شاهه اسماعيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاهه اسماعيل
(آذربائيجاني ۾: Şah İsmayıl Səfəvi)،(فارسي ۾: شاه اسماعیل صفوی خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (آذربائيجاني ۾: İsmail ibn Heydər əs-Səfəvi خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 17 جُولاءِ 1487[1][2][3][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 23 مَئي 1524 (37 سال)[1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڌرم اسلام[5]،اثنا عشري[5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو religion or worldview (P140) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو گورنر،بادشاھ[6]،شاعر،ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي آذربائيجاني ٻولي[6]،فارسي ٻولي[6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي اسلام[7]،شیعہ[7]،صوفي[7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون

سندن خانداني پس منظر[سنواريو]

سومرن جي دور حڪومت ۾ جڏهنسنڌ ۾ افراتفري جو دور دورو هيو ، انهيءَ موقعي جو فائدو وٺندي اسماعيلي حضراتن پنهنجا مبلغسنڌ ڏانهن روانا ڪيا جن بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ وضاحت سان احوال ملي ٿو .

پير صدرالدين[سنواريو]

پير صدرالدين شاه به مٿئين سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ، جنهن پنهنجي دور ۾ ڪافي ڪم ڪيو ، پاڻ ان وقت سنڌ ۾ آيو جڏهن سلسله اسماعيليه جي 29 امام شاه قاسم771هجري ڌاري وفات ڪئي ۽ سندس فرزندامام احمد اسلام شاه جي گادي تي ويٺو ، احمد اسلام شاه پنهجي پاران پير صدرالدين کي (وصي محمد ) جو لقب ڏيئي سنڌ لاءِ مبلغ مقرر ڪيو .[[ پير صدرالدين [[720 هه ڌاريسبزوار ۾ تولد ٿيو سندس والده جو نالونور فاطمه بنت سيد ابراهيم سبزواري هو. پاڻ12 رجب المرجب819 هه ڌاري وفات ڪيائين سندس مزاراُچ ۾ آهي جتي سنڌ جي خواجن مٿس روضو تعمير ڪرايو آهي .

پير صدرالدين جو اولاد[سنواريو]

پير صدرالدين کي پنج فرزند هئا جن جا نالا هن طرح آهن

  1. سيد ظاهر الدين هن جي مزار جونپور ۾ آهي
  2. سيد صلاح الدين هن جي مزارغزني ۾ آهي
  3. سيد جمال الدين هن جي مزار دهلي ۾ آهي
  4. سيد ڪبيرالدين هن جي مزار اُچ ۾ آهي
  5. سيد تاج الدين عرف شاهه طريل هن جي مزار تعلقي ٽنڊي باگي تپه چانيري ديهه درماڻي ۾ آهي هي سيد پڻ وڏو اسماعيلي مبلغ هو

.

شاهه اسماعيل هيرل وارو[سنواريو]

شاهه اسماعيل هيرل واروسيد تاج الدين عرفشاه طريل جو فرزند آهي جنهن بابت مشهور روايت آهي ته آخري عمر ۾ جڏهن شاهه طريل تبليغ جي خيال کان ناري واري پٽ ۾ آيو ته اتي جي رهاڪو ٺڪرجاگيردار کيس سڱ جي آڇ ڪئي ۽ سندس رضا تي شادي ڪرايائونس . شادي کانپوءِ پاڻ جلدئي ٽنڊي باگي طرف هليو ويو جتي وفات ڪيائين . پاڻ وصيت ڪري ويو هو ته جيڪر منهنجو پٽ ڄمي تهاسماعيل نالو رکجوس ، سندس وڃڻ کان پوءِ سندس گهر فرزند تولد ٿيو جنهجو نالوشاه اسماعيل رکيائون.

