اڙيا ٻولي
اوڙيا ٻولي (Oriya)، اُتڪلي، اوڏڙي، اوڊرم، اوليا، اوڙيسا، واڊيا ۽ يڌيا جي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي. مغل بندي اوريا جو معياري لهجو آهي. ڏاکڻي اوريا، اترين اوريا، الهندي اوريا، جنهن کي سمڀلپوري به چون. اتر بلاسور اوريا، مدناپوري اوريا، هلبي. هر لهجي کي وري ننڍا ننڍا لهجا آهن. هيءَ ٻولي هندستان جي رياستن اوڙيسا، جهار کنڊ (رانچي ضلعي ۾)، ڇتيس ڳڙهه (راءِ ڳڙهه، راءِ پور، بستار ضلعن ۾)، اولهه بنگال (مديني پور ضلعي ۾) آسام، آنڌرا پرديس کان سواءِ بنگلاديش ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ڀارت ۾ هن جا ڳالهائيندڙ 3,16,66,000 کن ٿيندا.
هڪ خيال آهي ته هيءَ ٻولي هند-يورپي، هند-ايراني ۽ هند-آريائي ٻولين جي مشرقي خطي جي شاخن مان آهي. جڏهن ته ٻئي خيال موجب دراوڙي آهي. هيءَ ٻولي اوريائي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. هيءَ ٻولي اصل ۾ اوڏن جي ٻولي آهي. هڪ خيال آهي ته اوڙيسا، اوڏرديش کي چون ٿا. اوڏن جي سنڌ ۾ موجودگيءَ سبب چئي سگهجي ٿو ته هيءَ ٻولي سنڌ ۾ به ڳالهائي ويندي آهي، پر ان تي سنڌيءَ جو گهڻو اثر آهي.[1]