پوڪرداس ٿانورداس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پوڪرداس ٿانورداس ڪالرو، سن 1868ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو هو. اوجهن ۽ اسڪولن مان وديا وٺي، تعليم کاتي ۾ منشي مقرر ٿيو. سُڪِي_ پُڪي پگهار تي هٿ سيڪي نه سگهيو ته ترت ئي ڪتب فروشيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. پاڻ جيئن ته لکيل پڙهيل ماڻهو هو ۽ تعيلم کاتي سان وابسته هئڻ سبب ڳڻ ڳوت ڪري اهو ڌنڌو اختيار ڪرڻ پنهنجي لاءِ مفيد ڄاتائين. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڌنڌي کي پنهنجيءَ محنت سان وڌائيندو آيو. آخر چار ڪوڏيون لاڙي ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيائين. پير علي محمد راشدي لکيو ايه ته ”جيڪڏهن سنڌي زبان اڄ تائين حيات آهي، ته اُن جو هڪ سبب پوڪرداس جو ڇاپخانو به آهي. ان ڇاپخاني جي وسيلي اڌ صديءَ تائين ڪتاب ڇپبا رهيا. پوڪرداس جي حيثيت، سنڌي زبان جي تاريخ ۾ اُهائي آهي، جا اردو زبان جي حالت ۾لکنو واريمنشي نولڪشور کي حاصل ٿي. سرڳواسيءَ سوين ڪتاب لکرايا ۽ هزارين جلد ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس مقابلي ۾ سکر جي ماستر هريسنگهه به پوءِ ساڳيو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ زبان جي وڏي خدمت ڪئي، پر پوڪرداس جو ڪاروبار وڌيڪ وسيع هو. سنڌي زبان جي ڪابه تاريخ اوستائين مڪمل ٿي ڪانه سگهندي، جيستائين ان ۾ سنڌيءَ جي انهن ٻن محسنن، يعني پوڪرداس ۽ هريسنگهه جو ذڪر نه هوندو.“ (”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“) پوڪرداس ڪتاب ڇپائڻ کان اڳ ڏٺو ته ماڻهو واندڪائيءَ جي وندر لاءِ قصن ۽ داستانن جو مطالعو ڪن ٿا ۽ دل وندرائن لاءِ مزاحيه ڪتاب پڙهن ٿا، تڏهن هن قن ۽ داستانن جا ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا. پهريائني هن منشي خوشيرام سان گڏ لکيل مزاحيه قصو ”ملا ۽ موالي“ جولاءِ 1889ع ۾ ڇپائي رو ڪيو. ان ڪتاب جون ساڍا ست سؤ ڪاپيون ليٿو گرافيءَ ۾ شڪارپور پريس مان ڇپائي پڌريون ڪيائين ۽ في ڪتاب جي قيمت فقط هڪ آنڪي رکيائين. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ هو ۽ گهٽ قيمت ۾ وڪامجڻ ۾ وقت ئي نه ورتائينس. اجهي هڙئي ڪاپيون هلي ويس، ته ساڳئي سال ڊسمبر مهيني ۾ منشي خوشيرام جا ٻه ڪتاب هر هڪ ”قصو اٺ ۽ گهوڙي جو“ ۽ ”زال مڙس جو جهيڙو“ ڇپائي پڌرا ڪيائين. اهڙا چهر_ بهر وار اڪتاب هلڻ ۾ حد ٽپندا ويس، ته ”سسُ ننهن جو جهيڙو“، ”ٽوپي ۽ پڳ جو جهيڙو“ ۽ ”سيد ۽ ٻائي جو جهڳڙو“ ڇپائي پڌرا ڪيائين. مزاحيه قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن جي اشاعت ۾ پوڪرداس کي چڱو فائدو ٿيو. ان کان پوءِ هن درسي، طبي، ديني ۽ ڌرمي، رمل، نجوم ۽ جفر جي ڪتابن کان علاوه شاعريءَ جي ڪتابن ۽ جنترين ڇپائڻ طرف توجهه ڏنو. پوڪرداس