مواد ڏانھن هلو

رابرٽ ڪلائيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رابرٽ ڪلائيو
(انگريزي ۾: Robert Clive)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم
عظيم برطانيا جي بادشاهت   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت
لنڊن   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت عظيم برطانيا جي بادشاهت   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
رڪن رائل سوسائٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of (P463) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو
ڪم جي ٻولي
عسڪري خدمتون
عهدو
اعزازات
رائل سوسائٽي فيلو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو award received (P166) وڪي ڊيٽا تي

لارڊ رابرٽ ڪلائيو (انگريزي: Robert Clive) (پيدائش: 29 سيپٽمبر 1725ع - وفات: 22 نومبر 1774ع) برطانوي فوجي افسر، برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جا ملازم ۽ بنگال پريزيڊنسي جا پھريان گورنر ھيا. سندن جي قيادت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوجن پلاسي جي جنگ ۾ نواب سراج الدولہ کي شڪست ڏئي ڪري بنگال ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي مفادن جو ڪاميابي سان دفاع ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪمپني جي طاقت کي منظم ۽ مستحڪم ڪيو. سندن جي دور ۾ الھ آباد معاھدو طي ٿيو جنھن ڪري مغل شھنشاھ شاھ عالم ثاني بنگال، بھار ۽ اوڙيسہ جي ديوانين جا حق ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ڏئي ڇڏيا ھا.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

رابرٽ ڪلائيو 29 سيپٽمبر 1725ع تي شروپشائر، انگلستان ۾ پيدا ٿيا. نوجواني جي عمر ۾ ھندستان آيا ۽ مدراس ۾ ايسٽ اينڊيا ڪمپني ۾ ڪلرڪ جي حيثيت سان پھريون ڀيرو ملازمت شروع ڪيائون. ڇويھ ورھين جي عمر ۾ فوج ۾ ملازمت اختيار ڪيائون ۽ ڪيپٽن جي عھدي تي فائز ٿيا. برطانيہ ۽ فرانس جي ٻين جنگ ۾ جيڪا ڪرناٽڪ ۾ ٿي، ڪلائيو شھرت ماڻي. 1753ع ۾ ڪلائيو انگلستان ھليو ويو، وري ٻن ورھين کان پوءِ ايڊمرل واٽسن جي سپھ سالاري ۾ سوارن جي ھڪ دستي سان واپس آيا. ڪلائيو بنگال ۾ انگريزن جي خلاف رقابت کي فرانسيسين جي دل مان ھميشہ جي لاءِ ڪڍي ڇڏيو.[1] جون 1757ع ۾ پلاسي جي جنگ ۾ ھڪ سازش جي ذريعي نواب سراج الدولہ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ان کان پوءِ ڪلائيو مير جعفر کي بنگال جو نواب بڻائي ڇڏيو. ڪلائيو 1760ع ۾ وري انگلستان ھليا ويا.

بنگال جو گورنر

[سنواريو]

1765ع ۾ لارڊ ڪلائيو بنگال جي گورنر ۽ ڪمانڊر جي حيثيت سان واپس آيا. کين مغل شھنشاھ شاھ عالم ثاني، نواب اوڌ ۽ نواب بنگال سان برطانيہ جا لاڳاپا استوار ڪرڻ کان سواءِ انتظاميہ جي حالت بھتر ڪرڻ جو اھم ترين ڪم سونپيو ويو. پاڻ الھ آباد ۽ ويجھن ضلعن سان گڏ نواب اوڌ کي ان جي تمام جاگير پنجاھ لک روپين عيوض واپس ڪري ڇڏي. لارڊ ڪلائيو برطانيہ حڪومت جي لاءِ ھڪ معاھدي جي ذريعي شاھ عالم ثاني کان بنگال، بھار ۽ اوڙيسہ جون ديوانيون حاصل ڪري ورتيون ۽ مغل شھنشاھ کي ڇويھ لک روپيہ سالانہ ڏيڻ ج وعدو ڪيو. ھون صوبن جي ذريعي آمدني تي ڪمپني جي لاءِ سڌو سنئون قبضو حاصل ڪري ورتو ۽ حڪمراني بنگال جي نواب جي لاءِ ڇڏي ڏني. لارڊ ڪلائيو غير سرڪاري تجارت ختم ڪري بد اطواري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڻ ملٽري افسرن جو فيلڊ الاؤنس بہ ختم ڪري ڇڏيائين. 1767ع ۾ ھن ھميشہ جي لاءِ ھندستان ڇڏي ڏنو. انگلستان ۾ سندن تي رشوت وٺڻ جو الزام لڳايو ويو. صرف ھڪ سال ۾ ڪلائيو 11 لک 70 ھزار ڊالر جي رشوت ورتي ۽ 1 لک 40 ھزار ڊالر سالانہ نذرانو وٺڻ شروع ڪيو. تحقيق ۾ کين ڏوھاري ڄاتو ويو، پر برطانيہ جي خدمت جي بدلي کيس معافي ڏني وئي. انھن سڀني ڳالھين سان گڏ ملڪ جي لاءِ سندن جي خدمتن جو اعتراف بہ ڪيو ويو پر ڪلائيو لنڊن ۾ 22 نومبر 1774ع تي خودڪشي ڪري ڇڏي.[2][3]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. جامع اردو انسائڪلوپيڊيا (جلد 2، تاريخ)، قومي ڪونسل برائي فروغ اردو زبان نئي دھلي، 2000ع، ص 316
  2. جامع اردو انسائڪلوپيڊيا (جلد 2، تاريخ)، قومي ڪونسل برائي فروغ اردو زبان نئي دھلي، 2000ع، ص 317
  3. رابرٽ ڪلائيو، دائرۃالمعارف برطانيڪا آن لائن

سانچو:Kolkata topics