13 جُولاءِ
ڏيک
13 جُولاءِ (انگريزي ٻولي: July 13)، عيسوي سال جو 194 هون (ليپ سال 195 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 171 ڏينهن (ليپ سال 172 ڏينهن) باقي آهن.
واقعا
[سنواريو]- 1843ع — چارلس نيپئر سنڌ تي پورو قبضو ڪري ورتو.[1]
- 1923ع — هالي ووڊ (تصوير) جي جبلن تي 50 فوٽن جو هالي ووڊ نشان لڳايو ويو.[2]
- 1930ع — يوراگوائي ۾ پهرين فٽبال ورلڊ ڪپ جو آغاز ٿيو.[3]
- 1951ع — مسلم ليگ پنجاب مان 474 عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي پارٽي مفادن خلاف ڪم ڪرڻ جو الزام هڻي نيڪالي ڏني وئي.[1]
- 1955ع — روٿ ايلس کي لنڊن ۾ ڦاسي ڏني وئي، هي برطانيا جي آخري عورت هئي جنهن کي موت جي سزا ملي.[4]
- 1960ع — ايوب کهڙو ۽ نواب اڪبر بگٽي کي نااهل قرار ڏنو ويو.[1]
- 1977ع — آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ 25 ڪلاڪن تائين بجلي بند ٿي وئي.[2]
- 1983ع — سريلنڪا ۾ 3 هزار تامل شهرين کي مارڻ کان پوءِ خانه جنگي شروع ٿي وئي.[3]
- 2005ع — گھوٽڪي ريل حادثي ۾ 136 مسافر فوت ۽ 170 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.[3]
- 2011ع — گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد 1999 تحت ڏکڻ سوڊان گڏيل قومن جي اداري جو 193ھون رڪن بڻيو.
- 2018ع — چين ۾ ڪيميائي فيڪٽري ۾ ڌماڪي سبب 19 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.[5]
- 2018ع — مستونگ ۾ چونڊ مهم دوران ڌماڪي ۾ اسلم رئيساڻي سميت 70 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.[6]
- 2024ع — اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پينسلوانيا ۾ ٿيل ھڪ قاتلاڻي حملي ۾ محفوظ رھيو.
پيدائش
[سنواريو]فوتگيون
[سنواريو]- 678ع — عائشہ، محمد جي گهرواري
- 1963ع — بابا صلاح الدين، پير
- 1989ع — احمد خان آصف مصراڻي، شاعر
- 2022ع — روبينا قريشي، سنڌي ڪلاسيڪل ڳائڻي
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 روزاني ڪاوش، صفحو 8، 13 جُولاءِ 2013ع
- 1 2 "On This Day: July 13". nytimes. 13 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 "آج کا دن تاریخ میں". urdu.co. 12 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "1955: Ruth Ellis hanged for killing lover". BBC. 12 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "China chemical plant blast kills at least 19". Al jazeera. 13 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "70 dead, 120 injured in Mastung blast targeting Balochistan Awami Party corner meeting". ڊان. 13 July 2018 تي حاصل ڪيل.