جان رسڪن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ضد ابهام صفحن جي لاءِ معاونت زير نظر مضمون آرٽ جو نقاد تي آهي۔ جان رسڪن جي پينٽنگ جيڪا ملائيس ٺاھي جيڪو ڪئناڊا جي ميڊيا جي شخصيت آهي. جان رسڪن (سلجھائپ) ڏسو۔

جان رسڪن
(انگريزي ۾: John Ruskin خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
John Ruskin.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم 8 فيبروري 1819[1][2][3][4][5][6][7][8][9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
لنڊن  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 20 جنوري 1900 (81 سال)[1][2][3][4][5][6][7][8][9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملی زندگی
پيشو ليکڪ،فلسفي،شاعر  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي انگريزي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي[10]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
آجر آڪسفورڊ يونيورسٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو employer (P108) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
John Ruskin signature 1880.svg 

جان رسڪن ( 8 فيبروري 1819 ۾ ڄائو ۽ 20 جنوري 1900 ۾ وفات ڪيائين).

رسڪن جو ننڍپڻ ڏيکاريندڙ پينٽنگ جيڪا جيمز نارٿڪوٽ ٺاھيو

زندگي[سنواريو]

هو هڪ شراب جي واپاريءَ جو سڪيلڌو پُٽ هو، سندس نيپاج عيسائي مذهب جي نيمن ۽ تقاضائن مطابق ٿيو. اڃا ننڍڙو ئي هو، ته ”انجيل“، پوپ (Pope) جي ”هومر“ (Homer)، اسڪاٽ (Scot) جي ناولن ۽ ”پلگرمس پراگريس“ (Pilgrim’s progress) جهڙن مشهور ڪتابن سان روشناس ٿيو. انهن سڀني ڪتابن جو سندس زندگيءَ ۽ تصنيفات تي گَهرو اثر پيو.[11] سندس والد اڪثر تجارت جي سلسلي ۾ مسافريون ڪندو هو، تنهنڪري هن کي به پنهنجي پيءُ ماءُ سان گڏ مسافريءَ ڪرڻ جو موقعو ملندو رهيو. انهيءَ ڪري، ننڍڙيءَ ڄمار ۾ انگلنڊ، سئٽزرلئنڊ ۽ اٽليءَ جهڙن وڻندڙ ملڪن جي اندرين ڀاڱن جي ڏسڻ جو موقعو مليس. سندس والده، قدرتي نظارن کي، هن جي تعليم جو ذريعو ڪري، استعمال ڪندي هئي. اهڙي نموني پرورش پاتل ”جان“، ننڍيءَ اوستا ۾ ئي، ادبي تصنيفات لکڻ جو لائق بنجي ويو. ستن سالن جي ڄمار ۾، هڪ شعر لکيائين، جنهن ۾ ڪڪرن، وڄ ۽ گجگوڙ جو بيان ڏنل هو. نون سالن جي ڄمار ۾ ”ڪائنات“ جي موضوع تي هڪ شعر لکيائين. جڏهن پندرهن سالن جو ٿيو، ته هڪ مقالو ”دي جيالاجيڪل اسٽرنٽا آف مائونٽ بلئنڪ“ موئونٽ بلئنڪ جو طبقات الارضي معائنو (The Geological Strata of Mount Balnc) ڇپي پڌرو ڪيائين.[11] هيتريءَ تربيت جي باوجود، سندس لياقتن اڃا پوري ڪماليت حاصل نه ڪئي هئي. جڏهن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ بي. اي جي امتحان لاءِ تياري ڪري رهيو هو، ته ماڻس، سندس نظرداري ڪرڻ جي خيال کان وڃي، انهيءَ شهر ۾ رهي هئي ۽ پاڻ ماءُ سان هر روز گڏجي شام جي چانهه پيئندو هو. هن عرصي ۽ شاديءَ واري ناخوشگوار زماني کا سواءِ، ٻاونجاهه سالن جي ڄمار تائين، باقي سمورو وقت هو پنهنجي لنڊن واري گهر ۾ رهندو آيو، جتي پنهنجي ماءُ کي هر روز انجيل جا ٽڪرا پڙهي ٻڌائيندو هو. جيتوڻيڪ ماءُ سان مذهبي متن ۾ هم خيال رهڻ گهڻو اڳ ڇڏي ڏنو هئائين، تاهم هن جو گهڻو احترام ڪندو هو.[11] ٽرنر (Turner) جهڙي مصور پنهنجي لياقت جو سڪو اڃا ڪو نه ڄمايو هو، تنهن کان اڳ رسڪن سندس تصنيفات جو دلداده رهيو. سترهن سالن جي عمر ۾، رسڪن ٽرنر سان اختلاف رکندڙ نقادن کي، هن جي بچاءُ ۾ اطمينان بخش جواب ڏنا، ان سلسلي ۾ سندس ”ماڊرن پينٽرس“ (”جديد مصور“) ڪتاب جي پهرئين جلد جي شايع ٿيڻ سان فني دنيا ۾ هلچل مچي ويئي، ۽ رسڪن جي هن ڪتاب جي اهڙيءَ مشهوريءَ ٽرنر جي نالي کي هر هنڌ چمڪايو ۽ مشهور ڪيو. هن جي تصنيف جو ڳچ ڀاڱو، جنهن جو فن سان واسطو آهي، سو پندرهن سالن جي عرصي ۾ تيار ٿيو. سيون لئمپس آف آرڪيٽيڪچر“ (”عمارتسازيءَ جا سَت شمعدانَ“) (Seven Lamps of Architecture) جي ڇپجي پڌري ٿيڻ سان، هن جي علم وادب ۾ پيدا ٿيل عام دلچسپيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. ان بعد ”اسٽونس آف وينس“ (وينس جا پٿر (stones of Venice) جنهن کي ڪارلائل (Carlyle) ”سرمنس ان اسٽونس“ (Sermons In Stones) يعني ”پٿرن ۾ معرفت جا دفتر“ ڪري سڏيو آهي، سو به جلد ئي ظاهر ٿيو. ان ڪتاب ۾ وينس واري گوٿي طرز تعمير (Gothic Architecture of Venice) کي فن عمارتسازيءَ جو هڪ اهو مثال بيان ڪيو ويو آهي، ”جنهن جي هر نشاني ۾ قومي ايمان ۽ گهريلو اخلاق جا آثار موجود آهن.“ 1848ع ۾، يوفيمياگري (Euphemia Gray) نالي هڪ عورت سان شادي ڪيائين. ننڍي هوندي ان عورت جي استدعا تي هڪ پَرين جي آکاڻي (The King Of Golden River)”سوني نديءَ وارو بادشاه“ جي سري سان لکي هئائين. افسوس، جو جنهن دلگهريءَ محبوب سان شادي ڪيائين، سا هميشه لاءِ سندس ٿي رهڻ لاءِ تيار نه ٿي.

