17 جُولاءِ
ڏيک
17 جُولاءِ (انگريزي ٻولي: July 17)، عيسوي سال جو 198 هون (ليپ سال 199 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 167 ڏينهن (ليپ سال 168 ڏينهن) باقي آهن.
واقعا
[سنواريو]- 1821ع — اسپين فلوريڊا کي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيو.[1]
- 1920ع — افغانستان جي بادشاه ماڻهن کي اپيل ڪئي ته سنڌ مان حجرت ڪري ايندڙن جي آجيان ڪئي وڃي. انگريزن جي غير اسلامي پاليسين سبب سنڌي حجرت تي مجبور ٿيا آهن.[2]
- 1948ع — قلات رياست جي انتظاميا 1930ع ۾ ٺهيل نيشنل پارٽي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.[2]
- 1951ع — لبناني وزير اعظم رياض بن صالح کي گولي هڻي هلاڪ ڪيو ويو.
- 1955ع — خان غفار خان ون يونٽ خلاف پشاور کان تحريڪ جو آغاز ڪيو.[2]
- 1973ع — افغانستان جي جنرل سردار دائود خان، ظاهر شاهه جي حڪومت جو خاتمو آندو.[3]
- 1976ع — اوڀر تيمور مٿان انڊونيشيا حملو ڪيو ۽ ان کي پنھنجو 27ھون صوبو قرار ڏنو.
- 1976ع — نيوزيلنڊ کي اوليمپڪ راندين ۾ شامل ڪرڻ سبب 25 آفريڪي ملڪن اوليمپڪ راندين جي بائيڪاٽ ڪيو، ڇو تہ نيوزيلنڊ ڏکڻ آفريڪا ۾ نسلي متڀيد واريراڄ دوران اتي راندين ۾ شرڪت ڪئي. .[4]
- 1990ع — پي ٽي وي نئين چئنل پي ٽي وي 2 جو آغاز ڪيو.[3]
- 2000ع — بشار الاسد والد جي وفات کان پوءِ شام جو 16 هون حڪمران ٿيو.[1]
- 2005ع — پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ 70 غيرملڪي دهشتگرد ماري ڇڏيا.[3]
- 2005ع — ملائيشيا جي جهاز ايم ايڇ 17 کي يوڪرين ۾ مزائيل هڻي ڪيرايو ويو. جنهن ۾ سوار 298 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.[5]
پيدائش
[سنواريو]- 1487ع — شاهه اسماعيل، ايراني بادشاھ
فوتگيون
[سنواريو]- 1940ع — هاسارام پمناڻي، سياسي ڪارڪن، اديب
- 2024ع — سوڍل فقير، صوفي راڳي
حوالا
[سنواريو]- 1 2 ""On This Day:17 July :" On This Day:17 July :".
{{cite news}}: Unknown parameter|ناشر=ignored (مدد); line feed اکر in|title=at position 24 (مدد) - 1 2 3 "روزاني ڪاوش صفحو 5 اربغ 17 جُولاءِ 2013ع". روزاني ڪاوش. اصل نسخو مان 25 December 2013 تي محفوظ ڪيل. 16 July 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - 1 2 3 "آج کا دن تاریخ میں". urdu.co. urdu.co. 17 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "On This Day". BBC Home.
- ↑ Alexander, Harriet (17 July 2014). "Malaysia Airlines plane crashes on Ukraine-Russia border – live". زوزاني ٽيلگراف. اصل نسخو مان 18 July 2014 تي محفوظ ڪيل. 17 July 2014 تي حاصل ڪيل.