راڻي وڪٽوريا (برطانيا)
ڏيک
| وڪٽوريا | |||||
|---|---|---|---|---|---|
وڪٽوريا 1882ع ۾ | |||||
| يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي راڻي | |||||
| 20 جون 1837 – 22 جنوري 1901 | |||||
| پيشرو | وليم چوٿون | ||||
| جانشين | ايڊورڊ ستون (برطانيا) | ||||
| ايمپرر يا ايمپريس | |||||
| 1 May 1876 – 22 جنوري 1901 | |||||
| شاھي درٻار دھلي | 1 جنوري 1877 | ||||
| جانشين | ايڊورڊ ستون (برطانيا) | ||||
| جيون ساٿي | البرٽ آف سيڪس-ڪوبرگ ۽ گوٿا (ش. 10 فيبروري 1840; died 14 ڊسمبر 1861) | ||||
| نسل تفصيل |
|||||
| |||||
| گهراڻو | ھينوور گھراڻو | ||||
| پيءُ | ايڊورڊ، ڊيوڪ آف ڪينٽ اينڊ اسٽريٿيئرن | ||||
| ماءُ | شھزادي وڪٽوريا آف سئڪس-ڪوبرگ سعالفيلڊ | ||||
| جنم | شھزادي اليگزينڊرينہ وڪٽوريا آف ڪينٽ 24 مئي 1819 ڪينسنگٽن محل, لنڊن ، انگلينڊ | ||||
| لاڏاڻو | 22 جنوري 1901 (عمر 81 سال) اوسبورن ھائوس، وائٽ وارو ٻيٽ | ||||
| تدفين | 4 فيبروري 1901 فراگمور عجائب گھر, ونڊسر برڪشاير | ||||
| مذھب | پروٽيسٽنٽ | ||||
| دستخط | |||||
اليگزينڊرينا وڪٽوريا (Alexandrina Victoria) جيڪا 24 مئي 1819ع ۾ ڄائي ۽ 22 جنوري 1901ع ۾ وفات ڪري وئي جيڪا 20 جنوري 1837ع کان مرڻ گھڙيءَ تائين برطانيا ۽ اتر آئرلينڊ جي ملڪہ ھئي. ھن پھرين مئي 1876ع ۾ پاڻ کي برٽش انڊيا جي ايمپريس پڻ سڏائڻ شروع ڪيو. برٽش انڊيا جي ايمپريس ھئي. ھن جو 63 سالن ۽ ست مھينن جو دؤر وڪٽورين دؤر سڏبو آهي. جيڪو برطانوي بادشاھن ۾ سڀ کان وڏو دؤر ھيو. ھي بادشاھ جارج ٽيون جي پوٽي ۽ ايڊورڊ آگسٽس جي ڌيءَ ھئي جيڪو ڊيوڪ آف ڪينٽ ھيو جيڪي ٻئي 1820ع ۾ وفات ڪري ويا. ھن جي چاچي بادشاھ وليم چوٿون جي وفات بعد ارڙھن سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺي. ھن 1840ع ۾ پنھنجي سؤٽ البرٽ سان شادي ڪئي.