مواد ڏانھن هلو

هاسارام پمناڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پروفيسر هاسارام پمناڻيءَ جو جنم 10 اپريل 1887ع تي بيدل، بيڪس، پارو شاھ ۽ وسڻ رام جي شهر روهڙيءَ ۾ سيٺ سندرداس جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد جاين ٺهرائڻ جو مشهور مقاطعدار هو.

تعليم

[سنواريو]

هاسارام ابتدائي ۽ ثانوي تعليم روهڙيءَ شهر ۾ حاصل ڪئي، اسڪول ۾ سندس شمار هوشيار شاگردن ۾ ٿيندو هو. 1906ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ بڙودي ڪاليج ۾ داخل ٿيو. جتي کيس اربندو گھوش جو شاگرد ٿي رهڻ جو شرف حاصل ٿيو. انهيءَ سال اربندو گھوش نوڪري ڇڏي، بنگال جي ورهاڱي جي خلاف هلچل ۾ شريڪ ٿيو. هاسارام هن ڪاليج مان فرسٽ ايئر پاس ڪري وڌيڪ تعليم انٽر ۽ بي اي (فلاسافي) فرگوسن ڪاليج پوني مان حاصل ڪئي. اتي هن جي ڪاليج جي پرنسپال پرانچپي ۽ پروفيسر ڪاروي پال گنگا ڌر تلڪ سان ڪافي ويجهڙائپ ٿي وئي ۽ ساڻن بحثن مباحثن ۾ حصو وٺندو هو. سورت ۾ حيدرآباد سنڌ جو ديوان ڏيارام گدو مل جج هو، ان سان به واسطا ٿيس ۽ اهو رستو آخر تائين قائم رکيائين. اڃا ڪاليج ۾ ئي هو ته 1908ع ۾ سندس لاڙڪاڻي جي سنت سوامي ڌرمداس سان واسطو ٿيو، جنهن کان گورو منتر وٺي سندس شيوا ڪندو رهيو.

منڊلي جو بنياد

[سنواريو]

بي. اي پاس ڪرڻ کان پوءِ روهڙيءَ موٽي اچي، شهر ۾ ’سوامي ڌرمداس شيوا منڊلي‘ کوليائين، جنهن جون شاخون اُٻاوڙي، شڪارپور، ٽنڊي محمد خان، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ قائم ڪيائين. روزانو شام جو منڊليءَ ۾ ست سنگ ڪندو هو. 1917ع ۾ ’ست سنگت ولاس‘ پرچو ڪڍيائين ۽ 1919ع ۾ ’ڌرم درشن‘ اخبار/ مخزن ڪڍيائين، جنهن بابت ڪراچيءَ جي سنڌ آبزرور اخبار لکيو: ”هي مخزن سون ۾ تورڻ جهڙو آهي“ (The magazine is worth its weight in gold).

ڪتابڙا

[سنواريو]

ان کان سواءِ ٻيا ڪافي ڌرمي ڪتابڙا ڪڍيائين، جهڙوڪ:

  • من جيتي جـڳ جيتـي
  • شـري رامچـنــدر
  • گـيـان مـالا
  • اسٽـوتـر هـربهـر
  • سارڪتــاولـي سنـڌيءَ ۾
  • سـک جي چــاههَ
  • مـوکـش ڀـنــڊار
  • اڇوت اُڌار
  • Turn to God وغيره.

نوڪري

[سنواريو]

بي. اي کان پوءِ هاسارام ڪجهه وقت ريوينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي ۽ پوءِ تعليم کاتي ۾ گھڙيو ۽ ترقي ڪري حيدرآباد ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جو هيڊ ماستر ٿيو. 1921ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جي هلايل ”قطع تعلقات“ جي هلچل وقت نوڪري ڇڏي، ملڪي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. قومي ڪم ڪندي روهڙي ۾ ’تلڪ قومي هاءِ اسڪول‘ ۽ ’تلڪ کاڌي فيڪٽري‘ کوليائين ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪانگريس جو سنيهو پهچائيندو رهيو.

سخت ڏهاڙا

[سنواريو]

1930ع ۾ لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ ڪري کيس 12 مهينا جيل جي سزا ملي. وري سکر بئراج کلڻ وقت 1932ع ۾ کيس وائسراءِ هند جي سکر ۾ اچڻ وقت هڪ آرڊيننس هيٺ گرفتار ڪري نظربند ڪيو ويو ۽ 15 ڏينهن کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. 1927ع ۽ 1931ع وارين ٻوڏن وقت هن ماڻهن جي سهائتا لاءِ تمام گھڻو ڪم ڪيو. پنهنجن بمبئيءَ وارن دوستن کي اپيل ڪري اڌ لک رپيا گهرائي، سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ورهايائين. پئسا، ڪمبل، ڪپڙا ۽ دوائون ورهائيندو رهيو. هر هنڌ مُکين ۽ بزرگن هن کي مالي امداد ڏني. سندس خدمت کي ڏسي سرڪار به کيس ٻوڏ سهائتا ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو. سوامي هاسارام ڪيترين ڌرمي ۽ سماجي تنظيمن جو صدر هو، جهڙوڪ: اٻاوڙي جي نيو اڪيڊميءَ جو مئنيجر، ڏهرڪيءَ جي ڇوڪرين جي اسڪول جو مئنيجر، ڳڙهي ياسين جي سناتن ڌرم اسڪول جو مئنيجر ۽ جيڪب آباد جي والميڪ پاٺَ شالا جو مئنيجر ٿي رهيو. روهڙيءَ جي شيوا منڊليءَ ۾ ڪم ڪندي، 1923ع ۾ ڀائي ڏيئُو مل ڀاٽيا کان مليل 15 هزار روپين جي رقم سان سندس نالي سداورٿ جاري ڪيائين. 1935ع جي انڊيا ائڪٽ موجب نوان سُڌارا ٿيا ۽ پرڳڻن ۾ 1937ع ۾ نيون اسيمبليون قائم ٿيون. ڪانگريس پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته مختلف تڪن ۾ ميمبر بيهاريا وڃن. هاسارام پمناڻيءَ کي روهڙيءَ ڊويزن مان اميدوار بيهاريو ويو ۽ ائين 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ هاسارام روهڙي سب ڊويزن مان سخت مخالفت جي باوجود ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجي آيو. چونڊجڻ بعد هندو مسلم فرق بنا پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي چڱي خدمت ڪيائين.

مسجد منزل گاھ

[سنواريو]

سال 1939ع ۾ سکر ۾ مسجد منزل گاھ جي سوال تان هندو مسلم ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ ترت ڀڳت ڪنوررام جي شهادت جو واقعو پيش آيو. هاسارام ان بابت سنڌ اسيمبليءَ ۾ آواز اُٿاريو ۽ سخت تقرير ڪئي. کيس ڪنهن سان به وير وروڌ ڪو نه هو، هُو هندو مسلم ايڪتا جو پرچارڪ هو، پوءِ به کيس ڌمڪيون ملنديون رهيون.

شهادت

[سنواريو]

نيٺ 17 جولاءِ 1940ع تي جيئن ئي هو. ميرپور ماٿيلي کان موٽندي روهڙي اسٽيشن تي لهي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي تي ڪن متعصب ماڻهن کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو. سندس شهادت جي خبر سڄيءَ سنڌ ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي. پري پري کان هزارين ماڻهو سندس آخري ديدار ڪرڻ لاءِ پهچي ويا. هر ماڻهوءَ جي اک اشڪبار هئي. 18 جولاءِ 1940ع تي سندس ارٿي وڏي مان شان سان کنئي وئي. ڪيترا ڀڳت، سنڌ جا وزير، سنڌ اسيمبليءَ جا ڪانگريسي ميمبر ۽ عملدار سندس آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيا. هزارين عورتن، مردن سندس ارٿيءَ تي گل نڇاور ڪيا. جهُڙالي ڏينهن ۾ سندس اگني سنسڪار ڪيو ويو. سندس عمر 52 ورهيه هئي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011