مومل جي ماڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
مومل جي ماڙي
Momal ji Mari n.jpg
مومل جي ماڙي
مومل
19 January 590 – 17 June 1631
پيشرومومل
جيون ساٿيھمير سومرو
نسل
among others...
گجر
خاندانگجر گھراڻو
والدراجانند

مومل جي ماڙي اھڪ افسانوي محل، جنھن جو صرف کنڊر باقي آھن۔ مومل جي ماڙي جا قديم کنڊر، گهوٽڪي کان 11 ڪلوميٽر اوڀر طرف ماٿيلو ۾ آهي. هي ماڙي (حويلي) 15 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي.[1] مومل جي ماڙي کي سنڌ جي درسي ڪتاب، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄام شورو ڇاپيو آهي ۽ ھي سنڌ جي اسڪولن ۾ مضمون طور پڙھايو وڃين ٿو. مومل جي ماڙي کي قديم آثار، گھوٽڪي جي 11ڪلومیٽر اوڀر جي طرف ماٿیلو روڊ تي واقع آھي۔ ھي ماڙي 15 ايڪڙ پکيڙ تي پکڙيل آھي. ۽ پھاڙي توڏن تي واقع آھي۔ ان توڏن کي 12 ايڪڙ ايراضي تي ڪچي پڪي سِرُن تي گهرَ ۽ جھگیون تي مشتمل جهوپڙيون آھن. جڏھن تہ ڏکڻ اولهه طرف ۾ باقي 3 ايڪڙ ايراضي غیر آباد آھي۔

"مومل ماڙي"جو عجائب گھر بہ تعمير ڪيو ويو آھي. ان ۾ ملڻ واري شين کي سانڍيو وڃي ٿو. ۽ اھو شيون سياحتي ماڻھن کي ڏيکاريون وڃن ٿيون.

مومل جي ماڙي ميوزيم

مومل راڻي جي ڪھاڻي[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو مومل راڻو
مومل جي خيالي تصوير

سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي، گجر ذات جو راجا نند حڪومت ڪندو ھو. کيس دولت ڪٺي ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو. ھڪ ڀيرو ڪنھن جانور جو شڪار ڪري، آن جوڏند ھٿ ڪيائين، ۽ ان جي مدد سان پنھنجو سمورو خزانو درياء جي پيٽ م لڪائي ڇڏيائين.

