نوابشاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نواب شاهه کان چوريل)
نوابشاھ
نواب شاھ (Nawab Shah)
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مزار
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مزار
نوابشاھ is located in سنڌ
نوابشاھ
جاگرافي بيهڪ: 26°14′39″N 68°24′36″E / 26.24417°N 68.41000°E / 26.24417; 68.41000مڪانيت: 26°14′39″N 68°24′36″E / 26.24417°N 68.41000°E / 26.24417; 68.41000
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو شهيد بينظيرآباد
پکيڙ
 • ڪل 4,239 ڪ.م2 (1,637 ميل2)

نواب شاھ (انگريزي: Nawabshah) پاڪستان جي سنڌ صوبي جو هڪ شهر ۽ ضلعي شهيد بينظيرآباد جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هيءُ شهر ڪراچيءَ کان 206 ڪلوميٽر پري آهي. 2017ع جي انگن اکرن مطابق هن شهر جي آبادي 279،688 آهي[1]. سيد نواب شاھ هتان جو مشهور زميندار ۽ راڄ جو چڱومڙس هو. هن سندس 200 ايڪڙ ذاتي زمين هتان جي ريلوي اسٽيشن جي تعمير لاءِ مفت ۾ سرڪار جي حوالي ڪئي. انهيءَ عظيم خدمت جي مڃتا طور ان وقت جي انگريز سرڪار هن شهر ۽ ريلوي اسٽيشن جو نالو ”نواب شاھ“ رکيو. ھڪ تحقيق مطابق سيد نواب شاھ پٽ نواز علي شاھ جو اصل تعلق سن سان ھيو جتان خاندان سميت لڏي 1881ع ۾ ھتي رھائش اختيار ڪئي[2].

بيهڪ[سنواريو]

نواب شاھ جو شهر جاگرافيائي طور تي تقريباََ سنڌ جي مرڪز ۾ آباد آهي. ڪراچيءَ کان روڊ وسيلي لڳڀڳ چئن ڪلاڪن ۾ هتي پهچي سگهجي ٿو. هي شهر سنڌو درياءُ جي کاٻي ڪپ کان 50 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آباد آهي. هتي ريلوي اسٽيشن 1913ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي.

پکيڙ ۽ آبادي[سنواريو]

پکيڙ 4,239 چورس ڪلوميٽر
آبادي 1,435,130
مرد 749,275
عورتون 685,855
آبادي (15 سالن کان گهٽ ڄمار) 45%
آبادي (15 کان 65 سال ڄمار) 52.2%
مسلمانن جي آبادي 94.1%
هندن جي آبادي 4.2%

[3]

زراعت[سنواريو]

هتان جي زمين زراعت ۽ باغبانيءَ لاءِ نهايت موزون آهي. هن شهر جي آسپاس جا علائقا ڪمند، انب، ڪپه ۽ ڪيلي جي پيداوار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. خاص طور تي ڪيلي جي پيداوار ۾ هي علائقو سڄي پاڪستان ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو.

آبهوا[سنواريو]

نواب شاھ پاڪستان جي انتهائي گرم شهرن مان هڪ آهي. اونهاري جي موسم ۾ هتان جو گرمي پد 530C تائين پهچي سگهي ٿو. جون ۾ عام طور تي هتان جو گرمي پد 450C رهي ٿو. مئي جي آخري ۽ جون جي پهرين هفتن ۾ گرمي پد گهڻو ڪري 500C کان مٿي رهي ٿو. سيارو عام طور وچ نومبر کان وچ فيبروريءَ تائين هلي ٿو. انهيءَ عرصي دوران رات جي وقت گرمي پد 40C تائين ڪري سگهي ٿو. جنوري مهيني جي راتين ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرمي پد 00C کان 40C رهي ٿو.

پاڪستان ۾ تقريباََ هر سال وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو (عام طور تي 500C کان مٿي) نواب شاھ ۽ سبي ۾ مئي آگسٽ جي وچ ۾ رڪارڊ ڪيو وڃي ٿو. 26 مئي 2010ع تي سنڌ ۾ رڪارڊ گرمي پئي ۽ نواب شاھ ۾ گرميءَ جو درجو 520C تائين پهچي ويو. اهو هتان جي رڪارڊ ۾ وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو آهي. هتي گهٽ ۾ گهٽ گرميءَ جو درجو 6 جنوري 2011ع ۾ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 40C هو. [4] 30 اپريل 2018ع تي نواب شاھ جي گرميءَ جو درجو 50.20C رڪارڊ ڪيو ويو. اپريل جي مهيني ۾ ايتري گرمي دنيا ۾ ڪٿي به نه ٿي آهي. ان ڪري اپريل مهيني جو اهو گرميءَ جو درجو ورلڊ رڪارڊ آهي[5]،[6].

