مير غلام محمد خان ٽالپر
ٽنڊو باگو جو هي مير ٽالپرن جي ماڻڪاڻي پاڙي مان هو. وڏيءَ ملڪيت وارو نه هو. ابتدا ۾ سرڪاري نوڪري ڪندو هو ؛ پوءِ نوڪري ڇڏي، محنت ۽ ڪفايت شعاريءَ سان، وڏي زمينداري ۽ پئسو ڪٺو ڪري سگهيو. مير صاحب جي دل انساني درد سان ڀريل رکي هئي، جنهن ڪري پنهنجي پئسي جو مصرف خلق خدا جي ڀلي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين. سندس ذاتي خرچ تمام معمولي هوندو هو ؛ سفيد پٽڪو ۽ پهراڻ پهريندو هو، بلند اخلاق، حليم، محبتي، خلق خدا جو خير خواهه انسان هو.مير صاحب کي مسلمانن جي تعليم سان خاص دلچسپي هئي. پهرين ٽنڊي باگي ۾ اي. وي ڪلاس کولرايائين، بعد ۾ ان کي ترقي ڏياري، هڪ لک رپين جي خرچ سان بلڊنگ تيار ڪرائي، هڪ ڪافي رقم اينڊومينٽ فنڊ رکي، هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين، ان ۾ بورڊنگ هائوس، ٺهررائي ٻاهرين شاگردن جي رهائش جو انتظام ڪيائين. اول ۾ هن هاءِ اسڪول کي لوڪل بورڊ طرفان گرانٽ ملندي هئي، ٻيو سمورو خرچ مير صاحب پاڻ ڪندو هو. پوءِ سرڪار ان کي هٿ ۾ کڻي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول بنايو. پوءِ ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ هڪ اسڪول ٺهرايو، جو پڻ سرڪار پوءِ پنهنجي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ به مير صاحب ماسترياڻين جي رهائش وغيره لاءِ جايون ٺهرايائون. زالن لاءِ ٽنڊي باگي ۾ ويم گهر قائم ڪرائي، ان جي ذريعي آسپاس جي داين جي ٽريننگ جو انتظام ڪرايائين، سندس اسڪالرشپن جو فائدو نه صرف مسلمانن تائين محدود هو، بلڪه ان جو فائدو هندو به وٺندا هئا. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم کي هن پنهنجي خرچ سان تعليم وٺڻ لاءِ ولايت موڪليو. مير بنده علي خان باوجود پنهنجيءَ ملڪيت هئڻ جي، سندس خرچ تي تعليم لاءِ ولايت ويو. سندس اسڪالرشپن تي ڪيترا شاگرد دهليءَ ۾ طبيه ڪاليج مان پڙهي، سَند يافتا ٿي آيا. تعليم سان سندس محبت جنون جي حد تائين پهتل هئي، بلڪه هر چڱي ڪم لاءِ مدد ڏيڻ ۾ کيس خوشي پئي ٿيندي هئي. مليريا جي موسم ۾، گشتي ڊاڪٽر مقر ڪري، دوائون ڏيئي، کين ڳوٺن ۾ عام ماڻهن جي علاج لاءِ موڪليندو هو. مير صاحب جي زندگي مثالي حيثيت ر کي ٿي. اهڙي قسم جا ٻيا مسلمان ڪي آڱرين تي ڳڻن جيترا ملندا- جهڙوڪ: مرحوم حسن علي آفندي، سيد الهندو شاھ ڊڀري وارو، مسٽر نور محمد وڪيل، سجاول واروسيد حاجي عبدالرحيم، شاھ ۽ پير صاحب جهنڊي وارو. تعليم جي سلسلي ۾، مخدوم ميان غلام حيدر صاحب هالا وارا بيشڪ وڏيءَ تعريف جي لائق آهن، پر هن مير صاحب جون ڪوششون صرف تعليم طرف ئي راغب نه هيون، بلڪه عام تندرستيءَ ۽ صحت جا معاملا به ان ۾ شامل هئا.مير صاحب 12 فيبروري 1933ع مطابق 15 شوال 1351ھ تي وفات ڪئي، کيس ڪو اولاد ڪو نه ٿيو. سندس وارث، سندس چاچي مير حاجي غلام شاھ جو فرزند، مير خدا بخش خان ٿيو، سندس ڏاڏي مير حاجي ولي محمد خان کي پنج فرزند ٿيا. 1. مير محمد خان، 2. مير حسن علي خان، 3. مير محمد حسن خان، 4. مير يار محمد خان، 5. مير حاجي غلام شاھ. مير محمد خان کي هڪ فرزند، خانبهادر مير غلام محمد خان ٿيو، جو لاولد وفات ڪري ويو. مير حسن علي خان کي ٻه فرزند ٿيا: مير حاجي شير محمد خان ۽ مير فيض محمد خان. پهرئين کي مير حاجي نور حسين خان (خاڪسار ڪارڪن) ، مير غلام رسول خان ۽ مير عبدالقادر خان (هاري ڪارڪن) فرزند ٿيا. ٻئي کي مير علي محمد خان فرزند ٿيو، ۽ ان کي مير حسن علي خان ڄائو. مير محمد حسن خان کي مير محمد بخش خان فرزند ٿيو[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو