11 جُولاءِ
ڏيک
11 جُولاءِ (انگريزي ٻولي: July 11)، عيسوي سال جو 192 هون (ليپ سال 193 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 173 ڏينهن (ليپ سال 174 ڏينهن) باقي آهن.
واقعا
[سنواريو]- 1877ع – اليگزينڊر گراھم بيل (تصوير) ميبل هبارڊ سان شادي ڪئي.
- 1950ع – پاڪستان بين الاقوامي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بينڪ جي رڪنيت اختيار ڪئي.
- 1957ع – پرنس ڪريم حسيني، ٽئين آغا خان جي وفات بعد اسماعيلي شيعہ جماعت جو 49ھون امام مقرر ٿيو.
- 1969ع – انسٽيٽويٽ فار اسلامڪ ريسرچ پاڪستان، جي اڳوڻي ڊائريڪٽر فضل الرحمان پاران اسلام تي لکيل ڪتاب تي پابندي هئي وئي.
- 1972ع – ٻولي وارن فسادن سبب ٺٽو پڻ سخت متاثر ٿيو، اتي 144 قلم لاڳو ڪيو ويو.
- 1991ع – برطانيا ۾ ليبر پارٽي جي ميمبر ٽيري فيلڊس کي، ٽيڪس جمع نه ڪرڻ سبب 60 ڏينهن لاءِ جيل موڪليو ويو.
- 2011ع – مڪاني ادارن جي ناظمن واري نظام جو خاتمو ڪري ڪراچي جا پنج ضلعا بحال ڪيا ويا.
پيدائش
[سنواريو]- 1937ع – ايشور چندر، سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار
فوتگيون
[سنواريو]- 1938ع – آغا صوفي، تصوف جو ڄاڻو ۽ سچل سرمست جو سوانح نگار
- 1957ع – پرنس آغا خان ٽيون، اسماعيلي فرقي جو امام