جيتوڻيڪ شاهه اسماعيل جي ڄمن يا وفات جو پورو پتو نه پئجي سگهيو آهي ، تاهم ٻه روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو شاهه طريل جي وفات کان ڪجهه وقت پوءِ تولد ٿيو هو ، جڏهن ته شاهه طريل جي وفاتذوالقعد 872 هه ۾ ٿي آهي. ته پوءِ اهو يقينن چئي سگهجي ٿو ته شاهه اسماعيل جو جنم غالبن873 هه ۾ ٿيو هوندو . ٻي روايت موجب پاڻ ڏهين صدي جي آخرڌاري119 هڪ سو اوڻويهه ورهن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ حساب سان سندس وفات جو سال992 هه چئي سگهجي ٿو . جيئن ته شاهه اسماعيل جي ولادت پنهجي ناناڻن ۾ ٿي هئي ۽ سندس تربيت به اتي ئي ٿي ان ڪري لازمي هو ته انتي انهيءَ ماحول جو اثر ٿئي . انهيءَ وقت انهيءَ ايراضي ۾ حضرت بهاوالدين ذڪريا ملتاني جا وڏا وڏا خليفا موجود هئا ۽اسماعيليت جي خلاف سندن تبليغ جاري هئي ، ان ڪري شاه اسماعيل به انهيءَ ماحول کان متاثر ٿيو ۽ اسماعيليت کان هونءَ به اڻ واقف هو ، ۽ پاڻ حضرت غوث پاڪ جي مريدي اختيار ڪيائين جنهجو هڪ ثبوت اهو به آهي ته سندس پويان اڄ به حضرت غوث پاڪ جي سلسلي جا مريد آهن . اهو ڪو ثبوت نه چئبو جيڪر هڪ ماڻهو جو مذهب اسلام آهي ته اهو لازمي ڪونهي ته سندس ابا ڏاڏا به مسلمان هي رهيا هجن ، جڏهن ته وڏي مثال خود شاه اسماعيل ۽ سندس والد شاهه طريل جي موجود آهي ، جنين مان هڪ اسماعيلي امامن جو پيروڪار هيو ته پٽ وري سني امامن جو پيروڪار ٿيو ، ۽ ٻي ڳالهه ته شاهه اسماعيل جي اولاد ۾لواري جا مريد به آهن ، تبليغي جماعت سان وابسته ته ڪي وري قادري فرقي سان تعلق رکن ٿا . ته انجو مطلب اهو هرگز نه ٿيو ته ڪو شاه اسماعيل به فرقا مٽائيندو رهيو هو يا وري سڀني فرقن تهايمان هئس. شاهه اسماعيل وقت جومجدد نه هو ته به کيس مجدد جو نائب ڪوٺي سگهجي ٿو . پاڻ سڄي زندگيبت پرستي ۽ شرڪ خلافجهاد ڪندو رهيو ، سندستبليغ جي اثر ڪري هزارن جي تعداد ۾غير مسلم پڻ مسلمان ٿي ويا سندس ناناڻاٺڪر جيڪي سندس اثر هيٺ مسلمان ٿيا هئا اهي هن وقت ( سوڍا ساند ) سڏجڻ ۾ اچن ٿا . شاهه اسماعيل سان ٺڪرن جي لاڳاپي جو هڪ ثبوت هي به آهي ته اڄ به سندس روضي جي اردگرد ٺڪرن جون ڪافي زمينون آهن.

سندس روضي جي اڏاوت[سنواريو]

سندس روضو تعلقي ساماري تپه سٿڙين ديهه 16 هيرل ۾ واقع آهي . جيڪو سندس مزاور سيد سمن شاهه تازو 1956ع ڌاري تعير ڪرايو آهي ، ۽ سندس ڏهاڙو پڻ ملهايو وڃي ٿو .

