اولهه آفريڪا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اولھ آفريڪا کان چوريل)
اولھ آفريڪا

  اولھ آفريڪا (گڏيل قومن جو ذيلي خطو)
خطو 5٬112٬903 km2 (1٬974٬103 sq mi) (7th)
آبادي 362,201,579 (2016 est.) (3rd)[1]
381,981,000 (عورتون: 189,672,000; مرد: 192,309,000 (2017 est.[2])
گھاٽائي 49.2/km2 (127.5/sq mi)
آبادي جو نالو اولھ آفريڪي يا ويسٽ آفريڪن
ملڪ
ٽائيم زون UTC+0 to UTC+1
مکيه علائقائي تنظيمون ايڪانامڪ ڪميونٽي آف ويسٽ آفريڪن اسٽيٽس (ECOWAS; 1975ع ۾ قائم ٿي)
ڪل جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) US$752.983 ارب ڊالر (2013) (23rd)[3]
جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) في ڪس US$2,500 (2013)[4]
ڪل جي ڊي پي (ناليوار) US$655.93485اررب ڊالر (2013)[5][6]
ڪل جي ڊي پي ( ناليوار) في ڪس US$1,929.22 (2013)[5]
ڪرنسي
وڏي ۾ وڏا شھر
لاگوس,  نائيجيريا
عابد جان,  آئيوري ڪوسٽ
عڪرا, گھانا
اونيتشا,  نائجيريا
ابوجا,  نائيجيريا
ڪانو,  نائيجيريا
ابادان,  نائيجيريا
ڪوماسي,  گھانا
پورٽ ھرڪورٽ,  نائيجيريا
UN M.49 code 011 – اولھ آفريڪا
202سب سحارن آفريڪا
002آفريڪا
001دنيا

اولھ آفريڪا(انگريزي: Western Africa ) آفريڪا کنڊ جي آخري اولھ واري حصي جو نالو آهي. اولھ آفريڪا جي گڏيل قومن جي تعريف مطابق 16 ملڪ شامل آهن جن جا نالا: بينن،بورڪينا فاسو،ڪيپ ورڊي،گيمبيا،گھانا ،گني،گني بسائو,آئيوري ڪوسٽ،لائبيريا،مالي، مارطانيا، نائيجر، نائجيريا، سينيگال، سيراليون، ٽوگو آھن. انھن ملڪن سان گڏوگڏ ھڪ خطو يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو سمنڊ پار خطو سينٽ ھيلينا، اسينشن اينڊ ٽرسٽئن ڊا ڪونھا شامل آهن[7] اولھ آفريڪا جي آبادي 2017ع ۾ 381,981,000 جن ۾ 189,672,000عورتون ۽ 192,309,000 مرد ھئا.



  اولھ آفريڪا( يو اين ريجن)
  اتر اولھ آفريڪا جو علائقو مغرب پڻ اتر آفريڪا جو حصو آهي.

ماريطانيا کان علاوه مٿي ڏنل سڀ ملڪ اولھ آفريڪي رياستن جي اقتصادي جماعت جا رڪن آهن۔ گڏيل قومن جي تعريف ۾ برطانيه جي ماتحت ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو ٻيٽ سينٽ هيلينا به هن خطي ۾ شامل آهي۔

جاگرافي[سنواريو]

هن خطي جون اولاهيون ۽ ڏاکڻيون سرحدون ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان ملن ٿيون جڏهن ته صحارا ريگستان اترين سرحدن تي واقع آهي۔ نائجر ندي کي هن جو سڀ کان اتريون خطو سمجھيو ويندو آهي۔ اوڀاريون سرحدون واضع طور تي بيان نه آهن پوء به بينيو ٽرف ۽ ڪجهه ماهر ڪوہ ڪيمرون کان چاڊ ڍنڍ تائين فرضي خطي کي سرحد مڃيندا آهن۔ اولھ آفريڪا جي پکيڙ 6140000 چورس ڪلو ميٽر آهي۔ هن خطي جو گھڻو حصو ميداني آهي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 300 ميٽر مٿي آهي پر ڏاکڻين ڪنارن سان مختلف ملڪن ۾ ڪجهه مٿاهيون جڳهون به موجود آهن۔ اولھ آفريڪا جو اتريون علائقو نيم ريگستاني علائقو ڪنارو تي مشتمل آهي جيڪو صحارا ريگستان ۽ بلاد سوڊان جي وچ ۾ واقع آهي۔ جهنگ ڪنارن ۽ انهن ميدانوں جي وچ ۾ 160 کان 240 ڪلوميٽر ويڪر علائقي تي مشتمل آهن۔

تاريخ[سنواريو]

