٽريا