گني بسائو
جمهوريه گني بسائو Republic of Guinea-Bissau | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"اتحاد، جدوجھد، ترقي" | |||||
آفريڪا جي نقشي ۾ گني بسائو هاء لائٽ ڪيل | |||||
| گادي جو هنڌ | بسائو 11°52′N 15°36′W / 11.867°N 15.600°W | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | بسائو | ||||
| دفتري ٻوليون | پرتگالي | ||||
| ڳالھائيندڙ ٻوليون | |||||
| نسلي گروھ | |||||
| مذهب (2020ع) | |||||
| مقامي آبادي | بسائو گنيئن[2] | ||||
| حڪومت | وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر | عمرو سسوڪو ايمبالو | ||||
• وزيراعظم | نونو گومز نبيئم | ||||
| مقننه | پيپلز اسيمبلي | ||||
| آزادي پورچوگال کان | |||||
• آزادي جو اعلان | 24 سيپٽمبر 1973 | ||||
• تسليم ڪيو ويو | 10 سيپٽمبر 1974 | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 36,125 km2 ([convert: unknown unit]) (134th) | ||||
• پاڻي (%) | 22.4 | ||||
| آبادي | |||||
• 2016 اندازو | 1,815,698[3] (148th) | ||||
• گھاٽائي | 46.9/km2 (121.5/sq mi) (154th) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $3.391 ارب ڊالر [4] | ||||
• في سيڪڙو | $1,951[4] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $1.480 ارب ڊالر [4] | ||||
• في سيڪڙو | $851[4] | ||||
| جِينِي (2002) | 35 وچولو | ||||
| ايڇ ڊي آء (2018) | ڪمتر · 178th | ||||
| ڪرنسي | ويسٽ آفريڪن سي ايف اي فرينڪ (XOF) | ||||
| معياري وقت | GMT (متناسق عالمي وقت ) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | ساڄو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +245 | ||||
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | GW | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .gw | ||||
گني بسائو (Guinea-Bissau) اولھه آفريڪا جي گني واري علائقي ۾ ھڪ ملڪ آھي جن جو سرڪاري نالو "ريپبلڪ آف گني بسائو" آھي. ملڪ جي پکيڙ 36,125 چورس ڪلوميٽر آهي. ان جون حدون اتر ۾ سينيگال ۽ ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ گني سان ملن ٿيون. ملڪ جو گادي جو ھنڌ بسائو آھي. گني ملڪ جھڙو ساڳيو نالو ھجڻ ڪري مونجھاري کان بچڻ لاء ھن ملڪ جي نالي ۾ "بسائو" شامل ڪيو ويو.[6]
ھي ملڪ ڪنھن وقت ڪابو جي بادشاھت ۽ مالي جي سلطنت جو حصو ھيو. بعد ۾ ان تي پرتگال قبضو ڪري ڪالوني بڻائي ڇڏيو جنھن کان سال 1973ع ۾ آزادي حاصل ڪيائين جن کي پرتگال 1974ع ۾ تسليم ڪيو. ملڪ جي نئين صدر جو نالو عمر سسوڪو ايمبالو آهي، جيڪو 29 ڊسمبر 2019ع جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيو. ملڪ جي سرڪاري ٻولي پرتگالي آھي جن کي ملڪ جي صرف 2 سيڪڙو آبادي پهرين ٻولي طور ڳالهائي ٿي.
