عظيم برطانيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
A flag featuring both cross and saltire in red, white and blue
Coat of arms containing shield and crown in centre, flanked by lion and unicorn
جھنڊو Royal coat of arms[note 1]
Two islands to the north-west of continental Europe. Highlighted are the larger island and the north-eastern fifth of the smaller island to the west.
گادي جو هنڌ لنڊن
51°30′N 0°7′W / 51.500°N 0.117°W / 51.500; -0.117
سڀ کان وڏو شهر لنڊن
سرڪاري ٻولي
سانچو:قومي ٻولي
انگريزي
تسليم شدہ علائقائي ٻوليون[note 3]
نسلي گروھ (2011)
مذهب (2011)
مقامي آبادي برٽش يا برٽن
گڏيل بادشاھت جا ملڪ انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، ويلش ۽ نادرن آئرلينڊ
حڪومت يونيٽري پارلياماني
آئيني بادشاھت
ملڪہ اليزبيٿ ٻئين
ٿريسا مئي
ڊيوڊ لڊنگٽن(de facto)
بيرنيس ھيل آف رچمنڊ
مقننه پارليامينٽ
ھائوس آف لارڊز
ھائوس آف ڪامنز
گڏيل بادشاھت جي قيام جي تاريخ
1535 and 1542
24 March 1603
1 May 1707
1 January 1801
5 December 1922
1 January 1973
پکيڙ
• جملي
242٬495 km2 (93٬628 sq mi)[4] (78th)
• پاڻي (%)
1.34
آبادي
• 2016 اندازو
65,648,100[5] (22nd)
• 2011 مردم شماري
63,181,775[6] (22nd)
•  گھاٽائي
270.7 /km2 (701.1 /sq mi) (50th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.880 trillion[7] (9th)
• في سيڪڙو
$43,620[7] (25th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.565 trillion[7] (6th)

برطانيا، گريٽ برٽين (انگريزي ٻولي: Great Britain) کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ انگلينڊ، ويلس آئرلئنڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ شامل آهن.[10] اُتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ عظيم برطانيا نالي سان هڪ ٻيٽ آهي جيڪو يورپ کان  اُتر-اولهہ طرف سامونڊي ساحل تي آهي

تاريخ[سنواريو]

برطانيا کي دنيا جي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، ان جا قديم رهاڪو بلڪل غيرمهذب هوندا هئا. تقريباً 2300 ق. م ۾ اسپين جي آئيبريا نسل جا ماڻهو برطانيا ۾ داخل ٿيا، تنهن کان پوءِ جلد ئي اسپين جو ٻيو گهراڻو ڪيلٽ برطانيا ۾ داخل ٿيو. هي ٻئي نسل گڏجي ڏکڻ برطانيا ۾ رهڻ لڳا ۽ پاڻ کي Britons (برطانوي) سڏائڻ لڳا. جڏهن فرانس جي گال ۽ روم جي وچ ۾ جنگ لڳي، تڏهن برطانوين، گال جي مدد ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ روم جو بادشاهه جوليس سيزر، برطانوين کي سزا ڏيڻ لاءِ 55 ق. م ۾ برطانيا تي حملو ڪري واپس هليو ويو. ان کان پوءِ روم جي هڪ ٻئي بادشاهه ڪلام ڊيس 43ع ۾ برطانيا کي فتح ڪري روم ملڪ جو هڪ صوبو بنائي ڇڏيو. رومين برطانيا تي 35 سال حڪومت ڪئي. پنجين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن جرمنيءَ جي ڪجهه قبيلن رومي سلطنت تي حملو ڪيو، تڏهن رومين برطانيا مان پنهنجي فوج واپس گهرائي. 