شاهه اسماعيل جون ڪرامتون[سنواريو]

ڪرامت نمبر 1[سنواريو]

راهب هاليپوٽو جيڪوراڻي جيٿان جو ويٺل هو. هي بزرگميرن جي دور جو هو ، جنهن1948 ع ڌاري 130 ورهن جي عمر ۾ وفات ڪئي ، سو ڳالهه ڪندو هو ته مون پنهنجي اکين سان ڏٺو هو ته سال ۾ هڪ ڀيروشينهن شاهه اسماعيل جي زيارت ڪرڻ ايندو هو . شينهن جو دستور هوندو هو ته اچي قبر جي پيراندي کان ويهندو هو ، جنهن ڏينهن ايندو هو اهو ڏينهن ورندي را ت ۽ ٻي ڏينهن پهر سج تائين ويٺو هوندو هو تنهن کان پوءِ واپس روانو ٿيندو هو پر اسان ڪڏهن به نه ڏٺو يا ٻڌو ته شينهن ايندي يا ويندي ڪنهن انسان يا جانور کي ڪو نقصان پهچايو.

ڪرامت نمبر 2[سنواريو]

جڏهن به ڀاڳين جي مال ۾ ڪا بيماري پوندي هئي ته ڪاهي اچي شاهه اسماعيل جي درگاهه تي حاضري ڀريندا هئا ، ۽ خدا ڪارڻ کير ورهائيندا هئا ته بيماري ڇڏي ويندي هئي . هڪ دفعي رونجهن جي رڍن ۾ ڪا بيماري پئي سو ڪاهي اولياءَ صاحب تي کير ورهائڻ لاءِ آيا هئا ۽ کين رات پئجي ويئي تنهنڪري اولياءَ صاحب جي واهڻ ۾ ترسي پيا . اوچتو هڪڙا ٻه چور هڪڙو ابراهيم هاليپوٽو ۽ ٻيو ٺارو ٿيٻو اچي مٽيا ڏٺائون اته رڍون ويٺيون آهن ، چوراڻو روح عادت کان مجبور صلاح ڪيائون ته هڪڙي رڍ کڻي ڍوري ۾ هلي ڪهي گوشت پچائي کائون . اها صلاح ڪري ٺارو ٿيٻي هڪڙي رڍ ڪلهي تي کڻي اڃان ٻه قدم به مس هليو ته کيس وڏي آواز سان بادي چالو ٿي ، تنهن تي ٻي ساٿي هڪل ڪئي ته رڍ مونکي ڏي تون ڀاڙي ٿيو آهين ، اينهي چئي ٺارو کان رڍ ورتائين اڃان ٻه قدم مس هليو ته انهيءَ جي به اها حالت ٿي اهو حال ڏسي همراهن جون اکيون کليون ۽ اهو پروڙي ويا ته شاهه اسماعيل جي واهڻ مان رڍ کئين اٿئون سا هضم ئي ڪانه ٿي سگهندي پوءِ رڍ کي ڇڏي ڳچي ۾ ڳراها وجهي توبه ڪيائون ، تڏهن وڃي همراهن جو ڀرڙڪو بند ٿيو .

ڪرامت نمبر 3[سنواريو]

ساوڻي جي موسم ۾ جڏهن به ڍورو اٿل ڪندو هو ته آس پاس وارو علائقو زير آب ٿي ويندو هو ، انکان بچڻ لاءِ انگريز سرڪار ڍوري جي ٻنهي طرفن پنجن ڇهن ميلن جي فاصلي تي وڏا بند ٻڌايا هئا جيڪي اڄ تائين موجود آهن . انهن بندن جو اهو اٿر ٿيو هو ٻوڏ وقت انهن کان ٻاهر وارا علائقا ته بچي ويندا هئا ، پاڻي آسمان سان ڳالهنيون ڪندو ڏسبو هو ، هڪ دفعي ساوڻي جي موسم ۾ جڏهن ڍورو پنهنجي پوري موج و مستي هو تڏهن هڪ انگريز آفيسر عمرڪوٽ جي قلعي تان دوربيني وسيلي درياهه جو نظارو ڏٺو کيس درياهه جي وچ ۾ تمام مٿاهون هڪ پکو نظر آيو ، پڇڻ تي کيس معلوم ٿيو ته اهو پکو شاهه اسماعيل جي قبر مٿان اڏيل آهي سو نظر اچي رهيو آهي .انگريز آفيسر اهو نظارو ڏسڻ جي لاءِ ٻيڙي ۾ چڙهي شاهه اسماعيل جي مقبري شريف تي آيو، سندس حيرت جي حد نه رهي جو ڏٺائين ته درياهه جي پاڻي کان شاهه جي قبر مبارڪ سوين فٽ مٿي هئي . حالانڪ اصل ۾ ايئن ڪونه هو پر ٻوڏ وقت اهو منظر ظاهر ٿيو هو.