تاريخ
[سنواريو]
شروع ۾ پورچوگيزن سامونڊي ڪنارو ۽ ندي جا پاسا قبضي ھيٺ آندا جتي سورھين صدي عيسويءَ ۾ انھن واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون. انھن اندروني علائقن کي اوڻويھين صديءَ تائين جاچڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. مقامي حاڪمن زميني واپار پنھنجي قبضي ۾ رکيو ۽ غلامن جي ڪاروبار مان خوشحالي ماڻي. انھن يورپين کي اندر اچڻ جي اجازت ڪانه ڏني [7] 1790 واري ڏھاڪي ۾ برطانيا گني بسائو جي سامونڊي ڪناري کان ڪجهه فاصلي تي بولما ٻيٽ تي تي پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي[8] پر اوڻويھين صديءَ ۾ بسائو کي پوري طرح محفوظ ڪري ڀر وارن علائقن تي دعويدار ٿيو. گني بسائو جي جنگ آزادي 1956ع ۾ پارٽيڊو آفريڪنو ڊا انڊپينڊشا ڊا گني اي ڪيپ ورڊي (PAIGC ) , نالي پارٽي املڪار ڪئبرال جي قيادت ۾ شروع ڪئي جنھن آھستي آھستي گني بسائو ۾ پنھنجي طاقت ۾ اضافو ڪيو [9] ان پارٽيءَ گوريلا جنگ جي بدران پنھنجي فوجي ڪنٽرول ۾ اضافو آندو ۽ وڏي علائقي تي قبضو ڪيو. ان پارٽي کي ڪيوبا ، سوويت يونين ، چين ۽ آفريڪا جي کاٻي ڌر وارن ملڪن کان ھٿيارن جي وڏي پيماني تي رسد ٿي رھي ھئي [10] ڪيوبا آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ ان پارٽيءَ کي ماھر توپچي، ڊاڪٽر، ۽ ٽيڪنيشن پڻ فراھم ڪيا[11] PAIGC ھوائي حملن کي روڪڻ لاء جھاز ڪرائيندڙ مھارت پڻ حاصل ڪري چڪي ھئي. 1973ع ۾ ڪئبرال جي قتل وقت ان پارٽيءَ جو ملڪ جي ڪيترن ئي حصن تي ڪنٽرول ھيو [12]

24 سيپٽمبر 1973ع تي گني بسائو جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ويو . جنھن ڪري ان ئي تاريخ تي ملڪ جي آزادي جو جشن ڪيو ويندو آهي ۽ ملڪ م عام موڪل ڪئي ويندي آهي [13] 25 اپريل 1974ع تي لزبن ۾ سوشلزم جي حمايت واري فوجي بغاوت ڪئي وئي جنھن سان ايسٽاڊو نووو جي حڪومت جي تختو اونڌو ڪيو ويو جنھن بعد پورچوگال گني بسائو جي آزاديءَ کي تسليم ڪري ڇڏيو [14]
ايملڪار ڪئبرال جو ڀاءُ ۽ پارٽي جو شريڪ باني لوئس ڪئبرال ملڪ جو پھريون صدر بڻيو. نئين حڪومت جي فوج پورچوگيزين جي حمايت ۾ حريت پسن گوريلن سان جنگ ڪندڙن کي مارڻ شروع ڪيو جيڪي بچا آھي پورچوگال ۽ ٻين ملڪن ڏانھن ڀڄي ويا[15] 1984ع تائين ملڪ کي انقلابي ڪائونسل ڪنٽرول ڪيو. 1994ع ۾ پھريون دفعو ڪثيرالجماعت چونڊون ٿيون. مئي 1998 ۾ ھٿياربند بغاوت ڪر کنيو جنھن ڪري گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي جنھن سان جون 1999 ۾ صدر گھر ڀيڙو ٿي ويو[16] 2000 ۾ وري چونڊون ٿيون ڪمبا آئيلا ملڪ جو صدر چونڊجي ويو [17] سيپٽمبر 2003 ۾ فوجي بغاوت بعد صدر آئلا گرفتار ڪيو ويو[18] 2004 جي مارچ ۾ نيٺ وري چونڊون ٿيون پر آڪٽوبر ۾ فوج اندر بغاوت ٿي جنھن ۾ فوجي سربراھ مارجي ويو. آئلا جي برطرفي بعد جون 2005 ۾ صدارتي چونڊون ٿيون جن ۾ اڳوڻو صدر جوئو برنارڊو وائيرا چونڊون کٽي ويو ۽ مقابلي ۾ ھارائندڙ ملام بڪائي سنھا بسائو سميت ٻن تڪن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳائي نتيجا تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو [19] نومبر 2008 جي پارلياماني چونڊن ۾ PAIGC 100 مان 67 سيٽون کٽيون[20] پھرين مارچ 2009 تي جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل بتيستا ٽيگمي نا وائي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو ۽ ٻئي ڏينھن 2 مارچ تي ان جي انتقام ۾ فوجين جي ھڪ جٿي