جان رسڪن 1950 ۾ --لائيف ميگزين مان ورتل ڦوٽو

ڪجھ وقت گذرڻ بعد، يعني 1853ع ۾ پنهنجي هن زال کي مجبور ٿي طلاق ڏنائين.

Effie Gray painted by Thomas Richmond. She thought the portrait made her look like "a graceful Doll".[12]

اڳتي هلي، ان مائيءَ واري هڪ نقاش، سر جان ملائس (Sir John Millais) سان شادي ڪئي. ان بعد، رسڪن پنهنجي زندگي ليڪچرار جي حيثيت سان (مزورن جو ڪاليج- (Working Men’s College ۾ جيڪو عيسائي اشتراڪيت (Christian Socialism) جو هڪ مرڪز هو، ايف. ڊي. مائيس (F. D. Mauice) ۽ چارلس ڪنگسلي (Charles Kingsley) سان آرٽس ليڪچرار جي حيثيت سان همڪنار رهيو.[11]

سن 1857ع ۾ مئنچيسٽر ۾، فن جي سياسي اقتصاديات (Political Economy of Art) جي موضوع تي تقريرون ڪيائين، جي بعد ۾ ”اي جاءِ فار ايور“ (A joy for Ever) (دائمي مسرت“ جي عنوان سان شايع ٿيون. هنن ليڪچرن مان سندس سماجي خدمت جي ابتدائي رجحان جو پتو پوي ٿو، ۽ اُنهيءَ سماجي خدمت جي جذبي سندس زندگيءَ جي باقي حصي تي بلڪل گهرو اثر ڪيو. کيسز انسانذات لاءِ ايترو ته انس محبت هئي، جو سندس ذهن مان پوءِ خالص فن جو خيال تقريباً هميشه لاءِ موڪلائي ويو. 1860ع ۾، هن جي حياتيءَ ۾ نمايان تبديلي آئي، ۽ آنٽ دس لاسٽ (Unto This Last) وارا مضمون ڪارن هول مخزن (Cornhill Magazine) ۾ ڇپرائي، سياسي اقتصاديات جي ماهرن جو توجهه ڇڪايائين. هن انهن کي نهايت زوردار نموني للڪاريو ۽ پنهنجي چئلينج کي مرڻ گهڙيءَ تائين واپس نه ورتائين. نه رڳو ايترو پر وقت بوقت انهيءَ چئلينج کي وري وري وڌيڪ زور سان پنهنجي تحريرن، تقريرن ۽ پڻ عملي ڪارگذارين جي صورت ۾، دهرائيندو رهيو. سندس اهو خيال هو ته عمدي فن جو واڌارو فقط انهيءَ قوم ۾ ممڪن آهي، جا قوم اخلاقي طرح ممتاز آهي. 1849ع ۾ سئٽزرلينڊ ۽ اٽليءَ جي ڪاشتگارن جي پست هالت جي دردناڪ خبرن سندس دل کي نهايت غمگين ڪيو. ورڪنگ مينس ڪاليج ۾، مذڪور مسئلن تي ليڪچر ڏيندي، کيس انهيءَ ڏس ۾ وڌيڪ چٽي ۽ گهري معلومات ملي ۽ 1859ع ۾ جيڪا معمارن جي هڙتال ٿي هئي، تنهن ڪارن هل مخزن ۾ هن ڪتاب وارن مقالن جي ڇپجڻ لاءِ تڪڙو موقعو پيدا ڪيو. هڪ هنڌ پاڻ چيو اٿس ته ”هنن انجڻين ۽ حريص تجارت جو غلبو موجوده وقت ايترو ته قبضي کان ٻاهر نڪري ويل ڏسان ٿو، جو نه فقط عمارتسازيءَ جي مطالعي کي ترڪ ڪري ڇڏيو اٿم ۽ ائين سمجهان ٿو ته دشمن جي گهيري هيٺ آيل هڪ شهر ۾ بند ڪيو ويو آهيان ۽ پنهنجو فرض ٿو سمجهان ته ان شهر جي بيشمار باشندن لاءِ کاڌ ۽ خوراڪ جي هٿ ڪرڻ جا رستا سوچيان.“[11]

John Ruskin painted by the Pre-Raphaelite artist John Everett Millais standing at Glenfinlas, Scotland, (1853–54).[13]