سن 1893ع کان پوءِ ڌڙا ڌڙ ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا ۽ هن جي شهرت ۽ ترقيءَ جو حقيقي دؤر به 1893ع کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. مزاحيه قصن سان گڏ هن طبي ڪتابن جي اشاعت طرف وڌيڪ توجهه ڏنو، ڇاڪاڻ ته قصن ڪهاڻين کان ساءِ طبي ڪتابن مان هن جي اپت ۾ تِهائين وڌيڪ واڌارو ٿيو. هن شڪارپور شهر جي مشهور علوي خاندان جي حڪيم مير علي نواز علوي جي ويجهي عزيز مير محمد اسلم علوي (جو هڪ طرف قابل استاد ۽ شاعرن ۾ ليکيو ويندو هو، ته ٻئي طرف حاذق حڪيمن جي صف ۾شمار ٿيندو هو) جا طب تي لکيل ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا. ميان محمد اسلم علوي جو لکيل پهريون بي ڪتاب ”تحفته العاشقين“ جون 1893ع ۾ ڊيمي سائيز ۾ لاهور جي ”مفيد عام ليٿو پريس“ مان ڇپائي پڌرو ڪيائين. ان ڪتاب جون ست سؤ پنجاهه ڪاپيون ڇپرايون ويون ۽ قيمت فقط ڏهه آنا رکي ويئي. سن 1904ع ۾ اهو ڪتاب ٻيو ڀيرو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. ميان محمد اسلم علوي جو ٻيو ڪتاب طب سنڌي بنام ”مخزن الادويات“ مان ليٿو گرافيءَ ۾ ڇپيو. ساڳئي مصنف جو ٽيون ڪتاب ”قابادين علوي“ جي نالي سان سيپٽمبر 1895ع ۾ ڊيمي سائيز ۾”اسلاميه پريس لاهور“ مان ڇپايو ويو، ان ڪتاب جي قميت پهريائين ٻه رپيا رکي ويئي، پر پوءِ اها گهٽائي سوا رپيو ڪئي ويئي. شروعاتي دؤر ۾ پوڪرداس جا ليٿوگرافي ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ”شڪارپور پريس“ (جا پڻ ليٿو پريس هئي ۽ ان جو مالڪ ڄيٺانند هو)، ”البرٽ پريس سکر“، ”اريڊ اسٽيم پريس لاهور“، ”آريه اسٽيم پريس لاهور“، ”مفيد عام پريس لاهور“، ”خادم التعليم اسٽيم پريس لاهور“، ”هندستان پريس لاهرو“، ”نولڪشور پريس لاهور“، ”رفاه عام اسٽيم پريس لاهور“، ”اسلاميه پريس لاهور“ ۽ ”ڪاشي رام پريس لاهور“ ۾ ڇپبا هئا، انهن ڪتابن جي ڪتابت جو ڪم ميان رب رکيو (ميونسپل شڪارپور جو ملازم)، در محمد، حاجي اويس ۽ آخوند حاجي آدم وغيره ڪندا هئا. پوڪرداس لڳاتار ٻارنهن سال ڏينهن ٻيڻي رات چئوڻي محنت ڪري، ”اُتم کيتي، نيچ نوڪري ۽ وڌندڙ واپار“ واري چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪندي چڱو ناڻو ڪمايو. هن جيڪي ڪجهه ڪمايو، سو وڃائڻ بدران ڌنڌي جو ڌنڌي ۾ شامل ڪندو رهيو. اهڙي مثبت سوچ جي مالڪ پوڪرداس 1898ع ۾ پنهنجي پاڙي نوشهري در شڪارپور ۾ ”پوڪر پريس“ قائم ڪئي، جا پڻ ليٿو پريس هئي. بعد ۾ جڏهن هن ليٿو پريس ختم ري جديد پرنٽنگ پريس قائم ڪئي، تڏهن ان جو نالو ”پوڪر پريس“ مان بدلائي ”سنڌ پرنٽنگ پريس نوشهرو در شڪارپور، رکيائين. اوائل ۾ پريس قائم ڪرڻ کان پوءِ نه فقط پوڪرداس کي سهوليت حاصل ٿي،پر شڪارپور واسين لاءِسوا رپيو ڪئي ويئي. فيد عام ليٿو پريس“ مان ڇپائي پڌرو ڪيه به سهنجائيءَ جو باعث بڻي ۽ شهر ۾ ڇپائي جو