  • جيسلمير جي راجا نند کي نو نياڻيون ھيون. منجھائن وڏي سومل سڀني کان ڏاهي ھئي ۽ ننڍي مومل سڀني کان وڌيڪ سھڻي سياڻي ھئي.[2] راجا بہ کيس ڏاڍو ڀائيندو ھو. انڪري اھو جادوئي ڏند کيس سنڀالي رکڻ لاء ڏنائين، پر ڏند جي اصلي راز جو نہ ٻڌايائين.
  • ھڪڙي جادوگر کي ڪنھن طرح راجا جي لڪايل خزاني جي پروڙ پئجي ويئي، سو ھڪ ڏينھن جڏھن راجا شڪار تي ويل ھو تہ ھو مومل ساڻ ٺڳي ڪري اھو ڏند وٺي، ڌرياء مان سمورو خزانو ڪڍي غائب ٿي ويو. راجا جڏھن شڪار تان موٽيو تہ کيس ڏند وڃائڻ جي خبر پئي. ھو مومل تي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر سندس وڏي ڌيءُ سومل آٿت ڏنس تہ" ايترو خزانو آئون اوھان کي گڏ ڪري ڏيندس.
  • سومل پيءُ کان موڪل وٺي، ڪاڪ ڪنڌ تي ھڪڙي ماڙي اڏائي ۽ پنھنجي ڀينر ۽ نوڪرياڻين کي ساڻ وٺي اتي رھڻ لڳي، ھن پنھنجي چالاڪيءَ سان ماڙي جي چوڌاري جادوءَ جو باغ تيار ڪرايو ۽ ان تي رھڻ لڳي ۽ ان جي وچان لنگھندڙ سوڙھي رستي تي خوفناڪ جادوئي جانور بيھاري ڇڏيا. جن جي ڊيڃاريندڙ رڙين تي وڏا وڏا بھادر بہ ڏڪي ويندا ھئا. ان کان سواءِ ڪيترائي گمراھ ڪندڙ ۽ موتمار جادوئي کيل پڻ تيار ڪرائي رکيائين.
  • جڏھن ڪاڪ محل جي ڪناري تي اھو جادوئي محل تيار ٿي ويو تہ سومل پڙهو گھمرايو تہ جيڪو شھزادو باغ مان لنگھي مومل وٽ سلامتيءَ سان پھچندو، اھو ساڻس شادي ڪندو. ٻي حالت ۾ کيس پنھنجي مال ۽ سامان تان ھٿ کڻڻو پوندو.
  • مومل جي سونھن جي ھاڪ ٻڌي ڪيترائي شھزادا آيا، پر پنھنجو ڌن دولت ڦرائي ويا. ان وقت عمرڪوٽ جو بادشاھ ھمير سومرو ھو. ھڪڙي ڏينھن ھو پنھنجي ٽن وزيرن سان گڏجي شڪار تي نڪتو. راڻو مينڌرو سوڌو انھن سڀني ۾ بھادر ۽ عقلمند هو ۽ ھمير سومرو جو سالو بہ ھو. رستي تي ھڪ فقير مليو، مومل ۽ ان جي ڪاڪ محل بابت پنھنجي روئيداد ٻڌائي. انھيءَ ڳالھ چئني يارن جي دل ۾ مومل حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪري ڇڏيو. پوءِ تہ چارئي ڄڻا پنھنجو ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڪاڪ محل ڏانھن روانا ٿيا. اتي پھچي ماڙيءَ جي ٻاھر رکيل ڀير تي ڏونڪو ھنيائون تہ سيکاريل نوڪرياڻي ناتر ٻاھر آئي ۽ سندن اچڻ جو اطلاع وڃين اندر ڪيائين.
  • ٿوري دير کان پوءِ ناتر طعام کڻائي اچي سندن اڳيان رکيو. راڻي مينڌري پنھنجي ٽنھي ساٿين کي اھو کائڻ کان منع ڪئي ۽ ان مان ذرو کڻي ڪتي کي ڏنو. جيڪو کائڻ سان ئي مري ويو. ناتر پوءِ ٻيون بہ اٽڪلون ڪيون. پر سندس ڪابہ اٽڪل ڪامياب نہ ٿي. آخر ۾ کين چيائين تہ، مومل سان ملڻو اٿو تہ مون سان ھڪ ھڪ ڪري ٿي ھلو. پوءِ تہ اھي ھڪ ھڪ ٿي ناتر سان گڏجي ويا. پر ھو رستي تي گوھي ڏئي نڪري ٿي ويئي. پڇاڙيءَ ۾ جڏھن راڻي مينڌري کي ساڻ ڪري، ھن رستي تان ڀڄڻ واري ڪئي تہ راڻي کڻي وارن کان ورتس ۽ ڇڪي سڌو ڪيائينس. اڳيان ھلي جڏھن ھڪ تلاءَ تي پھتا تہ ناتر وري بہ اٽڪل ڪري ڀڄي وئي ۽ راڻو اڪيلو رھجي ويو. راڻو پاڻيءَ جي اونھائيءَ کي ڏسڻ لاء سوپاري ڪڍي پاڻي ۾ اڇلائي، پر اھا آواز ڪندي پري وڃي پئي تڏھن راڻو سمجھيو تہ تلاءُ رڳو ٺڳي جو ٺھيل آھي. پوءِ تہ گھوڙي کي ڊوراڙي اچي مومل جي ماڙي وٽ پھتو، جتي ناتر اڳيئي بيٺي ھئي. ھوءَ کيس انھي ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي ھڪجھڙيون کٽوليون يا کٽون ۽ ست بسترا ھڪجڙن ھنڌن سان پيل ھيا. راڻي جڏھن بسترن کي آزمائڻ لاءِ پنھنجي لڪڻ سان مٿن زور ڏنو تہ ڇھن بسترن جا ھنڌ ھيٺ وڃي کوھن ۾ ڪريا ، پوءِ راڻو ستين کٽ جي بستري تي ويٺو. جيڪو صحيح ۽ سلامت ھو. جڏھن اھا اٽڪل بہ ڪامياب نہ ٿي تہ ناتر کيس ھڪڙي ٻئي ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي ھڪجھڙين سھڻين شڪلين واريون ڪيتريون ئي ناريون بيٺيون ھيون. سندن ھٿن ۾ گُلن جا ھار ھئا. ناتر راڻي کي چيو تہ ھنن نارين ۾ مومل بہ بيٺل آھي، پر تون جنهن کي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندين، ان سان تنھنجي شادي ڪرائي ويندي.
  • راڻو پھرين تہ مُنجھي پيو، پر پوءِ ھڪڙي عورت جي وارن جي مٿان ڀوئنر ڀرندي ڏٺائين. راڻو سمجھي ويو تہ خوشبودار وارن واري ئي مومل ٿي سگھي ٿي. ھن اڳتي وڌي وڃي کيس ھٿ کان ورتو تہ مومل پڻ گُلن جو ھار سندس ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو. پوءِ تہ خوشيون ٿي ويون ۽ ٻنھي جي شادي ٿي وئي.
  • راڻي جا ٽئي دوست ڪاوڙجي، پنھنجي علائقي ڏانھن روانا ٿي ويا. ٿورن ڏينھن کان پوءِ ھمير سومرو ڪنھن بھاني سان راڻي کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو تہ جيئن ھو مومل سان ملي نہ سگھي. پر راڻي کان رھيو نہ ٿيو، ھو روز جو ڦڙتيلي اُٺ تي چڙھي ڪاڪ محل ھليو ويندو ھو ۽ مومل سان ملي تُرت ئي واپس ايندو ھو.
  • ھڪ ڀيري راڻي مومل سان ملڻ ۾ گھڻا ڏينھن ٿي ويا تہ سندس جدائيءَ ۾ مومل اداس رھڻ لڳي ۽ پنھنجي ۽ پنھنجي وڏي ڀيڻ سومل کي مرداڻو لباس پھرائي، پاڻ سان گڏ سمھاري ڇڏيندي ھئي. ھڪ رات راڻو جيئن ماڙي تي پھتو تہ اونداھ ۾ سومل کي مرد سمجھي، ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ پنھنجو لڪُڻ نشاني طور مومل جي ڀرسان رکي واپس امرڪوٽ ھليو ويو.
  • صبح جو جڏھن مومل ننڊ مان اٿي تہ سمجھي وئي تہ راڻو ڪاوڙجي واپس ھليو ويو آھي. پوءِ تہ کيس اچڻ لاءِ ڪيترائي نياپا موڪليائين، ھو نہ آيو. مومل راڻي جي ھلت مان ڏاڍي نراس ٿي ۽ بيزار ٿي وئي. تنھنڪري باھ جو ھڪ مچ تيار ڪرائي پاڻ کي ان ۾ اڇليائين. راڻي کي جڏھن اھا خبر پئي تہ ھو بہ ڊوڙندو اتي پھتو. پر تڏھن گھڻي دير ٿي وئي ھئي، انڪري پاڻ به ان مچ ۾ ٽپي پيو ۽ مومل سان ملي مٽي ٿي ويو.

مومل تي ٺهيل فلم[سنواريو]

مومل فلم جو پوسٽر
مومل فلم جا اداڪار
مومل فلم جا اداڪار

ميوزيم ۾ رکيل شيون[سنواريو]

ٽڪر جا ٿان ۽ ھڪ ڇري
خيالي تصوير
مومل جي ھڪ خيالي تصوير
ملڻ ورين شين جو گاٽ

حوالا[سنواريو]