پوءِ، ان زماني جي تسليم شده سياسي اقتصاديات خلاف، جو هن جهنڊو بلند ڪيو، ان جا چٽا نشان هُن جي هن مشهور معروف ڪتاب ”انٽ دس لاسٽ“ ۾ واضع آهن. ساڳئي نظريي جي وڌيڪ اپٽار سندس لکيل ڪتابن ”مُنرا پَلويرس“ (Munera Pulveris) ”ٽائيم ائنڊ ٽائيڊ“ (وقت ۽ وير _ (Time and Tide ۽ سسيم ائنڊ لليز“ (Sesame and Lilies) مان نمايان آهي. منجهائن پويون ڪتاب اهو آهي، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ، ڪتابن متعلق پنهنجا خيال ظاهر ڪيا اٿس، ۽ پڻ عورت ذات کي پنهنجي مخصوص پاڪيزه انداز ۾ خطاب ڪيو اٿس- هي ڪتاب سندس مقبول ترين ڪتابن مان هڪ آهي. سال 1870ع ۾، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾، سندس ڪيل تقريرن مان پهرينءَ تقرير جي مضمون مان ظاهر آهي ته هن جا نظريا جيئن پوءِ تيئن زياده پختگي حاصل ڪري رهيا هئا. هي تقريرون ۽ ليڪچر هن ”فن لطيف“ جي موضوع تي، پروفيسر جي حيثيت سان، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾، قريب قريب پندرهن سال ڏنا، پر اهي سڀ ليڪچر فن جي موضوع تي گهٽ ۽ سماجي مسئلن تي زياده هئا. انهيءَ دور ۾ پنهنجي سماجي نظريي جو اعلان ”فارس ڪليويجيرا“ (Forsclavigera) جي شايع شده خطن ذريعي پڌرو ڪندو رهيو ۽ ساڳيو وقت سماجي سڌارن متعلق تجربا به ڪيائين- جيتوڻيڪ اهي زياده تر ڪامياب نه ٿيس. هن علمي دائري ۾، سينٽ جارج ڪمپنيءَ (St. George Company) وارو تجربو سندس ٻين سڀني تجربن کان مشهور چيو وڃي ٿو. هن ڪمپنيءَ جي کولڻ جي اهائي مراد هئي ته هٿ جي پورهيي کي همتائجي ۽ مشينن جي پورهيي کي هٽائجي ۽ گهٽ ڪجي. انهيءَ مقصد کي پوري ڪرن لاءِ، مالي امداد جي ضرورت هئي. انهيءَ ڪري رسڪن، ڪمپئنيءَ جي حمايتن کان، سندن ملڪيت جي ڏهين حصي جي طلب ڪئي. منجهانئن هرڪو دم دلاسي ڏيڻ وارو هو، ۽ ڪنهن به هڙان مدد ڪانه ڪيس. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو پنهنجي پيءُ کان حاصل ٿيل پونجي، اٽڪل هڪ لک ستونجاهه هزار پائونڊ، انهيءَ ڪم ۾ استعمال ڪري ڇڏيائين، ۽ پنهنجو گذران ڪتابن جي نفعي مان ڪندو رهيو- ڇاڪاڻ ته خالص پئسي جي سيڙپ واري نفعي کي استعمال ڪرڻ گناهه سمجهندو هو.[11] 1871ع ۾، رسڪن جي ماءُ گذاري ويئي، ۽ مادرانه شفقت جو سايو هميشه لاءِ سندس سر مٿان کڄي ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو تنهائيءَ ۽ ملال جي زندگي گذارڻ لڳو. اهڙيءَ زندگيءَ هن کي ٻي شادي لاءِ ويچار ڪرڻ تي مجبور ڪيو. روزلا ٽچ (Rosela Touche) نالي هڪ ڇوڪريءَ سان ننڍي هوندي کان وٺي، سندس واقفيت هئي. نيٺ 1872ع ۾، انٽيويهن سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريائين. ڇوڪري مذهبي ڳالهين ۾ ڏاڍي انتها پسند هئي، پر رسڪن مذهبي ڳالهين ۾ آزاد خيال هو، تنهنڪري اهڙي آزاد مذهب واري ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻ هن لاءِ ممڪن نه هو، سو نيٺ مجبوراً انڪار ڪيائين. رسڪن کيس شاديءَ لاءِ چوندو رهيو، پر هيءَ ڇوڪري پنهنجي خيال کان ذرو به نه هٽي. ويچاريءَ جي ڪا عمر ٿوري هئي سو هن واقعي کان ٽن سالن جي عرصي بعد، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويئي. جيتوڻيڪ انڪار ڪندي رهي، ته به رسڪن کي دل سان پيار ڪندي هئي. ۽ رسڪن جي به ساڻس ڏاڍي محبت هئي- هن جي انڪار سندس پهرينءَ زال جي بيوفا ٿي وڃڻ واريءَ ضرب کان کيس وڌيڪ چوٽ هنئي. ويچاري دلشڪسته رسڪن جي بدني طاقت جواب ڏيئي بيٺي، ۽ ذهني قوتون صفا بيڪار ٿي پيس. 1878ع ۾ سندس دماغي پريشاني ويتر وڌي ويئي، ۽ ان جو اثر سندس ڪتابن ”جافر ڪليويجيرا“ ۽ آڪسفورڊ ليڪچرس“ تي به ڪافي پيو؛ ايتريقدر، جو انهن ڪتابن ۾ڪيتريون پيچيدگيون رهجي ويون. جي پوءِ ڪڏهن به صفا ٿي نه سگهيون.

John Ruskin in 1882

انهيءَ صدمي کان پوءِ، هو وري موٽي سالم حالت ۾ نه آيو. مذڪور حالتن جو نتيجو اهو نڪتو، جو 1884ع ۾، هن آڪسفورڊ ۾ ليڪچر ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا، ۽ ڪونسٽن (Coniston) شهر واري گهر ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو.

Upper: Steel-plate engraving of Ruskin as a young man, c. 1845, print made c. 1895.
Middle: Ruskin in middle-age, as Slade Professor of Art at Oxford (1869–1879). From 1879 book.
Bottom: John Ruskin in old age by Frederick Hollyer. 1894 print.

