مواد ڏانھن هلو

ڪرينٿيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڪرينٿيا (رياست) کان چوريل)
ڪارينٿيا
Kärnten
رياست
ڪارينٿيا
پرچم
ڪارينٿيا
قومی نشان
Location of ڪارينٿيا
ملڪ  آسٽريا
گادي جو هنڌ ڪليگنفرٽ
حڪومت
  گورنر پيٽر قيصر (آسٽريا جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي)
  ڊپٽي گورنر بئيٽي پريٽنر
پکيڙ
  ڪل 9,535.97 ڪ.م2 (3,681.86 ميل2)
آبادي (2020)
  ڪل 561,390

ڪرينٿيا (انگريزي: Carenthia) آسٽريا جي آخري ڏکڻ ۾ اوڀر الپس جبلن ۾ واقع ھڪ رياست جو نالو آهي. اھا رياست جبلن ۽ ڍنڍن سبب مشھور آھي. ھتان جي معيشت ۾ انجنيئرنگ سياحت، اليڪٽرانڪس، ٻيلا ۽ زراعت شامل آهن. گھڻ قومي ڪمپنين مان ھتي فلپس، سيمينس، انفينيئان واري ٽيڪنالاجي وغيره شامل آهن. ھن رياست جي گادي جو هنڌ ڪليگنفرٽ شھر آھي. ھي رياست اوڀر کان اولھه طرف 180 ڪلوميٽر ڊگھي ۽ ڏکڻ کان اتر طرف 70 ڪلوميٽر ويڪري آھي ۽ ان جي ڪل پکيڙ 9536 چورس ڪلوميٽر (3682 چورس ميل) آھي ۽ پکيڙ ۾ اھا آسٽريا جي پنجين وڏي رياست آهي.

رياست جو ڪليگنفرٽ کان پوءِ وڏو شھر فيلاخ (Villach) آھي. اھي ٻئي شھر ساڳي وقت شھري ضلعا پڻ آھن. ٻيا ٻھراڙيءَ وارا ضلعا 8 آھن. رياست جي ڪل ضلعن جو تعداد اھڙي طرح 10 آھي. رياست ۾ 132 ميونسپلٽيون آھن جن مان 17 کي وڏن شھرن جو درجو ۽ 40 کي ننڍن بازار وارن شھرن جو درجو ڏنل آهي.

رياست جي مقننه ھڪ ايواني آھي جنھن جا 36 رڪن آھن ۽ ان کي جرمن ٻولي ۾ لينڊٽيگ سڏين ٿا. 2018 ۾ ھن رياست جي جي ڊي پي 20.9 ارب يورو ھئي. رياست جي سرڪاري ٻولي جرمن آھي.

حوالا

[سنواريو]