محمد صديق مسافر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Muhammad Siddique Musafir
محمد صديق مسافر
پيدائش Muhammad Siddique
محمد صديق
01 اپريل 1879
ٽنڊو باگو, بدين ضلعو, سنڌ, پاڪستان
وفات 24 سيپٽمبر 1961
ٽنڊو باگو, سنڌ
ڌنڌو اسڪالر, استاد, تحقيقدان, شاعر, صحافي
قوميت پاڪستاني
شهريت پاڪستاني
صنف نثر, شاعري
مُکيه ڪم 30 کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ

محمد صديق مسافر 1 اپريل 1879ع تي ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ ڄائو.[1] سندس شروعاتي نالو جهنڊو هو. هو سنڌ جو تعليمي ماهر، ليکڪ، شاعر، ترجمي نگار ۽ اخبار نويس پڻ هو.


هن 18 ورہ تاڻين سنڌي ٻوليءَ جي پَرسِڌ رسالي "اخبارِ تعليم" جي ايڊيٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس شعر ڪيترين ئي ورهن کان اسڪول جي نصاب جو حصو هئا. هن خان بھادر مير غلام محمد هاءِ اسڪول ٽنڊي باگي جي پھرين انچارج طور پڻ ڪم ڪيو.

ذاتي زندگي[سنواريو]

محمد صديق مسافر جي پيء گلاب شيدي جو اصل نالو بلال هو، هو آفريڪا جي اڀرنديئن ڀاگي زنجبار (تنزانيا) مان، ستن سالن جي ڄمار ۾ داس بڻجي مسقط (عمان) جي واپاري شيخ حسين پاران سَؤدجڻ کان پوءِ مسقط پھتو، اتان غلام علي سنگتراش کيس سَؤدي سنڌ ۾ آندو، ان کان وري ٽنڊي باگي جي مخدوم حُر علي کيس سَؤدیو. سندس نيڪ خصلتن جي ڪري مخدوم حُر عليءَ سندس نالو بدلائي گلاب رکيو. هي نالو ايترو پَرسِڌ ٿي وئي جو ماڻھو ھن جو اصل نالو وساري ويٺا ۽ کيس گلاب شيدي سڏيندا هئا.[2] مخدوم حُر علي سندس مقامي شيدي برادريءَ مان شادي ڪرائي. برطانيا جي راڻي وڪٽوريا پاران داسن کي آزاد ڪرڻ واري اعلان تي مخدوم حُر عليءَ گلاب شيديءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو.[3] هو  شروعات ۾ جاين راڳڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ اڳتي هلي پيهون ڪُٽڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. هن ٽنڊي باگي ۾ 86 ورهن جي ڄمار ۾ تاريخ 12 ڊسمبر 1879ع تي چالاڻو ڪئي.

ننڍپڻ ۽ تعليم[سنواريو]

سالن جي عمر (آگسٽ 1893ع) ۾ محمد صديق جي مامي عارف کيس مڪتب مان ڪڍرائي، سنڌي اسڪول ۾  پڙهڻ لاءِ ويهاريو. ٽنڊي باگي پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر وياک سنگهہ، محمد صديق کي پهرين درجي ۾ داخل ڪيو، پر سندس هوشياري ۽ ذهانت ڏسي چئن مھينن اندر کيس پهرين ۽ ٻئي درجي جو امتحان 3 ڊسمبر 1893ع ۾ ڏياريائين. ڊسمبر 1894ع ۾ محمد صديق مسافر ٽئين ۽ چوٿين درجي جو گڏيل امتحان پاس ڪري ڊسمبر 1895ع ۾ پنجون درجو پاس ڪري ورتو. ڇهين درجي ۾ هن جي هوشياري ڏسي هيڊ ماستر سھجراءِ کيس ساڳئي اسڪول ۾ چئن روپين ماهوار پگهار تي ”پيوپل ٽيچر“ مقرر  ڪيو. ان وقت جو هيڊ ماستر سهجراءِ سنڌي ادب جو ڄاڻو ۽ فارسيءَ جو عالم هو، جنهن کيس فارسي پڙهائڻ سان گڏ ورنيڪيولر فائينل امتحان جي تياري به ڪرائي ۽ هن سيپٽمبر 1896ع ۾ ورنيڪيولر امتحان پاس ڪيو. فارسي شاعريءَ جي سمجهاڻي مولوي محمد سليمان نظاڻيءَ کان سکندو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪاميٽي ماسترن کي ’ٽريننگ ڪاليج‘ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پرليمينري امتحان پاس ڪرڻو پوندو هو. محمد صديق مسافر ڊسمبر 1897ع ۾ داخلا جو امتحان پاس ڪيو ۽ بعد ۾ جڏهن ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ کيس تعليم وٺڻ جو حڪم نامو مليو ته هن نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ جنوري 1899ع ۾ هن ٽريننگ ڪاليج جي پهرئين سال ۾ اچي داخلا ورتي. جتي فارسي ۽ عربي تعليم، شاعري ۽ ڪتابن جي مطالعي سندس صلاحيتن کي اجاگر ڪيو. هن فارسي ڪتاب گلستان، بوستان ۽ لغت جا ڪتاب، ڪاليج جي لائبريريءَ مان وٺي پڙهيا. ان سلسلي ۾ فارسيءَ جي استاد قاضي اميد عليءَ هن جي وڏي مدد ڪئي، ان جي چوڻ تي محمد صديق مسافر مشهور عالم سيد محمد فاضل شاهہ وٽ عربيءَ جي تعليم به حاصل ڪئي. سيد فاضل شاهه شاعر به هو. مشهور شاعر غلام محمد ”گدا“ به وٽس اچي شاعري ۽ ان جي وزن بحر تي ڪچهري ڪندو هو، جنهن مان به محمد صديق مسافر کي وڏو فائدو پهتو ۽ کيس علم عروض سکڻ جو شوق ٿيو ۽ هن ٿوري عرصي ۾ شاعريءَ جو فن به سکي ورتو. جنوري 1901ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جي ٽئين ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ محمد صديق مسافر کي مطالعي جو وڌيڪ شوق جاڳيو ۽ ٽريننگ ڪاليج جي ذري گهٽ سڄي لائبريري پڙهي ويو. ٽن سالن جي ٽريننگ کانپوءِ هن امتحان پاس ڪيو.