انهيءَ گهر ۾ تيستائين پنهنجو وقت گذارڻ لڳو، جيستائين دماغي پريشانيءَ سبب 1899ع ۾، هن دنيا مان رحلت ڪري ويو. مذڪور حالت ۾ به سندس قلم مان اهو ڪتاب نڪتو آهي، جو سندس سڀني ڪتابن جو سرمور آهي، انهيءَ ڪتاب۾ سندس شروعاتي زندگيءَ جواحوال ڏنل آهي، جوهن پنهنجي ڊائريءَ جي آڌار تي، ان وقت جيڪا سندس دل جي حالت هئي، ان مقابلو ڪري، پيش ڪيو آهي.[11]

The grave of John James Ruskin in the churchyard of St John the Evangelist, Shirley, Croydon
Inscription on John James Ruskin's memorial

رسڪن جي زماني وارو انگلنڊ[سنواريو]

رسڪن صنعتي انقلاب (Industrial Revolution) واري دور جي وچ ۾ پيدا ٿيو، جنهن انقلاب ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ اوڻهين صديءَ جي شروعات ۾ عوام جي زندگيءَ جي ڳچ پهلوئن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. هن دور ۾ ٻاڦ ۽ تيل تي هلندڙ انجڻيون ايجاد ڪيو وييون. گهرو ڪارخانا تباه ۽ برباد ٿي ويا. وڏا وڏا ڪارخانا برپا ٿيا. زراعت جو ڪاروبار رولي ۾ اچي ويو. ننڍڙن زميندارن کي زمينون وڪڻڻيون پيون. مالدار ۽ ننڍا ڪاشتگار بکون ڪاٽڻ لڳا. شهه ڪاريگر مزور ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا. اهڙيءَ طرح ماڻهن جي خود مختاري موڪلائي ويئي، ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ دولتمند روزگار ڏيندڙ طبقي تي مدار ٿي رکيو.[11] ڪيترا ماڻهو پنهنجي حيثيت سڌارڻ جي خيال کان شهرن ڏي لڙي پيا. پر شهرن ۾ پڻ حالت اهائي هئي جيڪي ڪاريگر صنعتي انقلاب کان اڳ پنهنجو ڪچو مال خريد ڪري، ڪتي، اُڻي ۽ مال تيار ڪري وڪرو ڪندا هئا، سي انجڻين جي تيار ٿيل مال جو مقابلو ڪري نه سگهيا. انهن جي حيثيت هر هنڌ ڪاريگر جي درجي کان نڪري، وڃي ڪارخاني جي مزورن جي درجي تي پهتي، اُجرتون ايتريون ته گهٽجي وييون، جو عزت واري زندگي گذارڻ به ناممڪن ٿي پيئي. انهيءَ ڪري هر ڪٽنب جا تقريباً سڀ ماڻهو، چئن سالن جي ٻارن کان وٺي وڏن تائين، مزوريءَ ۾ رڌل رهندا هئا. تخمينو لڳايو ويو ته 1835ع ۾ اٽڪل ٽيهه لک رڳو ننڍا ٻار مزوري جو ڪم ڪندا هئا، جن کي هفتي جي ڪم لاءِ ٻارهن آنن جي قريب اُجرت ملندي هئي. ان وقت ڪم ڪندڙ چاليهه لکن بالغ مزرون منجهان گهڻو حصو ڇهن رپين کان وٺي نون رپين تائين هفتي ۾ڪمائيندو هو. ان وقت جي قانونن مطابق مزور جماعتون ٺاهڻ يا هڙتال ۾ شرڪت ڪرڻ تي سخت پابنديون پيل هيون. ۽ جيڪڏهن ڪو به انهن جي انحرافي ڪندو هو، ته يا جيل جو منهن ڏسندو هو يا شهر نيڪاليءَ جهڙي سزا نصيب ٿيندي هيس. جيڪڏهن ڪو به مزور ڪارخانيدار سان ڪيل اقرارنامي جي ڀڃڪڙي ڪندو هو، ته مٿس مقدمو هلايو ويندو هو. وڏي مصيبت جي ڳالهه اها هئي، جو گهڻو ڪري سڀئي مئجسٽريٽ خود انهن ڪارخانن جا مالڪ هوندا هئا، ۽ انهن مزورن تي مقدما به پاڻ هلائيندا هئا.