وائيرا کي قتل ڪري ڇڏيو[21] جنھن سان ملڪ ۾ پرتشدد ڪاروايون شروع ٿي ويون[22] فوج آئين جي پاسداري جو واعدو ڪيو ۽ نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر رائمنڊو پيريئرا کي نئين صدر جي چونڊ تائين عبوري صدر بڻايو ويو. 28 جون 2009 تي صدارتي چونڊون ٿيون جن ۾ مالام بڪائي سنھا صدر چونڊجي آيو. 9 جنوري 2012 صدر سنھا ذيابيطس جي مرض جي پيچيدگين ڪري فوت ٿي ويو ۽ پيريئرا کي ٻيھر عبوري صدر بڻايو ويو. 12 اپريل 2012 تي فوج بغاوت ڪري پيريئرا کي ۽ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ آھن اميدوارن کي گرفتار ڪيو[23] اڳوڻي وائيس چيف آف اسٽاف جنرل مامودو توري ڪروما اقتدار تي قابض ٿي مخالفن سان ڳالھيون ٻولھيون شروع ڪيون[24][25]
انتظامي ورهاست
[سنواريو]گني بسائو اٺ ريجن ۾ ورھايل آھي. جيڪي وڌيڪ 37 سيڪٽرن ۾ ورھايل آھن. ريجنن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:
جاگرافي
[سنواريو]


گني بسائو جي اتر ۾ سينيگال، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ گني ۽ اولھ ۾ اينٽلاٽڪ سمنڊ واقع آهي. ان جي پکيڙ 36125 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ماپ ۾ ھي ملڪ بيلجيئم ۽ تائيوان کان وڏو آهي. ھن ملڪ جو سڀ کان مٿاھون مقام سمنڊ جي سطح کان 300 ميٽرن جي بلندي تي آھي. اتي مون سون جھڙي برساتي موسم رھندي آھي. ان جي ساحلي پٽي ۾ گپ ۽ گني جي تمر جا ٻيلا واقع آھن. ھتان جي موسم اڪثر ھلڪي گرم ھوندي آھي ۽ سراسري 26.3 سيٽي گريڊ تائين ھوندي آھي [26]

معيشيت
[سنواريو]
گني بسائو جي ڊي پي جي واري في ڪس آمدني جي لحاظ کان دنيا جي غريب ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. جن ملڪ جي انساني ترقي جو اشاريو پوري دنيا جي ملڪن ۾ سڀ کان گھٽ آھي. ملڪ جي ٻہ ڀاڱي ٽي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿي[27]. ملڪ جي معيشت زرعي آھي. ملڪ جي برآمدن ۾ مڇي، کاڄا، مڱيرا شامل آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.globalreligiousfutures.org/countries/guinea-bissau/religious_demography#/?affiliations_religion_id=0&affiliations_year=2010
- ↑ "Guinea-Bissau" – Field Listing: Nationality. آرڪائيو ڪيا ويا 26 June 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. The World Factbook 2013–14. Washington, DC: Central Intelligence Agency, 2013. Retrieved 15 July 2015.
- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. 10 September 2017 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 . International Monetary Fund جي http://www.imf.org/external/pubs/ft/weo/2018/02/weodata/weorept.aspx?pr.x=96&pr.y=9&sy=2015&ey=2022&scsm=1&ssd=1&sort=country&ds=.&br=1&c=654&s=NGDPD%2CPPPGDP%2CNGDPDPC%2CPPPPC&grp=0&a= جي. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 11 November 2018 تي محفوظ ڪيل. 18 October 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Check|url=value (مدد); Missing or empty|title=(مدد) - ↑ "Human Development Report 2019". United Nations Development Programme. 10 December 2019. 10 December 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Guinea-Bissau – History". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). 2020-05-27 تي حاصل ڪيل.
