زمرو:سنڌي لوڪ ڪهاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


سسئي ۽ پنھون: راجا دلو راءِ جي زماني ۾، نانيا (نائون) نالي ھڪ ٻانڀڻ پنهنجي (منڌرنالي) گھر واريءَ سان گڏ ڀانڀر واھ جي ڀر تي رھندو ھو. ٻئي اولاد لاءِ سڪايل ھئا. نيٺ پيريءَ ۾ کين ھڪ سهڻي نياڻي ڄائي، جا سونھن ۾ چوڏھينءَ جي چنڊ کي بہ شه ڏيئي ويئي. پر سندس ستاري مان معلوم ٿيو تہ سندس انگ ڪنھن مسلمان سان اڙيل آھي. سو نائونءَ ۽ سندس ناري منڌر پاڻ کي اھڙيءَ بدناميءَ کان بچائڻ لاءِ، ان خوبصورت نياڻيءَ کي وڏي افسوس سان هڪ صندوق (پيتيءَ) ۾ بند ڪري درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. اِها صندوق درياھ جي لھرن ۾ لڙھندي، قضا سان اچي ڀنڀور جي ڀرسان ڪناري تي نڪتي. اُن وقت ڀنڀور شھر ۾ محمد نالي ھڪ ڌوٻي رھندو ھو، جنھن کي ”لالا“ جي نالي سان بہ سڏيندا ھئا. محمد ڌوٻي چڱيءَ پونجيءَ (پيسن) وارو ماڻهو ھو ۽ سندس ھٿ ھيٺ پنج سئو ڪاريگر ڪم ڪندا ھئا، پر ويچاري کي اولاد نصيب ۾ ڪونہ ھو. جڏھن ڪاريگرن جي نظر ان پيتيءَ تي پئي، تہ ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي پنھنجي استاد وٽ کڻي آيا. جنهن صندوق کي کولو تہ منجھس ھڪ سدا سھڻو ٻار سُتل هو. ٻار کي ڪڍي پنھجي گود لاتائين ۽ مٿس سسئي نالو رکيائين. سسئي جي معنى آھي چنڊ. (1) سندس زال سسئيءَ کي گھڻي لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳي. جڏھن عمر رسيدي ٿي، تڏھن سندس نينھن جي نيزن ڪيترن نيازمندن جي دلين کي گھائي وڌو. سڀ ماڻھو سندس موھڻيءَ مورت تي مفتون ٿي پيا ۽ جيڏانھن ويندي ھئي تيڏانھن سندس چنڊ جھڙي منھن جي چوڌاري، ڪتيءَ جي تارن وانگر ميڙ ڪري بيھندا ھئا. گاذر جون اکيون بہ، سسئيءَ کي ڏسيو، پيون ٺرنديون ھيون ۽ ھن جي سک ۽ آرام لاءِ ھر ڪا ڪوشش ڪندو ھو. سندس لاءِ ھڪ عاليشان محلات اڏايائين، جنھن جي چوڌاري ھڪ وڏو باغ رکايائين. سسئي انھيءَ باغ ۾ پنھنجي سيليھن سان گڏجي آتڻ ۾ ويھي ڪتيندي ھئي. ان زماني ۾ ڪيچ مڪران جا قافلا ڀنڀور جي شھر مان لنگھي، ٺٽي ۽ ٻين شهرن ڏانھن واپار ڪرڻ لاءِ ايندا ويندا ھئا ۽ سسئيءَ جي سونھن جون ھاڪون ٻڌندا وتندا ھئا. نيٺ ڪن وڃي اھا خبر ڪيچ جي حاڪم آريءَ ڄام جي پٽ پنھونءَ کي سڻائي. ٻڌڻ شرط، پنھونءَ جي دل ديواني ٿي پئي ۽ ھڪدم واپاريءَ جو ويس ڪري، ھڪ وڏو قافلو سنڀرائي، مشڪ ۽ انبر جا انبار ساڻ ڪري، اچي ڀنڀور ۾ وارد ٿيو. کٿوريءَ ۽ خوشبوءِ سان سارو شھر واسجي ويو. سسئيءَ کي جڏھن اھڙي سرھي ساٿ جي اچڻ جي خبر پئي، تڏھن عطر سودڻ جي ارادي سان، ھار سينگار ڪري، سھيلين سميت، پنھونءَ جي منزل تي وئي. سسئيءَ جي صورت ڏسي، پنھونءَ جو ھينئڙو ھيڪاري ھٿن مان ڇنائي ويو. ھوڏانھن وري سسئيءَ کي بہ، پنھونءَ جي پيشاني پسڻ شرط، پريت جو پيچ پئجي ويو. نيٺ سسئيءَ پنھنجي اندر جو آواز ھڪ سکيءَ (سهيليءَ) سان اوريو، جنھن کي منٿ ڪيائين تہ ”ڪابہ تجويز ويڙاھي، ابي کي ريھي ريبي، منھنجون پنھونءَ سان سڱ ڪراءِ.“ سھيليءَ وڃي ڌوٻيءَ سان ڳالھ ڪئي، ۽ پنھونءَ جي شرافت ۽ دولتمنديءَ جي ساراھ ڪئي. پر ڌوٻيءَ انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ ”ھڪڙو تہ پنھون پرديسي آھي ۽ ٻيو تہ اسان جي ذات جو نہ آھي.“ پر سکيءَ کيس پڪ ڏني تہ پنھون پڻ ذات جو گاذر آھي ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن ويساھ نٿو اچيئي تہ کيس آزمائي ڏس.“ کٽيءَ اھا ڳالھ قبول ڪئي. پوءِ پنھونءَ کي گھرائي، آزمائش وٺڻ لاءِ ھن کي چيائين تہ ”ھڪ کيپ ڌوئي اچ.“ پنھونءَ جا نازڪ ھٿ ڦرھي تي ڪپڙن سٽيندي لڦون ٿي پيا. نيٺ ڪپڙن کي چِيري ڦاڙي اچي کٽيءَ جي گھر نڪتو، ۽ ملول ٿي ڪنڊ ۾ ويھي رھيو. سسئيءَ کيس دلداري ڏيئي چيو تہ ”ڀولو نہ آھي. ھاڻ ڇا ڪر جو ھر ھڪ ڦاٽل ڪپڙي جي تھہ ۾ ھڪ سوني مھر وجھي ڇڏ، تہ ڪٿان بہ شڪايت ڪانہ ايندي.“ پنھون ائين ڪري، ڪپڙا مالڪن کي پھچائي آيو ۽ ڪنھن وٽان بہ ڌوٻيءَ کي ڪا دانھن ڪانہ رسي. ھاڻ ڌوٻي کي تسلي ٿي، جنھن کيس سسئيءَ جو سڱ ڏيڻ قبوليو. انھيءَ وچ ۾، ھڪ پاڙي ۾ رھندڙ سونارڻ جي دل پنھونءَ تي سرڪي ويئي، جنھن پنھنجيءَ طمع پوري ڪرڻ لاءِ سسئيءَ جي ست جي برخلاف وڃي پنھونءَ جا ڪن ڀريا. انھن ڏينھن ۾ رواج ھوندو ھو تہ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪو ٺِڪر ڀڄندو ھو، تہ ھن کي پنھنجي سچائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ، باھ جي مچ مان لنگھڻو پوندو ھو. پنھونءَ بہ سسئيءَ کي پاڻ موکڻ لاءِ، انھيءَ پرک مان پار لنگھڻ واسطي اشارو ڪيو. سسئي، جا سون وانگر سچي ھئي، سا انھيءَ باھ مان پاڻ اڳي کان بہ اجري ٿي نڪتي. آخر وڏي ڌُوم ڌام سان ٻنھي جي