واهپو وڌيو، جنهن مان هن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو رهيو. پوڪرداس سنڌي ٻوليءَ کان علاوه فارسي، گرمکي، ديوناگري، سنسڪرت، ڪاٺياواڙي، عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾ به ڪتاب ڇپائڻ لڳو. پوڪرداس جيڪي سنڌي ڪتاب شايع ڪرايا، تن جي سموري تفصيل گڏ ڪرن جي بيحد ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيڪو مواد ميسر ٿي سگهيو اهي، تنهن جو ذڪر آخر ۾ ڪيو ويندو. پوڪرداس نهايت ئي خوش اخلاق ۽ ملنسار طبيعت جو مالڪ هو، هن جا شڪارپور کان علاوه پوري هند_ سنڌي جي اديبن شاعرن، دانشورن، صحافين ۽ آفيسرن سان گهرا تعلقات هوندا هئا. هو پنهنجي تعلقات ۾ ڪڏهن به ڪمي آڻڻ نه گهرندو هو. سندس دڪان تي اديبن، شاعرن، صحافين، حڪيمن، عالمن ۽ آفيسرن جي اچ وڃ لڳي پيئي هوندي هئي. هو هر هڪ مصنف کي تصنيف جو معاوضو ادا ڪندو هو ۽ ڇپيل ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون پڻ ڏيندو هو. پوڪرداس جا سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق شمس العلماءُمرزا قليچ بيگ سان به گهرا لاڳاپا هوندا هئا. هن مرزا صاحب جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا هئا، انهن ڪتابن مان هن کي وڏو فائدو رسيو. مرزا صاحب ڏهن به هتي ايندو هو، ته پوڪرداس سان چار چشمي ضرور ڪندو هو. پوڪرداس به گهڻو ڪري مرزا صاحب جي استقبال لاءِ شڪارپور اسٽيشن تي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو شڪارپور اسٽيشن بجاءِ رڪ اسٽيشن تي وڇي مرزا صاحب جو استقبال ڪندو هو ۽ اتان کيس شڪارپور گڏ وٺي ايندو هو. پوڪرداس پنهنجي واپار کي بعد ۾ ايترو ته گهڻو وڌايو، جو پوري هندستان ۾ هن جو واپار هلندو هو. ان لاءِ هن بعد ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ به پنهنجا دڪان قائم ڪيا. انهن دڪانن ۽ ايڏي وسيع ڌنڌي کي هو اڪيلي سر سنڀالي نه سگهيو ته پنهنجن پٽن_ ڀوڄراج، لڇمڻداس ۽ مدن لعل_ کي به ان ڌنڌي ۾ شامل ڪيو. هنن به پنهنجي پيءُ وانگر هميشه اڻٿڪ ڪوششون يون ۽ ڌنڌي کي وڌائيندا رهندا هئا. ان دؤر ۾ ڪاروبار جي لحاظ کان هنن جي سڃاڻپ ”پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور“ مان ڦري ”پوڪرداس اينڊ سنس تاجر ڪتب شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي“ ٿي. ڇپائيءَ جي لحاظ کان پوڪرداس ليٿوگرافيءَ جو دؤر عبور ڪري، جديد دؤر ۾ پير پاتو ته جديد ٽائيپ ۾ ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو جاري رکيو. هو نهايت ديده زيب ڪتاب شايع ڪرائيندو هو. پوڪرداس جي دهانت کان پوءِ سندس پٽ پنهنجي ورثي کي قائم رکندي، ڌنڌي کي ڏاڍي سٺي نموني هلائيندا رهيا ۽ ورهاڱي تائين پنهنجو ڌنڌو هلائڻ کان پوءِ ڏيهه ڇڏي پرڏيهه ٿيا ۽ سنڌ هڪ وسيع ادبي، تاريخي ۽ اشاعتي اداري کان محروم ٿي ويئي.

