4 مارچ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

4 مارچ جو ڏهاڙو جڏهن ڪنن تي پوندو آهي ته شاگردن توڙي سڄي سنڌ جي رت جو وهڪرو تيز ٿي ويندو آهي. ائين کڻي چئجي ته 4 مارچ شاگرد جدوجھد جي عروج جو زمانو آهي، هن دؤر ۾ شاگرد سياست سنڌ جي مڙني طبقن تي پنھنجا اثر ڇڏيا آهن. هن دؤر ۾ جڏهن سنڌ لکڻ ۽ سنڌي پڙهائڻ تي روڪ ۽ ون يونٽ سبب سنڌ مڪمل طور تي پنجاب جي بيٺڪيت ٿي وئي ته شاگردن پنھنجي حق جو علم بلند ڪيو، پنھنجي جدوجھد جو نعرو حيدرآباد جي ڪمشنر کي هٽايو هڻي شاگردن زبردست تحريڪ هلائي. ڪمشنر حيدرآباد خلاف هلايل تحريڪ سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهڃاڻ ٿي وئي. پوليس، 4 مارچ 1967ع ۾ حيدرآباد جي شاگردن جي احتجاج تي ڪڙڪي پئي. ڪيترائي شاگرد ٽارچر سيلن ۾ واڙيا ويا. شاگردن جي انھن قربانين جو نتيجو هو جو ون يونٽ جھڙو قهري ڪوٽ ڪِري پيو، هي شاگرد سياست ئي هئي، جنھن سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي سگهه بخشي ۽ اتساهه ڏنو ۽ سڄي قوم کي قومي ڌارا ۾ گڏ ڪري بيھاريو. اهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد شاگردن جي جاکوڙ ۽ قرباني جي جذبي کان متاثر ٿي آزاد سنڌ جو بار شاگردن تي رکيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آزادي جي نعري کانپوءِ پھرين تقرير ۾ واضح چيو ته،”مان سنڌ جي وڏيرن، پيرن، جاگيردارن کي آزمائي چڪو آهيان، مون کي سنڌ جي آزادي ۽ آجپي جي واهه ڪٿي نظر نه آئي. ان ڪري مان سنڌ جو ڪيس اوهان شاگردن اڳيان کڻي آيو آهيان.“ جي ايم سيد، تاريخ جي وڏن تجربن مشاهدن کانپوءِ ان نتيجي تي پھتو ته سنڌ جي وارثي ۽ مالڪي جيڪڏهن ڪير ڪري سگهن ٿا ته اهي نوجوان ۽ شاگرد ئي آهن. ان کانپوءِ اهو ٿيو ته سنڌ جي نوجوانن ۽ شاگردن نه رڳو تاريخ جي ڦيٿي کي اڳتي وڌايو پر ان تاريخي عمل کي نوان گس ۽ موڙ به ڏنا. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=381
  2. ڪتاب: سياست، تاريخ ۽ ڪردار