مواد ڏانھن هلو

ميرپور ساڪرو

بيھڪ: 24°32′N 67°37′E / 24.533°N 67.617°E / 24.533; 67.617
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميرپور ساڪرو
ميرپور ساڪرو is located in سنڌ
ميرپور ساڪرو
ميرپور ساڪرو
ميرپور ساڪرو is located in Pakistan
ميرپور ساڪرو
ميرپور ساڪرو
جاگرافي بيهڪ: 24°32′N 67°37′E / 24.533°N 67.617°E / 24.533; 67.617
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ٺٽو ضلعو
تعلقو ميرپور ساڪرو تعلقو
پکيڙ
 • ڪل 30 ڪ.م2 (10 ميل2)

ميرپور ساڪرو Mirpur Sakro(مِيرپور ساڪرو، اردو: میرپور ساکرو) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ٺٽي ضلعي جو هڪ تعلقو آهي.هي شھر موجوده گهارو شھر کان ارڙهن ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. هن وقت تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. ميرپور ساڪرو تمام گهڻو تاريخي قديم علائقو آهي. سردار لقمان خان ملڪاڻي,شمشاد ساڪرائي ۽ جمال مراد گبول جو مسڪن آهي.

ساڪرو عربن جي حملي وقت به موجود هو.ان جي شاهدي هتان جا قديم ڪوٽ قلعا ۽ انهن جا آثار ڏيئي رهيا آهن.ساڪرو جو علائقو تمام گهڻو قديم ۽ تاريخي آهي.ان جو ثبوت ڀنڀور,ديبل,جاکي بندر,لاهري بندر,راڻي جو ڪوٽ,ڌاراجا جو شهر,رتو ڪوٽ ۽ ملاڻي ڪوٽ جو هتي هجڻ آهي.ساڪرو ڀنڀور کان به قديم آهي,ڇاڪاڻ ته ڀنڀور جو شهر راجا ڀنڀوراء ٺهرايو هو,جيڪو خود ساڪري جي رياست جو والي هو.

هن علائقي مان ساڪرو نارو وهندو هو,تنهن ڪري هن علائقي تي ساڪرو نالو پيو.ديبل , ڀنڀور , ڌاراجا , لاهري , جاکي ,ٿرڙو ۽ بڪار ان قديم ساڪرو جا شهر هئا.

عربن پهريون حملو ديبل تي ڪيو ,جيڪو پڻ ساڪري جي علائقي ۾ هو.

ميرپور ساڪرو جو شاندار ماضي گواه آهي ته هي شهر علم ۽ ادب جو هر دور ۾ مرڪز رهيو آهي.هتان جي عمر رسيده ماڻهن جو چوڻ آهي ته هتي ادبي پروگرام راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون هيون.هندن جي لڏپلاڻ سبب هندو اديب,شاعر,فنڪار ,ادب ۽ فن سان دلچسپي رکندڙ ڪيترائي مور ماڻهو ساڪري کي خير آباد چئي هليا ويا ,جن ۾ ڀيڄومل ساڪرائي شاعر,تيرداس ڳائڻو,پوپٽ مل جهڙا اديب ۽ شاعر ساڪري جي وڻن کي هميشه لاء ڇڏي ويا.ان وقت ساڪرو شهر ۾ وڏو چهچٽو هوندو هو.هندو لڏي ويا ته اهي رونقون به پاڻ سان کنيو ويا.اڄ فقط انهن جون يادگيريون رهجي ويون.

هتان جا اديب ۽ شاعر ملڪان ملڪ مشهور هئا.پير محمد پياسي ,شمشاد ساڪرائي,هاشم لهر,رشيد احمد ساڪرائي ساڪري جا مشهور شاعر هئا.

ماضي قريب ۾ ادبي ڪارگذاري جو ٿورو وچوڙ ملي ٿو,جڏهن هتان جو مشهور شاعر شمشاد ساڪرائي 1965ع کان پنهنجون ادبي سرگرميون شروع ڪيون.پاڻ بزم ادب جو بنياد وڌائين.ان پليٽ فارم تان چڱو ادبي حلقو پيدا ٿيو.

