علامه اقبال

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا
علامه اقبال

ڊاڪٽر علامه محمد اقبال 9 نومبر 1877ع تي پنجاب جي شهر سيالڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ نور محمد هو. پاڻ ڪشميري خاندان سان تعلق رکندو هو. اقبال شروعاتي تعليم قرآن شريف جي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ مشن هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. مري ڪاليج مان ايف اي جو امتحان پاس ڪيائين. پنجابي ايليٽ ڪلاس علامه اقبال کي پاڪستان جو ذهني باني يا مفڪر پاڪستان سڏائي ٿو‏، پر هُو گڏيل هندستان جو حامي هو. پاڻ اعلى پايي جو شاعر هو. هندستان جو مقبول ترين قومي گيت ”ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا“ جو شاعر علامه اقبال آهي. پاڻ ڪيئي ڪتاب لکيائين جن ۾ بانگ درا، بال جبريل، شڪوه، جواب شڪوه ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب مشهور آهن. علامه اقبال 21 اپریل 1938ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو بادشاهي مسجد لاهور جي ڀرسان واقع آهي.

شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال سيالڪوٽ ۾ 9 نومبر 1877ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو تعلق ڪشميري -برهمڻ- خاندان سان هو، جيڪو خاندان سوا ٻه سئو سال پهرين -اسلام- قبول ڪري چڪو هو ۽ ڪشمير مان لڏي سيالڪوٽ ۾ اچي -آباد- ٿيو. سندس والد جو نالو شيخ نور محمد ۽ والده جو نالو -امام- بيبي هو. ننڍڙي اقبال کي ابتدائي -تعليم- لاءِ مڪتب ۾ ويهاريو ويو ۽ بعد ۾ 1883ع ۾ اسڪاچ مشن -بهائي- اسڪول ۾ داخل ٿيو، -جتي- کيس عربي ۽ فارسي علمن جي -تعليم- لاءِ سيد مير حسن جهڙو -استاد- ۽ رهبر مليو. 1899ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ ڪجهه عرصو اورنٽيئل ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ (1903ع 1905ع) فلسفي ۽ -تاريخ- جو -استاد- رهيو. ”علم الاقتصاد“ سندس انهيءَ دور جي -تصنيف- آهي. 1905ع ۾ بئريسٽري لاءِ انگلينڊ ويو، سيپٽمبر 1905ع ۾ ٽرنٽي ڪاليج ڪيمبرج ۾ داخل ٿيو ۽ -جولاءِ- 1907ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. 12 -آگسٽ- 1907ع تي جرمن جي سومونڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ادب ۾ ڊي. لٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. علامه اقبال -جولاءِ- 1908ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو، ڪجهه مهينا يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ پروفيسر آرنلڊ جي وڃڻ کانپوءِ -ان- جي جڳهه تي عربيءَ جو -استاد- مقرر ٿيو، پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ فلسفي جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1913ع تائين اها خدمت سرانجام ڏنائين. 1922ع ۾ حڪومت -برطانيا- سندس ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ کيس ”سر“ جو خطاب ڏنو. 1928ع ۾ مدراس حيدرآباد ۽ علي ڳڙهه ۾ ليڪچر ڏنائين ۽ 27 سيپٽمبر 1931ع ۾ ٻي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ويو، لنڊن ۾ قيام دوران مختلف انجمنن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ اسلامي ملڪن جي معزز شخصيتن سان ملاقاتون ڪيائين. -ٽين- گول ميز ڪانفرنس ۾ ارسٽو ٽولين سوسائٽيءَ جي اهتمام هيٺ لنڊن ۾ ”ڪيا مذهب ڪا امڪان هي“ جي موضوع تي تقرير ڪيائين. -ٽن- هفتن کانپوءِ -اسپين- جي سياحت لاءِ روانو ٿيو ۽ انهيءَ سياحت دوران ڪجهه -اردو- نظم لکيائين، -جن- ۾ مشهور نظم ”مسجد قرطبه“ به شامل آهي. 26 -جنوري- 1933ع تي -اسپين- مان واپسيءَ وقت پيرس پهتو ۽ 1933ع جي آخر ۾ -افغانستان- جو دورو ڪيائين. علامه صاحب 1935ع ۾ پنهنجي گهرواريءَ جي انتقال کانپوءِ بيمار رهڻ لڳو. انهيءَ ڪري وڪالت به ڇڏي ڏنائين. -ڀوپال- جي نواب سندس اها حالت ڏسي هن لاءِ 500 رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو. سندس هيٺيون تصنيفون (1) علم الاقتصاد (1903)، (2) تشڪيل جديد الاهيات اسلاميه، (3) -ايران- مابعد الطبيعيات ڪا ارتقا، (4)- اسرار خودي (فارسي)، (5)- رموز بيخودي (فارسي)، (6)- پيام مشرق (فارسي)، (7)- بانگ درا (اردو)، (8)- زبور عجمه (فارسي)، (9)- جاويد نامه (فارسي)، (10)- -بال- -جبريل- (اردو)، (11)- ضرب ڪليم (اردو)، (12)- پس چه بايد کرد، (13)- اي اقوام شرق، (14)- ارمغان حجاز (فارسي)، (15)- آئينه عجم (فارسي شاعرن جو انتخاب)، کانسواءِ علامه صاحب درسي ڪتاب به لکيا، اقبال جي استادن ۾ شڪارپور تعلقي جو علامه علي محمد ڪاڪيپوٽو به شامل هو. جنهن کيس فلسفي ۽ منتق جي -تعليم- ڏني. علامه اقبال 21 -اپريل- 1938ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ۽ کيس -بادشاهي مسجد- لاهور جي دروازي ويجهو دفن ڪيو ويو. علامه صاحب جي مثنوين جو منظوم سنڌي ترجمو لطف -الله- -بدوي- ڪيو آهي.[1]



Incomplete-document-purple.svg ھي ھڪ ڪچو مضمون آھي۔ توھان ھن ۾ اضافو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا۔
  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%82%D8%A8%D8%A7%D9%84%20%D8%B9%D9%84%D8%A7%D9%85%D9%87%20%DA%8A%D8%A7%DA%AA%D9%BD%D8%B1