بحر

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سمنڊ. وڏو ۽ ڳنڍيل پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو علائقو، جيڪو اصل ۾ دنيا جي سڄيءَ زمين جو 70 سيڪڙو آهي. سهوليت لاءِ اُن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ، پئسفڪ سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ ۽ ٻين الڳ الڳ نالن سان سمنڊن ۾ ورهايو ويو آهي. سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ حرارت موجود آهي، جنهن کي پاڻيءَ جون ويرون ۽ هوائون ورهائينديون آهن. بحري -پاڻي- هميشه حرڪت ڪندو رهندو آهي. ويرون پاڻيءَ کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن کڻي وينديون آهن. سمنڊ جي سراسري گهرائي 500، 12 فوٽ آهي. هر 33 فوٽن جي گهرائيءَ تي فضا جو دٻاءُ 15 -پائونڊ- هڪ ڪيوسڪ فوٽ تي وڌي ويندو آهي. اڄ تائين معلوم ٿيل سمنڊ جي وڌ کان وڌ گهرائي 800، 35 فوٽ پئسفڪ وڏي سمنڊ (بحرالڪاهل) جي ’سارياناس‘ ۽ ’نيروڊيب‘ وارن هنڌن تي آهي. بحري يا سامونڊي پاڻيءَ جي ڪثافت عام پاڻيءَ کان وڌيڪ آهي. خيال آهي ته هن پاڻيءَ ۾ دنيا جا سڀ عنصر حل ٿيل حالت ۾ موجود آهن. البت ڪلورين، سوڊيم، -تيزاب- ۽ مئگنيشيم جو مقدار وڌيڪ آهي. سامونڊي جانور گهاٽي ۽ لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ گهٽ ويندا آهن. اُهي اهڙي پاڻيءَ ۾ رهن ٿا، -جتي- آلودگي ۽ دٻاءُ گهٽ هجي ۽ روشني پهچي سگهي. -ٽن- وڏن سمنڊن کان علاوه ڪي ٻيا سمنڊ به مشهور آهن: ’-اتر- وڏو سمنڊ‘، ’ڏکڻ وڏو سمنڊ‘، ’اڇو سمنڊ‘ (روس جي اُتر ۾)، ’ڳاڙهو سمنڊ‘، (عربستان ۽ آفريڪا جي وچ ۾)، ’ڀُونوِچ سمنڊ‘ (يورپ ۽ آفريڪا جي وچ ۾) ۽ ’ڪارو سمنڊ‘ (ڪئسپين ڍنڍ، جيڪا روس جي ڏکڻ ۾ آهي).[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%AD%D8%B1