حضرت شاهه اسماعيل رح جو شجرو مبارڪ[سنواريو]

شاهه اسماعيل جي شادي ۽ اولاد[سنواريو]

روايت آهي ته شاهه اسماعيل اوٺا قوم مان شادي ڪئي ، جنهن مان کيس اولاد ٿيو. سندس ٻن فرزندن جي اولاد مان چند جو شجرو پيش ڪجي ٿو .

* مرتضي شاهه *هاشم شاه
* مرتضي شاهه * لطيف شاهه
*لال شاهه عرف لاکو شاهه * فضل شاهه
*ڪمال شاهه * هاشم شاهه
* ميان فتح علي شاهه * لطيف شاهه
* ميان حاجي محمد حسن شاهه * هاشم شاهه
*علي محمد شاهه * غلام نبي شاهه
*مير فتح علي شاه * صديق شاهه
* * هاشم شاهه چهارم عرف ربڏنو شاهه
* *غلام حيدر شاهه

اسماعيل شاهه جو اولاد ضلعي ٿرپارڪر ۾[سنواريو]

تعلقو عمرڪوٽ ؛ چيلهه وارا سيد ، ساڏوري وارا سيد ، کڏهري وارا سيد ، ڊڍري وارا سيد ، نهٽي جي نزديڪ صلاح الدين شاهه وارا سيد. تعلقو سامارو ؛ٻسٽان وارا سيد ، ڀڙي نور علي شاهه وارا سيد، ڀڙي الله يار شاهه وارا سيد. تعلقو مٺي]] ؛ تارياڻي تي جمال شاهه وارا سيد ، غالب شاهه جي تڙ تي اشرف شاهه وارا سيد ، سوڀاري تي (محمد ڪريم) عرف پهلوان شاهه وارا سيد . تعلقوننگر پارڪر ؛ مصري شاهه جي تڙتي احمد شاهه وارا سيد ، ورڻهاريئي تي قابل شاهه وارا سيد ، تاج محمد شاهه جي تڙ تي سليم شاهه وارا سيد .

حوالو[سنواريو]

Shah Ismail R.A آرڪائيو ڪيا ويا 2016-03-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

  1. 1.0 1.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Ismail-I-shah-of-Iran — subject named as: Isma'il I — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  2. 2.0 2.1 Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0034048.xml — subject named as: Ismā‘īl I de Pèrsia — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
  3. 3.0 3.1 Proleksis enciklopedija ID: https://proleksis.lzmk.hr/28316 — subject named as: Ismail I. — عنوان : Proleksis enciklopedija
  4. Hrvatska enciklopedija ID: https://www.enciklopedija.hr/Natuknica.aspx?ID=27941 — subject named as: Ismail I. — مصنف: Dalibor Brozović۽ Tomislav Ladan — عنوان : Hrvatska enciklopedija — ناشر: Miroslav Krleža Lexicographical Institute — ISBN 978-953-6036-31-8
  5. 5.0 5.1 Encyclopædia Iranica — مدیر: Nicholas Sims-Williams، Ahmad Ashraf، Habib Borjian۽ Mohsen Ashtiany — ناشر: Columbia University
  6. 6.0 6.1 6.2 NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jo20211114899 — اخذ شدہ بتاریخ: 8 جُونِ 2022
  7. 7.0 7.1 7.2 NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jo20211114899 — اخذ شدہ بتاریخ: 7 نومبر 2022