موسمي رڪارڊ : نواب شاھ، پاڪستان
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 33.7
(92.7)
38.0
(100.4)
44.5
(112.1)
48.5
(119.3)
51
(124)
50.5
(122.9)
47.5
(117.5)
48.9
(120)
44.5
(112.1)
43
(109)
41
(106)
35
(95)
51.0
(123.8)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
24.3
(75.7)
27.5
(81.5)
33.6
(92.5)
39.6
(103.3)
43.4
(110.1)
43.6
(110.5)
40.3
(104.5)
38.8
(101.8)
38.7
(101.7)
37.4
(99.3)
31.9
(89.4)
25.8
(78.4)
35.4
(95.7)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
6.1
(43)
8.8
(47.8)
14.3
(57.7)
19.7
(67.5)
24.6
(76.3)
27.5
(81.5)
27.4
(81.3)
26.1
(79)
23.3
(73.9)
18.4
(65.1)
12.3
(54.1)
7.8
(46)
18.0
(64.4)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
−2.6
(27.3)
−3.6
(25.5)
3
(37)
7
(45)
15
(59)
17
(63)
20
(68)
18.9
(66)
14.6
(58.3)
7.5
(45.5)
2.8
(37)
−1.0
(30.2)
−3.6
(25.5)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 1.9
(0.075)
2.7
(0.106)
3.4
(0.134)
2.7
(0.106)
1.3
(0.051)
6.6
(0.26)
54.5
(2.146)
43.7
(1.72)
12.9
(0.508)
3.4
(0.134)
1.0
(0.039)
3.6
(0.142)
114.1
(4.492)
Source: [7]>

آمدورفت[سنواريو]

مهراڻ شاهراھ

ريلوي وسيلي[سنواريو]

نواب شاھ پاڪستان جي مکيه ريلوي لائين تي واقع آهي جيڪا ڪراچيءَ کان لاهور وڃي ٿي[8]. هتان ميرپور خاص ۽ سڪرنڊ لاءِ به ريل گاڏيون وينديون هيون پر اهي هاڻي بند ڪيون ويون آهن.

روڊ وسيلي[سنواريو]

  1. N-5 قومي شاهراھ وايا سڪرنڊ
  2. سڪرنڊ نواب شاھ روڊ
  3. قاضي احمد نواب شاھ روڊ
  4. نواب شاھ سانگهڙ روڊ
  5. مهراڻ شاهراھ (دوڙ ۽ ٻانڌيءَ کان ڪنب، خيرپور ميرس)
  6. فوجي چڪ ۽ سٺ ميل نواب شاھ روڊ
  7. نواب شاھ ڄام صاحب روڊ
  8. نواب شاھ، ڄام صاحب ۽ پريتم آباد روڊ
  9. مورو ٻانڌي روڊ
  10. ٻيا روڊ

هوائي جهاز وسيلي[سنواريو]

هتي هڪ هوائي اڏو به آهي جتان ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن لاءِاڏامون هلنديون هيون پر اڄڪلھ اهي اڏامون بند آهن.

آثار قديمه[سنواريو]

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مزار شهيد بينظيرآباد جي آثارقديمه واري ورثي ۾ خاص اهميت رکي ٿي. هيءَ مزار موري شهر کان 9 ڪلوميٽر اوله طرف موجود آهي[9]. نواب شاھ (هاڻي شهيد بينظيرآباد) ضلعي ۾ لڳڀڳ 1000 سال پراڻو منارو ”ٺل مير رڪن“ ڏسڻ وٽان آهي. هيءُ منارو 60 فوٽ اوچو آهي. هتان زيور، سڪا ۽ ٻيون شيون پڻ مليون آهن. هن مناري ڏانهن وڃڻ لاءِ قاضي احمد کان هڪ روڊ وڃي ٿو. هي دڙو ٻانڌي ريلوي اسٽيشن کان 22 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف ۽ دولت پور کان 13 ڪلوميٽر اوڀر طرف موجود آهي[10]. چانهونءَ جو دڙو به هتان جي اهم قديم آثارن مان هڪ آهي. هي دڙو نواب شاھ کان 10 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ موجود آهي. هي دڙو 1930ع ۾ آثار قديمه جي ماهر ناني گوپال مجمدار دريافت ڪيو هو[11].