[11] هنن گهٽ اجرتن ڏيڻ جي رواج کي آقي باقي انهيءَ ڳالهه هٿي ڏني، جو انهن مزورن جي معصوم ٻارڙن کي نيلام ڪيو ويندو هو، ۽ مقاطعدار انهن کي خريد ڪري، سندن مائٽن کان ٻن سئو ميلن جي مفاصلي جي دوريءَ تائين به وٺي وڃي ڪم ۾ لڳائيندا هئا. 1825ع جو هڪ مثال آهي ته هڪ ٻاويهن سالن جي عورت کي انهيءَ ڪري جيل ۾ موڪليو ويو جو هن اهو اقرارنامو ٽوڙيو هو، جنهن موجب هن پهرئين سال واسطي ٽن رپين هفتي جي مزوريءَ جي حساب سان، ۽ ٻئي سال جي واسطي ساڍن ٽن رپين هفتي جي مزوريءَ ڪرڻ جو اقرار ڪيو هو. هن جو گذارو، سندس چوڻ موجب، صرف رُکي مانيءَ ۽ پاڻيءَ تي ٿيندو هو.[11] ننڍڙا ٻارڙا ڪارخانن ۾ تمام گهڻو وقت ڪم ڪندا هئا. 1733ع ۾، ڪارلائل لکيو ته ”ننڍڙا ٻارڙا، جي سورهن ڪلاڪن جي حساب سان روزانو ڪم ڪن ٿا ۽ هر هڪ دم سان ڪپهه جي دز جو چڱو حصو پنهنجي ڦڦڙن ۾ نين ٿا، سي اڪثر ڪري انجڻين جي ڦيٿن جي مٿان ننڊ جي گيرٽ ۾ پئجي رهن ٿا، ۽ انهن کي يا ته چمڙي جي چهبڪ سان جاڳايو وڃي ٿو يا انجڻين جي ڦيٿي جي هلڻ سان سندن کوپڙيءَ مٿان ڌڪ لڳي ٿو ۽ هو جاڳي پون ٿا. وڌي افسوسناڪ حيرت انگيز هيءَ ڳالهه هئي ته جن مزورن کي وڏيون اجرتون حاصل ٿينديون هيون، تن کي وري ووٽ ڏيڻ جو اختيار ڪو نه هو، جيستائين وڃي 1823ع ۾ پهريون ”سڌاري وارو قانون“ پاس ٿيو. وقت جي ”سياسي اقتصاديات“ جو، جنهن تي رسڪن ايتريءَ شدت سان حملو ڪيو آهي، اهو وڏي ۾ وڏو اصول هو ته ڪوبه ماڻهو ڪارخانيداريءَ جي ڳالهين ۾ دخل نه ڏئي، ڇاڪاڻ ته اهڙي روس ملڪ جي واڌاري ۽ ترقيءَ جي نقطه نگاهه کان هڪ عظيم گناهه آهي ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو جڏهن پارليامينٽ ۾ مزورن جي ڪم جي روزاني عرصي يا حد مقرر ڪرڻ لاءِ يا ڪارخانن ۾ مزورن کي ڪم ڪرڻ وقت ڪن سهولتن ڏيڻ لاءِ جيڪا به ڪوشش ڪئي ٿي ويئي، ان کي هر وقت اکيون ٻوٽي رد ڪيو پئي ويو. اڳتي هلي، گهڻيءَ مٿاڪُٽ ۽ جدوجهد کان پوءِ، جيڪي به مزورن جي حمايت ۾پهريان قاعدا پاس ٿيا، سي بنهه ناڪامياب ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ جو هڪ ته ڪارخانيدار انهن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪندا هئا، ۽ ٻيو ته انهن قاعدن جي ڀڃڪڙين خلاف ڪيس هلائيندڙ مئجسٽريٽ به اڪثر خود ڪارخانيدار ئي هئا. اهي حالتون تيستائين جاري رهيون، جيستائين 1842ع ۾، ارڙهن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي واسطي روزانو ڏهه ڪلاڪ (مانيءَ جي وقت کان سواءِ) ڪم ڪرڻ جو مدو مقرر ٿيو. تنهن هوندي به ڪارخانن کان سواءِ ٻين هنڌي تي، تنهن زماني کان وٺي اڃا تائين ننڍن ٻارن جي ڪم جا ڪلاڪ مقرر نه ٿيا ۽ نه ٿي سگهيا آهن،[11] وقت جي سياسي اقتصاديات، ڪارخانيداريءَ ۽ ٻين ڳالهين ۾ ٻاهرئين دخل جي روش جي مخالف هئي، مگر ٻاهرئين اناج جي آمدنيءَ جو ملڪ اندر دخل ان کي ڏاڍو پسند هو. ”تجارتي حفاظت“ جي قانون مطابق انهيءَ انجي قيمت ايترو ته چوٽ چڙهي ٿي ويئي، جو ڪيترن مزورن کي خريدڻ جي قوت نه هئڻ سبب، بک ڪاٽڻي ٿي پيئي. اڪثر ڪري ماني گچ (Plaster) مان ٺاهي ويندي هئي. زندگيءَ جي ضروريات تي ڳاٽي ڀڳا محصول مڙهيا ويندا هئا. حڪومت جي طرفان ڪو به تعليم جو بندوبست ڪو نه هوندو هو، ۽ روزاني ڪم جا ڪلاڪ اهڙي ته نموني سان مقرر ٿيل هئا جو مائٽن کي اها گهڙي به نصيب نه ٿيندي هئي جو هو پنهنجي اولاد کي رڳو دستوري ۽ رواجي معلومات وارين ڳالهين کان به واقف ڪري سگهن. اوهان کي هيءُ ٻڌي عجب لڳندو ته 1842ع ۾، ڏکڻ ويلس (South Waels) جي سڄي ملڪ ۾ پنجاهه سالن جي عمر وارن يا گهٽ عمر وارن ماڻهن ۾ هڪ به پڙهيل ڪونه هو. شهرن کا سواءِ ٻهراڙين ۾ به بلڪل سوڙهيون * اونداهيون جايون جوڙيون وينديون هيون، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان جاين جا مالڪ مسواڙ جي صورت ۾ زياده پئسو حاصل ڪري سگهندا هئا- ٿوري پئسي سان جيتريون گهڻيون جايون جڙيون ٿي، اوترا گهڻا پئسا هو مسواڙين کان حاصل ڪري ٿي سگهيا. هن حيواني بي انصافيءَ جو احساس تيستائين سرمائيدار ڌر کي نه ٿيو، جيستائين پنهنجو سڄو ملڪ پليگ جي بيماريءَ ۾ وڪوڙيل نه ڏٺائون. سال 1855ع ۾ پليگ جي بيماري گهر گهر پکڙجي ويئي. هزارين گهر تباهه ٿي ويا. ان وقت جڏهن هيءَ پليگ جهوپڙين مان ٻاهر منهن ڪڍي، شاهوڪارن جي محلن ۾ داخل ٿي (ڇاڪاڻ ته محلن ۾ رهندڙن جا ڪپڙا انهن پليگ زده جهوپڙين جي رهواسين ئي جوڙيا هئا)، تڏهن شاهوڪار پنهنجي دولت جي طاقت سان، جنهن تي کين ايترو ناز هو ۽ جنهن جي ميڙڻ جو حرص سندن انسانيت کي گهٽيو بيٺو هو. هن موتمار پليگ کان پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي پيارن ڀاتين جي ڪنهن به صورت ۾ جند ڇڏائي نه سگهيا. 1855ع جي هيءَ پليگ بيماري ڪانه هئي، پر خدائي قهر هو. ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو ته هيءَ هڪ عملن جي شامت هئي. واپاري طبقي جو اهو اصول هوندو هو ته سستي اگهه ۾ شيءِ خريد ڪري. مهانگي اگهه ۾ وڪڻندا هئا ۽ اهڙي نموني مايا ميڙيندا هئا. جڏهن انساني آه هڻي هنڌ ڪيو، تڏهن قدرت جي هن قهر ان وقت جي ڪن ماڻهن کي آخر محسوس ڪرايو ته حقيقي دولت مان مراد پئسن جو حصول نه هو. ماڻهن محسوس ڪيو ته اهڙي واپار ۽ زراندوزيءَ ۾ ضرور ڪا خامي هوندي، جنهن جي نتيجي طور اهڙو قهر نازل ٿيو هو. صنعتي انقلاب ۽ ”دخل نه ڏيڻ“ واريءَ پاليسيءَ انگلنڊ کي سڄيءَ دنيا ۾ شاهوڪار ۾ شاهوڪار ملڪ بنائي وڌو، پر اهڙي مالي واڌاري جو سبب به نوجوان ۽ معصوم ٻارڙن، جي قرباني هئي، جن کي بکون ڏيئي، سخت پورهيي ۾ پيڙيو ويندو هو. هزارين ماڻهو اهڙا به هئا، جن جي تندرستي تباهه ٿي چڪي هئي ۽ ڪيترائي جاهل ۽ غلاميءَ جي زندگي بسر ڪري رهيا هئا. جنهن وقت رسڪن ”انٽ دس لاسٽ؟ جي عنوان سان ڪتاب شايع ڪيو، ان وقت ملڪ اندر ڪي قدر سڌارا اچي چڪا هئا؛ پر کين حاصل ڪي ڪين ٿيندو هو. انهن مشڪلاتن جي ڪري، اهي مزور بک، مرض ۽ ٻين مصيبتن جو شڪار ٿيندا هئا. اهڙين تڪليفن کي برداشت ڪرڻ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانه هئي، تنهنڪري هنن کي مجبوراً غم غلط ڪرڻ لاءِ شراب جي نشي ۾ مدهوش رهڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو هو، جو سندن عمر ڏاڍي ٿوري ٿيندي هئي. ڪارخانيدارن جو ايترو ته زور هوندو هو، جو خود حڪومت کي به پنهنجي ڪم ۾ دخل ڏيڻ نه ڏيندا هئا. ان وقت ”سياسي اقتصاديات“ جو علم سرمائيدارن جي بچاءُ ۾ ڪافي دليل پيش ڪندو هو. ان جو اهو چوڻ هو ته هر ڪنهن ماڻهوءَ جي عمل جو محرڪ صرف سندس پنهنجو غرض آهي، تنهنڪري ڪارخانيدارن ۽ مزورن کي جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏبو، ته هو جيتري دولت چاهين ۽ جيئن چاهين تيئن پيدا ڪن ۽ جمع ڪن، ۽ سندن ڪارگذارين ۾ حڪومت ڪابه دست اندازي نه ڪندي، ته ان مان مجموعي طرح ملڪ ۽ قوم کي فائدو پهچندو. ڪارخانيدران جي بچاءُ ۾، اقتصادي ماهر ائين چوندا هئا ته انهن جو گڏ ڪيل سرمايو ته سڄي قوم جي لاءِ فائديمند آهي! هنن اقتصادي ماهرن جي نظر ۾ نقد ناڻو ۽ زندگيءَ جا مادي فائدا ئي قوم جي دولت هئا، ۽ انسان جيڪي حقيقي دولت اهن تن ۾ سندن اک ئي ڪانه ٻڌندي هئي.[11] رسڪن تي ٿامس ڪارلائل (Thomas Carlyle 1795-1881) جي نظريي جو ڪافي اثر هو. هن نه فقط طمع، حرص يا هٻڇ جي پوڄا جي اخلاقي دليلن سان مخالفت ڪئي پر هڪ پاڪ ۽ صاف نئين سياسي اقتصاديات جي ايجاد ڪرڻ جو ڪم به پاڻ تي هموار ڪيو.