شادي ملھائي وئي. پوءِ ڌوٻيءَ پنھونءَ کان جنڊو پاڙو لکائي ورتو ۽ پنھون بہ وطن وڃڻ جو خيال لاھي، ڌوٻڪو ڌنڌو ڪندو رھيو. پنھونءَ جو ڀاءُ چنرو، جو ساڻس ساٿ ۾ آيو ھو، سو سندس انھيءَ روش تي گھڻو ئي ڪاوڙيو پر جڏھن ڏٺائين تہ ڪو چار ڪونھي تڏھن ساري ڳالھ وڃي آري ڄام جي اڳيان پيش ڪيائين. آري ڄام جو پنو ئي لھي ويو ۽ پنهنجي دادلي پٽ پنھون جي فراق ۾ بي حال ٿي پيو. پھريائين ھڪ قاصد روانو ڪيائين جنھن جي ھٿان پنھونءَ کي چوائي مڪائين تہ ”جيڪڏھن ھڪدم اچي حاضر نہ ٿيندين تہ منھنجو جيئڻ محال آھي.“ جڏھن قاصد ڀنڀور ۾ پھتو، تڏھن ڇا ڏسي تہ پنھون پرٽن سان گڏيو پارچا پيو پڇاڙي (ڪپڙا پيو ڌوئي). اِها روئداد ڏسي قاصد جا ڳچ ڳري پيا ۽ درد مان دانھن ڪري چيائينس: اي ڪامل ڪم نھ سندوءِ، جنءَ پھس پڇاڙيين پوتيين. پر پنھون پوئتي ھلڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو. قاصد نااميد ٿي موٽي وڃي آري ڄام کي سربستو سماچار پھچايو. آري ڄام ٻڌڻ شرط مورڇا ٿي ڪري پيو. روئڻ ۽ راڙي ڪري اھڙو لاغر ۽ ضعيف ٿي ويو، جو سندس ساھ ڇٽي وڃڻ جو امڪان ھو. پيءُ کي اھڙي جوکائتي حال ۾ ڏسي، سندس ٽن پٽن چنري، ھوتيءَ ۽ نوتيءَ کيس آٿت ڏيئي چيو تہ ”ڪوبہ حيلو وسيلو ڪري، ڄاڻ تہ پنھونءَ کي ساڻ وٺي، اچي ٿا توھان وٽ رسايون.“ پوءِ ٽيئي خان اٺن تي سوار ٿي، سگھوئي اچي ڀنڀور پھتا. سسئيءَ ۽ پنھونءَ کين گھڻو آڌر ڀاءُ ڏنو ۽ پاڻ وٽ مھمان ڪري، سندن گھڻي خاطرداري ڪيائون. وچ جي خبر نہ رھين تہ ڪا ھنن جي من ۾ مدي آھي. ڪيترا ڏينھن سندن اچڻ جي خوشيءَ ۾ جلسا ۽ جشن ڪيائون. ھڪ رات جو ڳچ ويرم (گهڻي دير) تائين مجلس ۾ مشغول رھيا. سسئيءَ ويچاريءَ کي پنھونءَ جي اوسيئڙي ۾ پلنگ تي جاڳندي جاڳندي ننڊ کڻي وئي. ھوڏانھن وري ڀائر پنھونءَ کي غافل ڏسي، کيس شراب جا پٽ پياريندا رهيا، تان جو نشي ۾ اھڙو الوٽ ٿي ويو، جو پنھنجي وجود جو ڪو سماءُ نہ رھيس. آڌيءَ رات کان پوءِ سندس ڀائر اٺ گنگائي کيس بي خبريءَ جي حالت ۾ کڻي ساڻيھ (پنهنجي مُلڪ) ڏانھن سٽيندا ويا. پوئينءَ رات جو جان (جڏهن) سسئيءَ جي اک کلي تہ ڏٺائين پنھون پلنگ تي ڪونهي. سو حيرت ۾ پئجي ھيڏان ھوڏانھن دريافت ڪري ڏٺائين تہ اوطاقون ۽ اوتارا سڀ سڃا ٿيا پيا آھن. معلوم ڪيائين تہ ڏير کيس ويساھي، پنھونءَ کي زوريءَ ڀڄائي وٺي ويا