تقريبون[سنواريو]

نواب شاھ ۾ گلاب جي گلن جو ميلو هر سال ٽي کان چار ڏينهن تائين ملهايو ويندو آهي. هي ميلو 1954ع ۾ مشهور تعليمي ماهر ايڇ ايم خواجه متعارف ڪرايو هو.

تعليمي ادارا[سنواريو]

نواب شاھ ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا؛

  • قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
  • شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽنري ۽ اينيمل سائنسز
  • شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظيرآباد
  • پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز فار وومين
  • بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز
  • سٽي اسڪول، سينئر برانچ، سوسائٽي
  • مريم ڪانوينٽ هائي اسڪول
  • فائونڊيشن پبلڪ اسڪول
  • ايئر فائونڊيشن اسڪول سسٽم
  • فوجي فائونڊيشن ماڊل اسڪول، سوسائٽي
  • گورنمينٽ حبيب ڪاليج آف ٽيڪنالاجي
  • گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاھ (ڇوڪرن لاءِ)
  • گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاھ (ڇوڪرين لاءِ)
  • گورنمينٽ اسلاميه گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول
  • گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نواب شاھ
  • گورنمينٽ شاهين ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ نواب شاھ
  • زيبسٽ ڪاليج نواب شاھ
  • قائداعظم رينجرس پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج
  • امپيريل سائنس ڪاليج، سڪرنڊ روڊ نواب شاھ
  • ڊيف ريچ اسڪول اينڊ ٽريننگ سينٽر
  • هوميوپيٿڪ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال
  • پرو ونشيل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايڊيوڪيشن
  • بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ
  • ايڪسيلنس ڪاليج آف انفارميشن ٽيڪنالاجي
  • گلشن پبلڪ هائي اسڪول
  • نور ماڊل پبلڪ هائي اسڪول

حوالا[سنواريو]

  1. "Nawabshah (Taluka, Pakistan) - Population Statistics, Charts, Map and Location". www.citypopulation.de. حاصل ڪيل 2020-01-06. 
  2. Khaskheli A.Z., Socio economic assessment of farmer participation ,in managing irrigation and drainage system: PhD thesis, Department of Economics University of Sindh, Jamshoro, Pakistan
  3. http://dhsprogram.com/pubs/pdf/FR290/FR290.pdf
  4. Mercury dips to Daily Dawn, Karachi. "Mercury dips to 4 °C in Nawabshah". Dawn.Com. وقت January 25, 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2011-01-07. 
  5. {{حوالو_ويب|url=https://www.independent.co.uk/news/world/asia/april-temperatures-hottest-day-earth-records-karachi-nawabshah-heat-wave-a8336001.html%7Ctitle=Hottest April day in history of the earth recorded in Pakistan|date=2018-05-04|website=The Independent|language=en|access-date=2020-
  6. A city in Pakistan may have just endured the hottest April temperature ever observed on Earth, Washing Post, 01 May 2018. Available at https://www.washingtonpost.com/news/capital-weather-gang/wp/2018/05/01/a-city-in-pakistan-may-have-just-endured-the-hottest-april-temperature-ever-observed-on-earth/?noredirect=on&sdfdsfdsfsfdds
  7. "Nawabshah climate: Average Temperature, weather by month, Nawabshah weather averages - Climate-Data.org". en.climate-data.org. حاصل ڪيل 2020-01-18. 
  8. "Nawabshah – Travel guide at Wikivoyage". en.wikivoyage.org. حاصل ڪيل 2020-01-08. 
  9. "Tomb of Mian Noor Muhammad Kalhoro, Shaheed Benazirabad". antiquities.sindhculture.gov.pk. حاصل ڪيل 2020-01-18. 
  10. User, Super. "Sindh Tourism Development Corporation - Buddhist Stupa, Village Thul Mir Rukan, Nawabshah". www.stdc.gos.pk. حاصل ڪيل 2020-01-18. 
  11. Tunio H.; Chanhu Daro — Industrial hub of the ancient world, The Express Tribune, 23rd February 2017. Available at https://tribune.com.pk/story/1336217/treasure-trove-antiquity-chanhu-daro-industrial-hub-ancient-world/