- ↑ US Department of State. "A Brief History of Guinea-Bissau – Part 1". African History at About.com. اصل نسخو مان 5 January 2013 تي محفوظ ڪيل. 22 June 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "British Library – Endangered Archive Programme (EAP)". inep-bissau.org. 18 March 1921. 22 June 2013 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Check|archive-url=value (مدد) - ↑ Cabral, Amilcar (1966). "The Weapon of Theory: Address delivered to the first Tricontinental Conference of the Peoples of Asia, Africa and Latin America held in Havana in January, 1966". Marxists.org. اصل نسخو مان 2012-10-16 تي محفوظ ڪيل. 22 June 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The PAIC Programme Appendix". Marxists.org. اصل نسخو مان 30 January 2013 تي محفوظ ڪيل. 22 June 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ سانچو:Cite video
- ↑ Brittain, Victoria (17 جنوري 2011). "Africa: a continent drenched in the blood of revolutionary heroes". The Guardian. London. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 17 جنوري 2017 تي محفوظ ڪيل. 14 ڊسمبر 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Benzinho, Joana; Rosa, Marta (December 2015). Discovering Guinea-Bissau. NGO afectos com Letra. p. 29. ISBN 978-989-20-6315-7. http://www.eeas.europa.eu/archives/delegations/guinea_bissau/documents/press_corner/20160215_guide_guinea_bissau_european_union_afectos_en.pdf. Retrieved 20 September 2019.
- ↑ "Embassy of The Republic of Guinea-Bissau – Country Profile". Diplomatic & Consular Yearbook Online. 12 April 2012. اصل نسخو مان 2013-02-08 تي محفوظ ڪيل. 22 June 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Guiné-Bissau: Morreu Luís Cabral, primeiro presidente do país آرڪائيو ڪيا ويا 3 May 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Expresso.sapo.pt (30 May 2009). Retrieved 22 June 2013.
- ↑ Uppsala Conflict Data Program Conflict Encyclopedia, Guinea Bissau: government, in depth, Negotiations, Veira's surrender and the end of the conflict آرڪائيو ڪيا ويا 31 December 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., viewed 12 July 2013,
- ↑ Guinea-Bissau's Kumba Yala: from crisis to crisis آرڪائيو ڪيا ويا 16 July 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Afrol.com. Retrieved 22 June 2013.
- ↑ Smith, Brian (27 September 2003) "US and UN give tacit backing to Guinea Bissau coup" آرڪائيو ڪيا ويا 27 October 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Wsws.org, September 2003. Retrieved 22 June 2013
- ↑ GUINEA-BISSAU: Vieira officially declared president آرڪائيو ڪيا ويا 25 August 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. irinnews.org (10 August 2005).
- ↑ Guinea Bissau vote goes smooth amid hopes for stability. AFP via Google.com (16 November 2008). Retrieved 22 June 2013.
- ↑ "Soldiers kill fleeing President". اصل نسخي مان 8 March 2009 تي محفوظ ڪيل. 2 March 2009 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: bot: original URL status unknown (ڳنڍڻو). news.com.au (2 March 2009). - ↑ Elections, Guinea-Bissau (27 May 2009). "On the Radio Waves in Guinea-Bissau". swisspeace. اصل نسخو مان 8 December 2009 تي محفوظ ڪيل. 7 February 2010 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Tiny Guinea-Bissau becomes latest West African nation hit by coup". Bissau. 12 اپريل 2012. اصل نسخو مان 13 اپريل 2012 تي محفوظ ڪيل. 14 اپريل 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Embalo, Allen Yero (14 April 2012). "Fears grow for members of toppled G.Bissau government". Agence France-Presse. اصل نسخي مان 3 March 2014 تي محفوظ ڪيل. 2 May 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: CS1 maint: bot: original URL status unknown (ڳنڍڻو) - ↑ "Guinea-Bissau opposition vows to reach deal with junta | Radio Netherlands Worldwide". Rnw.nl. 15 April 2012. اصل نسخو مان 12 October 2014 تي محفوظ ڪيل. 2 May 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Guinea-Bissau Climate آرڪائيو ڪيا ويا 9 May 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Nationsencyclopedia.com. Retrieved 22 June 2013.
- ↑ World Bank profile آرڪائيو ڪيا ويا 11 November 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. World Bank.org (31 May 2013). Retrieved 22 June 2013.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- CS1 errors: missing title
- CS1 errors: bare URL
- CS1 errors: URL
- Articles containing پورچوگيزي-language text
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Convert errors
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 maint: bot: original URL status unknown
- گني بسائو
- ملڪ
- آفريڪا جا ملڪ
- وچ آفريڪا جا ملڪ
- اولهه آفريڪا جا ملڪ
- او آئي سي جا ڀاتي ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- ڪميونٽي آف پرتگيز لئنگئيج ڪنٽريز جون ميمبر رياستون