آھن، پوءِ وٺي گھوڙا گھوڙا ڪيائين جنھن تي ھن جا مائٽ ۽ پاڙيسري اچي مِڙيا. پر ھن ڪنھن جي ڪين مَڃي. ويس وڳا ڦٽا ڪري، لاڳاپا ۽ لاڳ لاھي، ڪلھي ڦاٽل ڪنجرو وجھي، اڪيليائي اڪيلي اٺن جا پير کڻندي، پنھونءَ جي پٺيان ڪاھيندي ويئي. چاليھن ڪوھن جي پنڌ بعد، اچي پٻ جبل جي ويجھو پھتي. اڃ ۽ ٿڪ سببان ماندي ٿي ڪري پيئي ۽ ڇڙھيون ھڻڻ لڳي. قدرت خدا جي جو انھيءَ ھنڌان ھڪ صاف پاڻيءَ جو چشمو ڀڙڪو ڏيئي ڦٽي نڪتو(2). تحفة الڪرام وارو چوي ٿو تہ ”مون معتبر ماڻھن کان ٻڌو آھي تہ اھو چشمو اڃا تائين جاري آھي ۽ ڪڏھن بہ سڪي نٿو، ۽ ٻيو تہ مينديءَ جي ٽاري، جا پرڻي رات سسئي دستور موجب، ھٿ ۾ ڪري ستي ھئي ۽ جا ساڻس ھن سفر ۾ ھمراھ ھئي، سا انھيءَ چشمي جي ڀر تي ڪري ٽنبيائين. انھيءَ ٽاريءَ مان ھڪ سرسبز مينديءَ جو وڻ اڀري پيو. جو اڃا تائين انھيءَ ڦٽيل عاشقياڻيءَ جي نشاني آھي.“ ذرو ساعت وسرام وٺي، وري اڳتي کڙي کنيائين ۽ پٻ جبل وارو مشھور لڪ ”پٻوڻي ناڪو“ لنگھي اچي، ھاڙي جبل جي پاڙ وٽ ڦوڙنديءَ جي ڀر ۾ پھتي. پر پاڻيءَ جي اٿل سببان اڳتي اپڙي نہ سگھي. نھايت نااميد ٿي، پوئتي ھٽي ۽ ڳچ پنڌ بعد، اچي ماباڙ نيءِ جي ويجھو رَسي. ھاڻ واھيري جي ويل اچي ٿي ھئي. پريان پھاڙ(3) تي ھڪ ايل پنھوار جي جھوپڙي ڏسي کانئس وڌي پڇيائين تھ، ”ادا! اتائين ڪو وئو ساٿ سڄڻ جو؟“ سسئيءَ جھڙي سھڻيءَ صورت کي ھيئن اڪيلو ڏسي، ايل پنھوار جي دل ھرکي وئي ۽ ڏانھنس بڇڙي نظر ڪرڻ لڳو، سسئيءَ پاڻ کي جوکي ۾ ڏسي، پنھونءَ جي سار ۾ زار زار رنو. سندس سوز وارين صدائن ڏونگر بہ ڏاري وڌو، پر ھن ڪٺور تي ڪوبہ اثر نہ ٿيو. نيٺ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ چارو نہ ڏسي، ايل پنھوار کي پاڻ وٽان ٽارڻ جي بھاني، آزي ڪري چيائينس تہ ”آءٌ ٿڪل ٽٽل ۽ اڃايل آھيان. ڀلائي ڪري، پھريائين ڪو کير چڪو پيارينم.“ ايل پنھوار خوش ٿي، ڌڻ ڏانھن ڊوڙيو، ھن جو پاسي ٿيڻ ۽ سسئيءَ جو رب کي سوال ڪرڻ. ٻئي ھٿ کڻي، ٻاڏائي چيائين، ”اي ستار! ھن بي وسيليءَ جو وسليو ٿيءُ!“ ھن اڃا دعا مس پوري ڪئي تہ پھاڙ ڦاٽي پيو، جنھن ۾ اندر گھڙي وئي. پوءِ جبل، جبل جھڙو ٿي پيو. پر سسئيءَ جي چُنيءَ (پوتيءَ) جو پاند ٻاھر رھجي ويو. ايل پنھوار جڏھن کير ڏھي پوئتي موٽيو تڏھن ھي رنگ ڏسي تپرس (تعجب) ۾ پيو ۽ الاھي قدرت جو اھڙو اھڃاڻ پسي، توبہ تائب ٿيو. پوءِ انھيءَ ھنڌ ھڪ پٿرن جو ميڙ ڪري قبر جو لوڙھ ٺاھي ڇڏيائين.