ڪليگنفرٽ
ڪليگنفرٽ Klagenfurt am Wörthersee | ||
|---|---|---|
Klagenfurt | ||
| ||
| Coordinates: 46°37′N 14°18′E / 46.617°N 14.300°E | ||
| ملڪ | ||
| رياست | ڪارينٿيا | |
| ضلعو | ڪليگنفرٽ شھري ضلعو | |
| حڪومت | ||
| • برگوماسٽر | ماريا لوسي ميٿيئاسڪٽز (آسٽريا جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي) | |
| آبادي | ||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | |
| وقتي علائقو | UTC+1 (سينٽرل يورپين ٽائيم) | |
| • اونهارو (ر.ب.و) | UTC+2 (سينٽرل يورپين سمر ٽائيم) | |
| پوسٽل ڪوڊ | 9020, 9061, 9063, 9065, 9073, 9201 | |
| ڊائلنگ ڪوڍ | 0463 | |
| گاڏي رجسٽريشن | K | |
| ويب سائيٽ | www.klagenfurt.at | |
ڪليگنفرٽ (انگريزي: Klagenfurt am Wörthersee)[1][2] (English /ˈklɑːɡənfʊərt/ klah-GƏN-foort) آسٽريا جي وفاق ۾ شامل ھڪ رياست ڪارنٿيا جي گادي جو هنڌ آهي.پھرين جنوري 2020ع ۾ ان جي آبادي 101,303 آهي. ھي شھر آسٽريا جو ڇھون نمبر وڏو شهر آهي. رومن ڪيٿولڪ مذھب ۾ ھي شھر بشپ جي سيٽ وارو شھر آھي. ھن شھر جو سڀ کان مشھور تعليمي ادارن ۾ ڪليگنفرٽ يونيورسٽي، اپلائيڊ سائنسن واري ڪارنٿيا يونيورسٽي ۽ موسيقي واري گسٽاف يونيورسٽي آھن.

ھي شھر سامونڊي سطح کان 446 metres (1,463 feet) بلندي تي وورٿرسي ڍنڍ لڳ گلئن ندي جي ڪناري تي واقع آهي. شھر جي پکيڙ 120.03 چورس ڪلوميٽر (46.34 چورس ميل) آھي. شھر جي چوڌاري ٻيلا ۽ جنگل واقع آھن.

ھن شھر جو بنياد اسپينھيم ڊيوڪ ھرمن ٻارھين صدي عيسويءَ جي آخري حصي ۾ وڌو پوء 1246ع ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري ان جي پٽ ڊيوڪ برنھارڊ فان اسپينھيم ان جو بنياد موجوده مقام تي ساڳي نالي سان وڌو جنھن کي 1252ع ۾ شھري درجو مليو. ان ڪري ڊيوڪ برنھارڊ ھن شھر جو باني سڏبو آهي.

ھي شھر ڪارنٿيا جو صنعتي مرڪز آھي جتي ان رياست جي 20 سيڪڙو صنعت واقع آهي. ھتي ڪليگنفرٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ پڻ واقع آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Landesgesetzblatt 2008 vom 16. Jänner 2008, Stück 1, Nr. 1: Gesetz vom 25. Oktober 2007, mit dem die Kärntner Landesverfassung und das Klagenfurter Stadtrecht 1998 geändert werden. (link)
- ↑ Kattnig, Franc; Zerzer, Janko (1982). Dvojezična Koroška/Zweisprachiges Kärnten (سلوويني and جرمن ۾). Klagenfurt: Mohorjeva/Hermagoras. ص. 14.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Articles with Respell capitalisation issues (uppercase input)
- Articles with Respell capitalisation issues (lowercase input)
- CS1 سلوويني-language sources (sl)
- CS1 جرمن-language sources (de)
- آسٽريا