John Ruskin Street in Walworth, London

[11]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11923137m — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامہ: Open License
  2. 2.0 2.1 John Ruskin
  3. 3.0 3.1 John Ruskin
  4. 4.0 4.1 Benezit ID: http://oxfordindex.oup.com/view/10.1093/benz/9780199773787.article.B00158143 — named as: John Ruskin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — ISBN 978-0-19-977378-7
  5. 5.0 5.1 SNAC Ark ID: http://snaccooperative.org/ark:/99166/w6qn65qn — named as: John Ruskin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  6. 6.0 6.1 Find A Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/cgi-bin/fg.cgi?page=gr&GRid=6300 — named as: John Ruskin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  7. 7.0 7.1 The Peerage person ID: https://tools.wmflabs.org/wikidata-externalid-url/?p=4638&url_prefix=http://www.thepeerage.com/&id=p65028.htm#i650279 — named as: John Ruskin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  8. 8.0 8.1 ISFDB author ID: http://www.isfdb.org/cgi-bin/ea.cgi?19491 — named as: John Ruskin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  9. 9.0 9.1 Babelio author ID: https://www.babelio.com/auteur/wd/60393 — named as: John Ruskin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  10. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11923137m — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامہ: Open License
  11. 11.00 11.01 11.02 11.03 11.04 11.05 11.06 11.07 11.08 11.09 11.10 11.11 11.12 ڪتاب اقتصادي انصاف (جان رسڪن جي ڪتاب Unto This Last جو سنڌي ترجمو)--ديباچو- مترجم: غلام رضا ۽ نواز علي ڀٽو-؛ ايڊيشن چوٿون ، سال 1971 پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  12. "NPG 5160; Effie Gray (Lady Millais) – Portrait". Npg.org.uk. National Portrait Gallery. 26 December 2016. Retrieved 18 July 2017. 
  13. Ruskin and Millais at Glenfinlas, The Burlington Magazine, Vol. 138, No. 1117, pp. 228–34, April 1996. (Accessed via JSTOR, UK.)