وورارلبرگ
ڏيک
وورارلبرگ | |||
|---|---|---|---|
| |||
| ترانو: Du Ländle, meine teure Heimat | |||
| Coordinates: 47°14′37″N 9°53′38″E / 47.24361°N 9.89389°E | |||
| ملڪ | |||
| گادي جو هنڌ | بريگنز | ||
| حڪومت | |||
| • گورنر | مارڪوس والنر (آسٽرين پيپلز پارٽي) | ||
| ايراضي | |||
| • ڪل | 2,601.48 چورس ڪلوميٽر (1,004.44 چورس ميل) | ||
| آبادي (2020) | |||
| • ڪل | 397,094 | ||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | ||
| وقتي علائقو | UTC+1 (سينٽرل يورپين ٽائيم) | ||
| • اونهارو (ر.ب.و) | UTC+2 (سينٽرل يورپين سمر ٽائيم) | ||
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | AT-8 | ||
| ايڇ ڊي آء (2017) | 0.896[1] very high · 6th | ||
| وفاقي نمائندگي | 3 (62 مان) | ||
| ويب سائيٽ | vorarlberg.at | ||
وورارلبرگ(انگريزي: Vorarlberg) آسٽريا جي 9 رياستن مان ھڪ رياست جو نالو آهي جيڪا پکيڙ ۽ آبادي ۾ ملڪ جي ٻيون نمبر ننڍڙي رياست آھي. اھا آبادي جي گھاٽائي ۾ ويانا کان پوء ٻئي نمبر تي آهي. ان جون حدون ٽن ملڪن ھرھڪ جرمني، سوئيٽزرلينڊ ۽ ليڪٽنسٽائين سان ملن ٿيون آسٽريا جي اندر ان جون حدون اوڀر ۾ رڳو ٽرول رياست سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گادي جو هنڌ بريگنز شھر آھي جنھن جي آبادي 29698 آهي. ان کان سواءِ ھن رياست جا ٻيا وڏا شھر ڊارنبرن، فيلڊڪرخ آھن[2]. ھي رياست چئن ضلعن ۾ ورھايل آھي جن ۾ بريگنز، ڊارنبرن، فيلڊڪرخ ۽ بلوڊينز شامل آهن. ھن رياست جي آبادي پھرين جنوري 2020 تي 3،97،094 آهي. 2018 ۾ ھن رياست جي جي ڊي پي 19.1 ارب يورو ھئي جيڪا آسٽريا جي ڪل جي ڊي پي جو 4.9 سيڪڙو ھئي. ھن رياست جي ٻولي جرمن آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). 2018-09-13 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Vorarlberg Bevölkerung, Einwohner, Fläche". bevoelkerung.at. 2019-02-08 تي حاصل ڪيل.