مومل راڻي جو قصو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
مومل راڻي جو قصو
مصنف مرزا قليچ بيگ
اصل عنوان مومل راڻي جو قصو
ملڪ سنڌ, پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع لوڪ داستان
لوڪ ادب
صنف لوڪ ادب
شايع ڪندڙ پوڪرداس ٿانورداس
ڇاپي جي تاريخ
1947 (ڏھون ايڊيشن)

مومل راڻي جو قصو(انگريزي: Moomal Raney Jo Qiso) مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب جو نالو آهي. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جي مطابق مرزا صاحب جو گڏ ڪيل هي حفيظ وارو ”مومل راڻي جو قصو“ ڏهون ڀيرو سن 1947ع ۾ ”پوڪرداس ائنڊ سنس پبلشر ۽ بڪ سيلر شڪارپور“ ڇپائي پڌرو ڪيو. مرزا صاحب لکي ٿو ته هي قصو اصل هڪڙي غريب ماڻهوءَ لعلو نالي ذات تيوڻي، عرف حفيظ جو جوڙيل آهي. هو پاڻ اڻ پڙهيل ۽ اکين کان انڌو هو، پر سندس شعر ۾ ڏاڍي لسائي ۽ ميٺاڄ آهي. اگرچه ڪنهن ڪنهن هنڌ تڪ يا قافيه ۾، يا صحيح لفظن ۾ ٿوري گهڻي ڪچائي آهي، مگر جڏهن اهڙيون حالتون اڪثر سنڌي ٻولي ۾ پڙهيل شاعرن وٽ به روا آهن، تڏهن هن جو گهڻو ڏوهه ناهي[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو جو مضمون "مرزا قليچ بيگ ۽ شڪارپور", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}