پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن
Pakistan Television Corporation
قسم ماس ميڊيا
تجارت بطور PTV
صنعت ميڊيا
نوع گھڻ قسمن واري ميڊيا
قيام 26 نومبر 1964؛ 59 سال اَڳُ (1964-11-26)
باني حڪومت پاڪستان
صدر دفتر اسلام آباد
علائقائي ھيڊ ڪوارٽر:
خدمتي علائقو عالمي
قومي
اھم شخصيتون احمدسخيرا
چيئرمين
مالڪ حڪومت پاڪستان
ملازم ~6,000
اصل مالڪ پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن
ماتحت ادارا پي.ٽي.وي.ايوارڊ
ويب سائٽ ptv.com.pk

پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن: Pakistan Television Corporation :, مختصر نالي پي.ٽي.وي.: PTV: ھڪ پبلڪ ۽ ڪمرشل براڊڪاسٽنگ ٽيليويزن نيٽورڪ آھي جنھن جو مرڪزي ھيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ آھي.

پي ٽي وي جو قيام[سنواريو]

پاڪستان ۾ سڀ کان اول فلپس ٽي وي ڪراچي ۾ آڪٽوبر 1962 ۾ نشريات شروع ڪئي.ان جي پروگرامن ۾ قرآن جي تلاوت، خبرون، عام معلومات، شو ۽ موسيقي شامل ھيا. اھو چينل 6:00 بجہ شام کان رات جو 9:30 تائين نشر ٿيندو ھو.ان جي دائري وڌائڻ لاءِ فلپس ڪمپني 200 ٽيليويزن درآمد ڪيا ۽ ڪراچي جي پبلڪ وارين جاين، ڪلبن، تعليمي مرڪزن، اسپتالن، ھوٽلن ۽ باغن ۾ ٽيليويزن سيٽ رکي چينل جي مشھوري ڪئي. ڪمپني ڪجهه سيٽ مخصوص شھرين کي بہ گفٽ ڪيا.ان سڄي مھم مان توقع ھئي تہ فلپس ڪمپني سان حڪومت پائليٽ ٽي وي شروع ڪرڻ جو معاهدو ڪندي پر حڪومت معاهدو جپان جي نپن اليڪٽرڪ ڪمپني سان معاهدو ڪري ڇڏيو. جنھن ڪمپني جي حصيداري وزير علي اينڊ انڊسٽريز سان ھئي.پائليٽ ٽي وي جي پھرين اسٽيشن ريڊيو پاڪستان لاھور جي آفيس واري ميدان تي قائم ڪئي وئي ۽ سن جي نشريات 26 نومبر 1964 ۾ شروع ڪئي وئي.صدر ايوب خان اسلم اظھر کي ان جو چيئرمين ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. ان پائليٽ ٽي وي جي نشريات روزانو 3 ڪلاڪ ۽ ھفتي ۾ ڇھ ڏينھن ھلائي وئي جو سومر جي ڏينھن ان جي موڪل رکي وئي.ٽي وي سيٽ عوامي ھنڌن تي رکيا ويا.نتيجي ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ لڳا جنھنڪري ڪجهه سيٽ ھٽايا ويا. اھا نمائش 90 ڏينھن تائين جاري رکي وئي. ھڪ پرائيويٽ ڪمپني نپن اليڪٽرڪ ڪمپني(NEC) ،گوشو ڪمپني جاپان، برطانيا جيٿامسن ٽيليويزن ۽ حڪومت پاڪستان جي اشتراڪ سان قائم ڪئي وئي جنھن جو نالو ٽيليويزن پروموٽرز ڪمپني رکيو ويو جنھن جو لوگو (logo) آرٽسٽ عبدالرحمان چغتائي کان ڊزائين ڪرايو ويو جنھن ريڊيو پاڪستان جو لوگو پڻ ٺاھيو ھو.ڪمپني 8000 ٽيليويزن سيٽ درآمد ڪيا جيڪي 800 کان 1000 ماڻھن کي وڪيا ويا.بعد م حڪومت فرم کي پاڪستان جي اندر ٽيليويزن سيٽ ٺاھڻ جي اجازت ڏني ڇڏي ۽ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ ٽيليويزن سيٽن جو تعداد اندازي مطابق 45000 ٿي ويو .ان وقت ٽيليويزن پروموٽرز ڪمپني جو نالو تبديل ڪري پي ٽي وي PTV رکيو ويو جيڪا ھڪ پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني ھئي..[1]

حوالو[سنواريو]

  1. {Daily Dawn dated 31st March 2018، PTVs Paradise Lost, The dawn of Advertising in Pakistan (1947 to 2017) page 25}