ڪجهه سالن جي ماٺار کانپوء 1998ع ۾ ساڪري شهر ۾ بزم نگار جي نالي سان هڪ ادبي تنظيم ٺهي ان تنظيم جو ڪم هو اتان جي ادب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ .ان تنظيم ۾ هتان جا ناليوارا شاعر ۽ اديب شامل هئا جن ۾ شمشاد ساڪرائي,جمال مراد گبول شامل هئا .بزم نگار جي طرفان ساڪري شهر ۾ وڏا ادبي پروگرام ٿيا.شهر ۾ هر هفتي مشاعرا ٿيندا هئا.ادبي ويهڪون ٿينديون هيون .انهن پروگرامن ۾ سنڌ جا نالي وارا اديب شاعر اچي شريڪ ٿيندا هئا .

ماضي قريب ۾ تعلقي ساڪري جا ملهه پهلوان مشهور هوندا هئا.انب شيدي ,بکر شيدي,شير شيدي سنڌ جي سرزمين تي اهڙا ته پهلواني جا جوهر ڏيکاريا جيڪي صدين تائين ياد رکيا ويندا.

ساڪري جو محمد ملاح سرندائي سڄي دنيا ۾ مشهور هو.سندس ادائون ,ڪچهريون ,سندس سرندي وڄائڻ جا سر تال جن ٻڌا هوندا سي ضرور بي قرار هوندا.

ڪو زمانو هو جو ساڪرو شهر ۾ اسٽيج ڊرامن جي ناٽڪن جو اوج هوندو هو ,ٻين علائقن وانگر ميرپور ساڪرو ۾ به سٺا اداڪار پيدا ٿيا.مشهور اداڪار جاويد ٽاڪاڻي جو به تعلق ساڪرو سان آهي.



هيءُ لاڙ جو وڏو شھر آهي. پنجن ڪوهن تي شيخ حاجي تراب جو قبو آهي، جنھن بکر جو قلعو ورتو ۽ عرب هو، ۽ عباسي خليفن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو. قبي تي تاريخ ڊٺل آهي، جا سنہ 171ھ يا سنہ 771ھ آهي. انهيءَ تي هر مھيني ننڍڙو ميلو لڳندو آهي.[1]

ساڪرو

[سنواريو]

هن خطي ۾ بہ ڪنھن دور ۾ آباديون هيون، بادشاهيون هيون. انھن بادشاهن جون ننڍيون ننڍيون رياستون هيون، بندر، ڪوٽ ۽ قلعا هئا. ڀنڀور کان ڪيٽي بندر جو ساحلي علائقو سرسبز، شاداب ۽ آباد هو. اتي بادشاهن جا شوق شڪار هئا. هن سڄي علائقي کي ساڪرو چيو ويندو هو.ميرپور ساڪرو کي جيڪڏهن سنڌ جي جنت چئجي ته وڌاء ڪونه ٿيندو .هي علائقو امن جو گهوارو ,وڻندڙ ,دلڪش ۽ دل نشين آهي.هتي پياريون دل کي سڪون ڏيندڙ هوائون لڳن ٿيون.هتان جا ماڻهو محبتي مڻيادار ,ماٺيڻا,مهمان نواز , دوستي تان سر ڏيندڙ آهن.هتي جون اوطاقون هميشه مهمانن سان ڀريل هونديون آهن.هتان جي ماڻهن مان هميشه محبت جي خوشبوء ٿي اچي.اهي وفا جا پتلا ۽ قول فعل جا پڪا آهن لاهين ته نڀائين .

هتان جا باغ باغيچا دل کي موهين,هتان جي ٻولي لطيف جي ٻولي,هتان جو دوست ڏکن سکن جو ساٿي,هتان جو هر شخص پنهنجي مٽي سان محبت ڪندڙ ,هتان جو ڀنڀور محبت جو آستانو ,هتان جو پاڻي ماکي جهڙو مٺو,هتان جا ميوا جنت جا تحفا آهن.هتان جي مٽي خوشبودار ,هتي هر وقت اولهه طرف کان جنت جون ڄڻ هيرون لڳنديون رهن ٿيون.

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ -ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.