(4) (ٻئي پاسي) رستي تي جڏھن پنھون نشي جي خمار مان سجاڳ ٿيو تڏھن پاڻ کي اٺ تي جڪڙيل ڏسي ڏاڍا جڪ کاڌائين. ڀائرن کي ڀڄي وڃڻ لاءِ گھڻو ئي واجھايائين، پر ھنن سان پڄي نہ سگھيو. نيٺ آڻي سندس ٻانھن آري ڄام جي حوالي ڪيائيون. پر پنھون، سسئيءَ جي وڇوڙي ۾ اھڙو تہ ڳرندو سڙندو ويو جو پڻس کي سندس مرڻ جو خوف ٿي پيو. لاچار پنھونءَ کي رخصت ڏنائين تہ ڀنڀور موٽي، سسئيءَ کي بہ ساڻ وٺي اچي آستاني ٿيءُ. پوءِ ھي يار بہ سٽيندو ڀنڀور ڏانھن راھي ٿيو. جڏھن سسئيءَ جي قبر وٽان لانگھائو ٿيو تڏھن سندس روح کي ھڪ ازغيبي اڌمو آيو. اھڙي رڻ پٽ ۾ تازي لوڙھ مان چنيءَ پاند ٻاھر نڪتل ڏسي دل ۾ سنسو پيدا ٿيس تہ نڄاڻا ھيءَ سسئيءَ جي قبر آھي. اتفاقا اھو ايل پنھوار بہ اتي اچي سھيڙيو جنھن سڄي ماجرا کيس بيان ڪري سڻائي. ٻڌندي ئي شرط، اٺ تان ٽپو ڏئي لھي پيو ۽ قبر جي ڀر ۾ زار و قطار روئي خدا جي در وينتي عرض) ڪيائين تہ ”اي وڇوڙين کي ملائيندڙ سچا ڌڻي! مونکي پنھنجي محبوب سان ھيڪاندو ڪر.“ سندس عرض اگھاڻو. وري بہ جبل ڦاٽي پيو ۽ پنھون وڃي پنھنجي پرينءَ کي ھميشه لاءِ مليو. تحفة الڪرام وارو چوي ٿو تہ ”ھيءُ حيرت جھڙو احوال عام خلق جي وات ۾ آھي، ۽ حال ۽ قال جا صاحب ھن جوڙي، جي قصي کي سندي بيتن ۽ حسيني سر ۾ ڳائي ان مجازي عشق مان حقيقي عشق جو راز پروڙيندا آھن. مطلب تہ انھن ٻنھي عاشقن جي تاثير ھيٺ وجد ۽ سماع جا صاحب گد گد ٿي ويندا آھن. مير معصوم شاھ بکريءَ ھن قصي کي مثنويءَ ۾ نظم ڪري مٿس ’حسن و ناز‘ نالو رکيو آھي، قاضي مرتضى سورٺيءَ کٽياڻن واري، محمد شاھ بادشاھ جي ڏينھن ۾، ھن قصي کي ھڪ خاص طرز ۾ نظم ڪيو ھو. اھو صاحب ڳالھ ٿو ڪري تہ اسماعيل نالي ھڪ ملتان جو درويش ھنن ٻن عاشقن جي زيارت لاءِ آيو. اٺ کي پري بيھاري ٽي ڏينھن فاقو ڪڍيائين، انھيءَ مراد سان تہ من ھنن جو ديدار نصيب ٿئيم. ٽن ڏينھن کان پوءِ ھڪ ڪراڙي زال ٻہ ٽي مانيون ۽ پاڻيءَ جو ھڪ وٽو کڻي وٽس آئي. ان کي چائين تہ ”جيسائين سسئيءَ ۽ پنھونءَ کي نہ ڏسندس، تيستائين نہ کائيندس ۽ نہ پيئندس.“ زال وراڻي ڏني تہ ’سسئي مان آھيان باقي پنھون ڏسڻ جي پچر ڇڏي ڏي، ڇو تہ زماني تي ڀروسو نہ آھي. آءٌ اڳي ئي ڏيرن جي ڏڌل آھيان.