پوڪرداس جا چپايل ٻيا ڪتاب[سنواريو]

(1) جهاندار شاهه آرام دل،
(2) حاتم طائي وڏو ۽ ننڍو،
(3) ممتاز دمساز وڏو،
(4)چهار درويش وڏو،
(5)طوطي نامو 35 راتيون،
(6) الف ليليٰ (حصه 1، 2، 3، 4،) ،
(7) قصو پورن ڀڳت،
(8) چندر ڪانتا 1، 2، 3، 4،
(9) دنيا دورنگي،
(10) عشق جو سير،
(11) شهزادو لعل ۽ جهان بيگم،
(12) اگر گل عمدو،
(13) زبردستي جون،
(14) مزيدار برٿولڊ،
(15) مهاراڻي پدمڻي،
(16) سوداگر بدرالجمال،
(17) شمشير جنگ ۽ راحت جان،
(18) حسن عشق ۽ حسن بانو،
(19) ڀيانڪ لاش 1، 2،
(20) دلپسند ناول،
(21) شهزادو ارجمن،
(22) سڪندر نامو وڏو،
(23) بوستان سنڌي،
(24) بيتال پچيس،
(25) علمي گلدستو،
(26) دنيا جو سير،
(27) عالم آبي،
(28) دلخندان،
(29) راجا اندر ۽ سبز پري،
(30) سچائي جي سوڀ،
(31) زمين تي رهندڙ ساهوارا،
(32) نئون دل بهار،
(33) من موهني،
(34) راجپوتانا جي ديوي،
(35) پون ڪمار راڻي انجنا،
(36) روپ بسنت وڏو،
(37) پورن وڏو،
(38) گوپيچند وڏو،
(39) نور جهان بيگم،
(40) مومل مينڌرو،
(41) ليليٰ مجنون،
(42) هير رانجهو،
(43) عمر مارئي وڏو،
(44) سيف الملڪ،
(45) مشهور ڏيڍ ٺڳ وڏو،
(46) نئون اڍائي ٺڳ،
(47) جادوءَ جا تماشا،
(48) جانعالم انجمن آرا،
(49) گل صنوبر،
(50) سوريه ڪلا،
(51) گل منير،
(52) ديوان بلبل،
(53) دل سوز ناٽڪ،
(54) مظفر حسن آرا،
(55) خدا دوست،
(56) گلزار عشق،
(57) مهربان راڻي،
(58) قمر الزمان (ناٽڪ)،
(59) گل بلبل وڏو،
(60) ناول بدگماني،
(61) زميندارن ۽ وڏيرن لاءِ هدايتون،
(62) چالاڪ وڪيل
، (63) رستم پهلوان،
(64) شوقين ڌاڙيل،
(65) عجيب طلسم،
(66) کل ئي کل پيو،
(67)چٽ سوال پٽ جواب،
(68) بهرام بهادر ڳالهه ۾ ۽ بيتن ۾،
(69) ظريف الدوله،
(70) الله تنهنجو اسرو ڌڻي تنهنجي ٽيڪ،
(71) ناول ساڍا اٺ خون،
(72) گلبدن راڻي،
(73)زنوبيه راڻي،
(74) علي بابا چيلهه چور،
(75) بهادر استري،
(76) نقل مڊم،
(77) علم ادب،
(78) حل تجربات،
(79) گڏ ڏهه قصا،
(80) ڊلهه شيطان جي ناني،
(81) عجيب ڳجهارتون حصه 1، 2، 3،
(82) بابا دل عمدو قصو،
(83) مزيدار چهچٽو،
(84) مورڙو،
(85) سهڻي ميهار،
(86) ڀيانڪ ڀونتي،
(87) سندر بائي،
(88) کل ئي کل بلڪل مزيدار،
(89) ڪرشنا سچو پيار،
(90) اندر سڀا،
(91) شيرين فرهاد،
(92) سونو پکي،
(93) دل جي وندر،
(94) مايه ظرافت،
(95) آئينه تجادت،
(96) تعليم جو فرض،
(97) بيريل اڪبر وڏو ۽ حصا 2،
(98)ملا دو پيازو،
(99) پڪوڙومل،
(100) قباد ۽ مشتري بيگم،
(101) آفيمن جا نقل،
(102) املين ۽ ڏاڙهن جا نقل،
(103) قديم چيني عمدو قصو،
(104) دردن جو داستان،
(105) بمبئي ناتڪ گانا،
(106) ناول سچي سڪ،
(107) سدا وچ شولنڪا،
(108) فئشنبل جنٽلمين،
(109) حرڪت مان برڪت،
(110) عجب ٺڳي
، (111) جن ۽ شيطان،
(112) عشق تماشو،
(113) ڏير ڀاڄائي،
(114) ڪوئا ٻلي،
(115) طوطو مينا،
(116) عدن عاشق،
(117) هولي،
(118) کينهون،
(119) درسني هنڊي،
(120) ناول ٿيٽر،
(121) دايو ڪوڙي،
(122) شراب ۽ پاڻي،
(123) ار مسخرو،
(124) منصور شاهه،
(125) للتا،
(126) جهڳڙو مون ۽ لوهه،
(127) انڌيري نگري،
(128) فرت شراب،
(129) ڀينڪر چڪر،