ملازمت[سنواريو]

محمد صديق "مسافر" پهرين جنوري 1902ع تي پرائمري ماستر ٿيو، ان کانپوءِ سِگهو ترقي ڪري ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ استاد بڻيو. اڳتي هلي سندس ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر، لاڙ جي اٻوجهه عوام جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ٽنڊي باگي ۾ هڪ تعليمي اداري جو پيڙھہ رکيو. ابتدا ۾ اهو اسڪول محمد صديق مسافر جي نگرانيءَ ۾ پنجن شاگردن سان، پهرين جنوري 1920ع تي شروع ڪيو ويو، انهيءَ مقصد لاءِ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان کيس موڪل وٺرائي ٽنڊي باگي واري اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ 1925ع تاڻين اسڪول جو منتظم اعليٰ رهيو. اپريل 1925 ۾ جڏهن هڪ گريجوئيٽ کي هيڊ ماستر مقرر ڪري ٽنڊي باگي موڪليو ويو. ان وقت اسڪول ۾ شاگردن جو ڳاڻيٽو 150 کي وڃي پهتو هو ۽ ست استاد اتي پڙهائيندا هئا. ان کان پوءِ به مسافر اسڪول ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ۽ بورڊنگ هائوس جي مينجر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. اهو اسڪول يعني لارينس مدرسه ۽ مير غلام محمد هاءِ اسڪول اڄڪلهه انٽر ڪاليج جي سطح تي پهچي لاڙ جي عوام جي ذهنن کي علم سان پرنور ڪري رهيو آهي. هن 1930ع ۾ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ مستقل طور ٽنڊي باگي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ٽنڊي باگي ۾ نارِياڻي اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ به خان بھادر مير غلام محمد خان ٽالپر جن کي پاڻ مشورو ڏنو هئائون. نارِياڻي اسڪول کلڻ کان پوءِ خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر پاران مٿس اها ذميداري رکي وئي ته، ڏِهاڙي ٻه اڍائي ڪلاڪ اسڪول جي تعليم ۽ انتظاميا ۾ ملائي ماسترياڻي جي مدد ۽ رهنمائي ڪندو رهي ۽ اسڪول جي هر گهرج ۽ ضرورت خان بھادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي ڌيان تي آڻيندو رهي.

الزام[سنواريو]

1919ع ۾ هندستان ۾ ”قطع تعلقات“ تحريڪ هلي ۽ محمد صديق مسافر تي ان تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جا الزام لڳا ۽ غلط فهميءَ جي بنياد تي هن خلاف موڪليل ڪانفيڊيشنل رپورٽ جي روشنيءَ ۾ کيس ڪاليج مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر پرنسپال جي صلاح سان هي موڪل تي لٿو ۽ بعد ۾ کيس تعلقي ميرپور ساڪري جي ڳوٺ ٻهارا اسڪول ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو.

وفات[سنواريو]

هن 82 ورهن جي ڄمار ۾ 23 سيپٽمبر 1961ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مڙھہ کي ٽنڊي باگي ۽ ئي نَھرايو ويو.


حوالا[سنواريو]