‘ درويش وراڻي ڏني تہ ’آءٌ ڪيئن اعتبار ڪريان تہ تون سسئي آھين؟ ڇو تہ سسئي نھايت خوبصورت ۽ جوان ھئي مگر تون ڪراڙي آھين.‘ سسئيءَ ھڪدم پاڻ کي پنھنجي جوڀن جي جمال ۾ ظاھر ڪيو. اتي وري بہ درويش چيس تہ جيسين پنھونءَ جو ديدار نہ ڪندس تيسين ماني پاڻي حرام آھي.‘ گھڻي رد بدل بعد، سسئيءَ قبر جي اندر وڃي پنھونءَ کي چيلھ تائين ٻاھر ڪڍيو. پر ھن کي پنھنجي ٻک ۾ سوگھو جھلي بيٺي تہ متان اڳي وانگر ڪو کيس ڌتاري کڻي وڃي. اھڙيءَ طرح ڪيترن الله وارن سسئيءَ ۽ پنھونءَ جي ملاقات ڪئي آھي.“ ھن قصي ۾ سمايل تمثيل جھڙيءَ طرح سھڻي ۽ ميھار جي ڳالھھ ۾ تمثيل رٿيل آھي، تھڙيءَ طرح سسئيءَ ۽پنھونءَ جي قصي ۾ بہ ھڪ وڏي تمثيل رکيل آھي. تفاوت رڳو ھي آھي جو سھڻيءَ جي ڳالھ ۾ دنيا ۽ طريقت جي سفر جي ڏاکڙن کي درياءَ سان ڀيٽيو ويو آھي ۽ سسئيءَ جي ڳالھ ۾ دنيا ۽ طريقت جي مشڪلاتن کي رڻ پٽ سان مشابھت ڏني وئي آھي. سسئيءَ مان مراد آھي سالڪ، جيڪو پنھنجي پنھونءَ يعني حقيقي محبوب جي ڳولا ۾ آھي. ڀنڀور ۽ ان جا ڀاڻ، دنيا ۽ دنيا جون نعمتون آھن. ڪيچ محبوب جو مڪان آھي، جتي پھچڻ لاءِ پھريائين تہ ڏاگھن، ڏيرن ۽ ڏونگرن جھڙن ٽن زبردست دشمنن، يعني نفس، دنيوي تعلقات ۽ خوديءَ جي چنبن کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو آھي. جيئن سسئيءَ ڪيترين دور ۽ دراز منزلن، جھڙوڪ وندر، وڻڪار، پٻ، ھاڙھي وغيره مان لنگھي، نيٺ وڃي ملڪ الموت ماڻي ٿي، تيئن سالڪ کي بہ صوفي طريقت جون ست ماٿريون يا منزلون لنگھي پار پوڻو آھي. ھي ست ماٿريون آھن: طلب، عشق، معرفت، استغنا، توحيد، حيرت ۽ فقر. آخرين منزل تي رسڻ بعد، سالڪ محبوب جي ھستيءَ ۾ حل ٿي، ھميشہ جي حياتي حاصل ڪري ٿو. حوالا

-1سئي، سنسڪرت: ششي = چنڊ

2 -اھو چشمو اڄ ڏينھن تائين قائم آھي. لس ٻيلي ۾ پٻوڻي ناڪي يا لڪ جي ڀر ۾ آھي ۽ ’سسئيءَ وارو چودو‘ ڪري چوندا اٿس. 3 -اھو پھاڙ ماباڙ نيءِ جي پيٽ ۾ آھي. جڏھن لٺ يا لڪڻ سان ٺوڪبو اٿس، تڏھن منجھانئس اھڙو آواز نڪرندو آھي جھڙو ڪنھن ڪنجھي جي برتن وڄائڻ مان. چوندا آھن تہ اھو آواز سسئيءَ جي درد وارين دانھن جو پڙاڏو آھي. انھيءَ پھاڙ کي ’سسئيءَ وارو وٽو‘ سڏيندا آھن. (ڊاڪٽر هوتڇند مولچند گربخشاڻيءَ جي ڪتاب روح رهاڻ تان ورتل)

"سنڌي لوڪ ڪهاڻي" زمري جا صفحا

هيٺيان 6 صفحا آهن هن زمري ۾، سمورن 6 مان.