(130) جاسوسن ۽ ڊاڪن جي خوفناڪ لڙائي حصه 1، 2، 3، 4،
(131) پشاپاوتي پرتاب سنگهه حصه1، 2، 3، 4
، (132) ناول لاجونتي،
(133) حرص جو شڪار،
(134) سنهڙي نانگڻ 1، 2،
(135) عجائب خزانه،
(136) رڻبير سنگهه ۽ ڪشوري،
(137) رئفلس
، (138) قصص الانبيا،
(139) قوت العاشقين،
(140) روضته الشهداءِ جنگنامه،
(141) حج شريف جي سڄي تاريخ، (142) قلندر شهباز
، (143) احوال شاهه عبداللطيف،
(144) احوال پير غوث بهاء الدين،
(145) جنگ خيبر،
(146) مرثين جو ڪتاب (ثابت علي شاهه) مجالس الشهداء،
(147) خطبا وارن،
(148) بستان الواعظيم گلزار محمدي وڏو ۽ ننڍو،
(149) هرڻي جو معجزو
، (150) حسن الموال،
(151) نوا ڦل،
(152) آداب النڪاح،
(153) مقصود المومنين،
(154) ڪيميا ڪرامات
، (155) لغات لطيفي،
(156) بيبي فاطمه،
(157) ترتيب الصلوات،
(158) مداحن جو وڏو ڪتاب
، (159) مناقبا ۽ مداحون،
(160) تفسير سيقول سنڌي ،
(161) تفسير تبارڪ ۽ عم سنڌي،
(162) پنج گنج معجزه،
(163) ذخيره الفقه سنڌي،
(164) معجزو حضرت ابراهيم،
(165) پنجوسره،
(166) ڪفن دفن،
(167) دعا گنج العرش سنڌي مترجم،
(168) قيامت نامو،
(169) سخاوت نامو،
(170) استغفار مترجم سنڌي،
(171)مصر جا منار،
(172) چهل حديث،
(173) خطبه نڪاح،
(174) نماز مترجم سنڌي،
(175) مداح صدرالدين،
(176) ادي ادا،
(177) ست سنگ جا وچن،
(178) تاريخ طاهري،
(179) رسومات تباهي،
(180) صديق اڪبر،
(181) شرح ديوان فاضل،
(182) نيون لاثاني لاهوتي ڪافيون
، (183) سوز عشق غزليات،
(184) عاشقانه آلاپ
، (185) فريبي طلسمات،
(186) نقش سليماني،
(187) مجمع الفوائد،
(188) ڪامل تعبير عرف خلاف نامو،
(189) علم نجوم،
(190) ضياء الجفر،
(191) جوتش سوکڙي،
(192) هنرن جو وڏو ڪتاب حصه 1، 2،
(193) فالنامو،
(194) سامدريڪ عام هٿ ريکا،
(195) ٽه ڪتابي،
(196) چار ڪتابي،
(197) هفت ڪتابي،
(198) دوايو،
(199) ٽوايو،
(200) انشا سنڌي وڏو،
(201) پگهارن ڦلائڻ جي جنتري،
(202) طب اڪسير علوي،
(203) جانورن جي طب،
(204) طب علاج الغربا
، (205) طب ميزان وڏو
، (206) طب شفا المراض،
(207) طب قوت باه،
(208) طب آهه يا اچرج،
(209) انگي حساب واٽن سان وڏو،
(210) شڪارپور ۽ سکر ضلع جي جاگرافي،
(211) دنيا جا جاگرافي،
(212) شريم ڀاڳوت گيتا
، (213) راجا وڪرما جيت،
(214) ڌرم شاستر،
(215) جنم ساکي گرونانڪ،
(216) بالمليڪ رامائڻ،
(217) شريرڪ ڌرم،
(218) مانسڪ ڌرم،
(219) ڌرو چرتر،
(220) ستي سهاڳڻ،
(221) سلوڪ سوامي حصه 1، 2، 3،
(222) نرس يڀڳت،
(223) گيان مالا،
(224) ڪٿا گئون،
(225) شينهن،
(226) ڪٿا ڇنڇر ديوتا،
(227) شبد هزاري
، (228) سلوڪ ميهرداس،
(229) ڪرشن جا ڀڄن،
(230) پران مالا
، (231) وچن مالا،
(232) رتن مالا،
(233) سڳند مالا،
(234) پسپ مالا،
(235)راءِ ڏياچ،
(236) گهوٽ ڪنوار ماءُ
، (237) ٻالٻوڌ،
(238) زالن جي ويم جي طب،
(239) پتورتا ناٽڪ عرف سستي سهاڳڻ ناٽڪ.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڊاڪٽر انور ”فگار“ هَڪڙو---پوڪرداس ٿانورداس (شڪارپور) (سنڌي ڪتابن جي اشاعت جو بانيڪار) رسالو:مهراڻ 1999 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