ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي

ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي انگريزي (Village Haji Manik Khan Kingrani) جوهي تعلقي، دادو ضلعي، سنڌ جو قديم ڳوٺ آهي جيڪو جوهي شهر کان ٽي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي ٿي اوڀر-ڏکڻ ۾ آهي. هيءُ ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي ڳوٺ ڪنگراڻي هاڻ ڳوٺ گل محمد گنب کان لڏ پلاڻ ڪري اچي آباد ڪيو هو. هن ڳوٺ ۾ ئي ناميارن اديبن عزيز ڪنگراڻي ۽ ماڻڪ ڪنگراڻي جنم ورتو. هن ڳوٺ ڏانهن جوهي-ڀان سيدآباد روڊ کان لنڪ روڊ وڃي ٿو. اٽڪل 35 گهرن تي مشمل هن ڳوٺ جي آبادي 200 کن ٿيندي. هن ڳوٺ ۾ پرائيمري اسڪول به آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]