ليپ سال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سائنسي علم موجب زمين پنهنجو سج جي چوڌاري چڪر 365.25 ڏينهن ۾ مڪمل ڪندي آهي جنهن تي عيسوي سال مشتمل آهي پر 0.25 ڏينهن کي سال(ڪئلنڊر) ۾ شمار نٿو ڪري سگهجي ان ڪري هر چوٿين سال ۾ هڪ ڏينهن جو واڌارو ڪيو ويندو آهي ۽ ان سال کي ليپ سال سڏيو ويندو آهي. اهو هڪ ڏينهن جو واڌارو فيبروري مهيني ۾ ڪيو ويندو آهي مطلب ته ان سال فيبروري مهينو 29 ڏينهن جو ٿيندو آهي.گذريل ليپ سال 2016ع ۾ ٿيو ۽ ايندڙ ليپ سال 2020ع ۾ ٿيندو.