سومار خان ڪنگراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سومار خان ڪنگراڻي انگريزي ٻولي (Soomar Khan Kingrani) حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ جو ٽيون نمبر پُٽ هو. سندس جنم 12 جولاءِ 1937ع تي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي ۾ ٿيو. 1946ع ۾ پرائيمريءَ جا چار درجا ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائيمري اسڪول منجهان پاس ڪيائين. سنڌي فائينل جي تعليم پاس ڪري پوءِ واپار جي ڪرت شروع ڪيائين پر فائدو نه پوڻ سبب واپار ڇڏي پنهنجي پيءَ سان زمين سنڀالڻ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ کيس پرائيمري استاد ٿيڻ جي آڇ ٿي پر اها آڇ قبول نه ڪيائين. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ايوب خان جي دور ۾ بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ جوهي تعلقي جي يونين ڪائونسل ڪمال خان جو ڪائونسلر چونڊيو ويو. 1970ع ۾ پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ مڪمل طور آبادگاريءَ ڏانهن توجه ڏنائين. طويل علالت کان پوءِ 7 نومبر 2003ع تي وفات ڪيائين. کيس چئن پُٽن عزيز ڪنگراڻي، اڪبر ڪنگراڻي ،نصراللہ ڪنگراڻي ۽ ماڻڪ ڪنگراڻي سان گڏ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو.[1][2]

حوالا[سنواريو]