هن علائقي جي تاريخ کي پنج حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو جن ۾ پهريون دور قبل از تاريخ جو دور آهي جڏهن قديم ترين انسان هتي آباد ٿيا ۽ زراعت کي هٿي ملي ۽ انهن اتر ۾ رومي سمنڊ سان گڏ واقع تهذيبن سان رابطه ڪيا۔ ٻيو دور لوھ جو دور جيڪو سلطنتن جو هيو جن واپار کي فروغ ڏنو ۽ مرڪزي رياستون قائم ٿيون۔ 8 صدي ۾ سلطنت گھانا قائم ٿي جيڪا بعد جديد ماريطانيه ۾ ڪومبي صالح جي حڪومت به قائم ٿي جنهن 1052ء ۾ دولت مرابطين جي هٿان شڪست تائين خطي جي گھڻي علائقي تي حڪومت ڪئي۔ مشهور آفيڪي حڪمران منسا موسي جي سلطنت مالي به هن ئي علائقي سان تعلق رکي ٿي۔ سونگھائي سلطنت جي عظيم بادشاهه اسڪيائي اعظم جو تعلق به هن خطي سان هيو۔ مسلمانن جي عروج جي دور ۾ هي علائقو دنيا جي خوشحال علائقن ۾ شمار ٿيندو هيو۔ ان کان بعد 18 ۽ 19 هين صدي ۾ يورپي نئين آبادياتي دور جي شروعات ٿي۔ چوٿون دور اهو ئي نئين آبادياتي دور هيو جنهن ۾ فرانس ۽ برطانيا پوري خطي تي قبضو ڪري ورتو۔ پنجون ۽ آخري دور بعد از آزادي جو دور آهي جنهن ۾ موجوده ملڪ تخليق ٿيا۔ 19 هين صدي جي اوائل ۾ بلاد سودان ۾ فولاني تحريڪ جو آغاز ٿيو جنهن جي اهم ترين شخصيت فولاني سلطنتجو عثمان دان فوديو هيو۔ ٻي مهاڀاري جنگ کان بعد اولهه آفريڪا ۾ قوميت جون تحريڪون مضبوخ ٿي ويون ۽ 1957ء ۾ گھانا هن خطي جو پهريون آزاد ملڪ بڻيو۔ 1974ء تائين خطي جا سڀ ملڪ خود مختيار ٿي ويا۔ بعد از آزاديهن علائقي جا ڪافي ملڪ سياسي عدم استحڪام، بد عنواني ۽ گھرو ويڙھ جو نشانو بڻجي ويا جن ۾ نائجيريا، سيراليون، لائبيريا ۽ آئيوري ڪوسٽ جر گھري ويڙهه خانہ ۽ گھانا ۽ برڪيناا فاسو ۾ فوج جو اقتدار تي قابض ٿيڻ قابل ذڪر آهن۔ ڪافي ملڪ اهم معدنر ذخيرن جي ڪري پنهنجي معيشت کي ترقي ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا جن ۾ نائجيريا اهم آهي۔ هن خطي جو هڪ ٻيو مسئلو ايڊز آهي جيڪو آئيوري ڪوسٽ، لائبيريا ۽ نائجيريا ۾ وڏي پيماني تي پکڙيل آهي۔ اتر مالي ۽ نائجر قحط کان متاثر ٿيندا رهندا آهن۔

علائقائي تنظيمون[سنواريو]

ايڪانامڪ ڪميونٽي آف ويسٽ آفريڪن اسٽيٽس 1975ع ۾ لاگوس معاھدي تحت قائم ٿي جنھن جو مقصد خطي جي اقتصاديات کي بھتر بنائڻ آهي. ان 1999ع ۾ اولھ آفريڪا جي تعريف ھيٺين 15 ملڪن واري علائقي طور ڪئي آھي:[7] ھن تنظيم موريطانيا کي اولھ آفريڪا ۾ شامل. ناھي ڪيو.

لاڳاپيل مضمون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  2. گڏيل قومن جو معاشي ۽ سماجي معاملن جو شعبو, آبادي جي ڊويزن (2017). World Population Prospects: The 2017 Revision, custom data acquired via website. [1]
  3. "IMF GDP 2011". حاصل ڪيل 17 October 2014. 
  4. "IMF GDP data, September 2011". حاصل ڪيل 17 October 2014. 
  5. 5.0 5.1 "IMF GDP data, October 2013". حاصل ڪيل 17 October 2014. 
  6. "Nigerian Economy Overtakes South Africa's on Rebased GDP". Bloomberg News. حاصل ڪيل 17 October 2014. 
  7. 7.0 7.1 Paul R. Masson, Catherine Anne Pattillo, "Monetary union in West Africa (ECOWAS): is it desirable and how could it be achieved?" (Introduction). International Monetary Fund, 2001. ISBN 1-58906-014-8