449ع ۾ جرمنيءَ جي ٽن قبيلن ائنگل، سيڪسن ۽ جيوٽ ڏکڻ برطانيا تي حملو ڪري اتي مستقل طور رهائش اختيار ڪئي. جرمنيءَ جي انهن ٽنهي قبيلن برطانيا ۾ سلطنت جو بنياد وڌو ۽ هڪٻئي کان فوقيت حاصل ڪرڻ لاءِ نسلي جنگيون شروع ڪري ڏنيون. آخرڪار وليسڪس جنگ کٽي. 597ع تائين سڄي برطانيا عيسائي ٿي وئي. اٺين صدي عيسويءَ ۾ وليسڪس جي بادشاهه الفريڊ، ڊينون کي شڪست ڏني، جنهن ڪري هن کي الفريڊ اعظم سڏڻ لڳا. الفريڊ جي مرڻ کان چند سال پوءِ ايٿلرڊ جي دور ۾ وري ڊينون نسل جي ماڻهن برطانيا تي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ايٿلرڊ برطانيا ۾ رهندڙ ڊينون نسل جي ماڻهن کي مارڻ جو حڪم ڏنو. سوئين شاهه ڊينمارڪ، ڊينون نسل جي ماڻهن جو انتقام وٺڻ لاءِ 994ع ۾ برطانيا تي حملو ڪيو. ايٿلرڊ فرانس ڀڄي ويو. هڪ سال کان پوءِ سوئين مري ويو ۽ ان جو پٽ ڪينوٽ بادشاهه ٿيو. ڪينوٽ قابل ۽ عدل پسند بادشاهه هو. هن برطانيا جي انتظام هلائڻ لاءِ برطانيا کي چئن وڏن صوبن ۾ تقسيم ڪيو، ۽ هر صوبي جو هڪ ولي عهد مقرر ڪيو. 1035ع ۾ ڪينوٽ مري ويو ۽ ان جي ٻن پٽن هيرالڊ ۽ هارڊي ڪينوٽ گڏوگڏ ملڪ تي بادشاهي ڪئي. جنهن کان پوءِ جلد ئي انگريزن ايٿلرڊ جي پٽ ايڊورڊ نائب کي پنهنجو بادشاهه مقرر ڪيو. وليم وڪٽر (1154 1066ع) جنهن کي ”نارمن بادشاهه“ چيو وڃي ٿو، ان جي دور ۾ ٻه بغاوتون ٿيون، جيڪي جلد ئي ختم ٿي ويون. وليم وڪٽر برطانيا ۾ جاگيرداري نظام قائم ڪيو. ان کان سواءِ وليم ڪليسا کي به پنهنجي تابع ڪيو. وليم وڪٽر کان پوءِ ان جا ٻه پٽ بادشاهه بنيا، جن مان هينري اول (1135 1100ع) تمام مشهور ٿي گذريو آهي. برطانيا ۾ نارمن بادشاهه کان پوءِ پلانٽاجينسٽ بادشاهه جو دؤر شروع ٿئي ٿو، جنهن جو پهريون بادشاهه هينري ٻيو (1189 1154ع) ٿيو. هن جي دؤر ۾ برطانيا جي حڪومت تمام وسيع علائقي تائين پکڙجي وئي، جنهن ۾ فرانس جو گهڻو حصو به شامل هو. هينري ٻيو هڪ طاقتور بادشاهه هو. هن برطانيا جي جاگيرداري نظام کي نقصان پهچائڻ لاءِ تمام سخت قانون ٺاهيا. هينري ٻئي جي وفات کان پوءِ ان جي جانشين رچرڊ اول (1199 1189ع) کي برطانيا جو بادشاهه مقرر ڪيو ويو. هن کان پوءِ برطانيا ۾ اقتدار جو انتشار پکڙجي ويو، جنهن ڪري هن دؤر ۾ فرانس پنهنجو گهڻو حصو برطانيا کان آزاد ڪرايو. هن دؤر ۾ برطانيا اندر ڪيتريون ئي نسلي جنگيون لڳيون. 1399ع ۾ هينري لئنڪاسٽر، رچرڊ کي شڪست ڏئي لئنڪاسٽر خاندان جي بادشاهت جو بنياد وڌو. لئنڪاسٽر خاندان برطانيا تي تمام سٺو وقت حڪمراني ڪئي. هيءُ خاندان صلح پسند ۽ مضبوط طاقت وارو هو. هن خاندان جي مشهور بادشاهن ۾ هينري چوٿون (1413 1999ع)، هينري پنجون (1426 1413ع) ۽ هينري ڇهون (1461 1433ع) مشهور آهن. هن خاندان جي هينري ڇهين کي ايڊورڊ شڪست ڏني ۽ برطانيا ۾ يارڪ خاندان جي بادشاهيءَ جو بنياد وڌو. هن خاندان، لئنڪاسٽر خاندان جون ملڪيتون ضبط ڪيون ۽ واپارين تي تمام ڳرا ٽئڪس لاڳو ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ برطانيا حڪومت خوشحال ٿي وئي. هن خاندان جي مشهور بادشاهن ۾ ايڊورڊ چوٿون (1483 1461ع) ۽ ايڊورڊ پنجون (1483ع) سرفهرست آهن. هينري ٽيوڊر، رچرڊ ٽئين کي شڪست ڏيئي، ٽيوڊر خاندان جي حڪومت جو بنياد وڌو. هينري ستين (1509 1485ع) ايڊورڊ چوٿين جي ڌيءُ ايلزبيٿ سان شادي ڪئي، جنهنڪري لئنڪاسٽر ۽ يارڪ خاندان هڪ ٿي ويا. هن خاندان مختلف بادشاهن سان خانداني تعلقات قائم ڪيا ته جيئن برطانيا جي سلطنت کي بچائي سگهجي. هن خاندان جي مشهور بادشاهن ۾ هينري ستون ۽ هينري اٺون، جنهن پوپ جي اجازت سان پنهنجي بيواهه ڀاڄائيءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ پوءِ هن کي طلاق ڏيئي، ڇهه شاديون ڪيون هيون. هينري اٺين کان پوءِ ان جي پٽ ايڊورڊ ڇهين (1554 1527ع) کي بادشاهه مقرر ڪيو ويو، جيڪو ننڍيءَ عمر جو هو، جنهن ڪري حڪومت جو ڪاروبار هن جي مامي ڊيوڪ آف سمرسٽ جي سنڀال هيٺ آيو. ميري (1558 1553ع) جيڪا هينري اٺين جي زال هئي، تنهن ايڊورڊ ڇهين جي دؤر ۾ مذهبي جهڳڙا ڪرايا، جنهن ڪري برطانيا ۾ پوپ جا اختيار بحال ٿيا ۽ پراٽيسٽنٽ فرقي جي ماڻهن جو قتل عام ڪرايو ويو. ان کان پوءِ ايلزبيٿ برطانيا جي راڻي ٿي.[10]

ايلزبيٿ کان پوءِ، تخت جي حقدار اسڪاچ ملڪ ميري هئي؛ پنهنجي مڙس جي موت کان پوءِ، هوءَ اسڪاٽ لئنڊ واپس اچي تخت نشين ٿي. اسڪاٽ لئنڊ ۾ سندن خلاف بغاوت ٿي ته هوءَ، فرانس مان ٿيندي واپس برطانيه پهچي وئي. سندس خلاف ڪيٿولڪ عقيدي وارن مختلف سازشون ڪيون هيون، جن جي الزامن هيٺ ايلزبيٿ، ميري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏي. ايلزبيٿ جي عهد جو هڪ وڏو واقعو 1588ع ۾ اسپين جي جنگي ٻيڙي جي شڪست هئي. ايلزبيٿ کي آئرلئنڊ ۾ ڪيترين ئي شورشن جو مقابلو ڪرڻو پيو. ان دؤر ۾ هن ڪيترين ئي برطانوي شهرين کي آئرلئنڊ ۾ مقيم ڪرائي ڇڏيو. ايلزبيٿ جو دؤر، برطانوي تاريخ ۾ هڪ بهتر دور سمجهيو وڃي ٿو. ايلزبيٿ جي وفات کان پوءِ، اسڪاچ ميريءَ جو پٽ، جيمس پنجون، شاهه اسڪاٽ لئنڊ جيمس پهرئين جي نالي سان برطانيا جي تخت تي ويٺو. جيمس پهريون، اهل علم پر ڪوتاهه نظر هو؛ رومن ڪيٿولڪ عقيدي وارن کي، ايلزبيٿ جي دؤر ۾، جيڪي شڪايتون هيون، انهن جي ازالي نه ٿيڻ ڪري، انهن بغاوت ڪري وڌي. نه صرف ڪيٿولڪ عقيدي وارن، پر پراٽسٽنٽ عقيدي وارن سان پڻ جيمس جو سلوڪ چڱو نه هو. جيسمس اول جي پٽ چارلس پهرئين، فرانس جي دوستيءَ جي فائدن کي مدنظر رکندي، اسپين سان جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنگ جي خرچن لاءِ چارلس، عوام کان جبري قرض وصول ڪيا ۽ جڏهن ان مان به ڪم نه ٿيو ته 1628ع ۾ هن پنهنجي ٽين پارليامنيٽ طلب ڪئي، جنهن وڃي رقم منظور ڪئي. 1629ع ۾، چارلس، ايليٽ کي قيد ڪري، پارليامينٽ کان بغير حڪومت هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. يارهن سالن تائين مطلق العناني جو دؤر رهيو. هُن مختلف قسم جي غيرقانوني رقمن وصول ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي. اهڙيءَ صورتحال ۾ عوام ۾، بادشاهه خلاف نفرت وڌڻ لڳي. نتيجي ۾ مخالفت ڪرڻ وارن ماڻهن کي سزائون ڏنيون ويئون. چارلس کان اسڪاٽ لئنڊ وارا به ناراض هئا، جنگ ۾ چارلس کي ناڪامي ٿي ۽ چارلس کي فوجي خرچ ڀري ڏيڻا پيا. 1640ع ۾ چارلس، پارليامينٽ سڏائي، جيڪا تاريخ ۾ طويل پارليامينٽ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا 40 سالن تائين برقرار رهي. پارليامينٽ سان وري، چارلس جا لاڳاپا خراب ٿيا ۽ آخر پارلياماني فوج ۽ بادشاهي فوج وچ ۾ جنگ لڳي. بادشاهي فوج هارايو ۽ چارلس گرفتار ٿيو. بعد ۾ پارليامينٽ صرف آزاد جماعتن جي رڪنن تي مشتمل هئي. عدالت ۾ چارلس خلاف مقدمو هليو، جنهن عدالت 1659ع ۾ چارلس جو سر قلم ڪري ڇڏيو. چارلس جي موت کان پوءِ، بادشاهيءَ جو خاتمو آڻي، دولتِ عامه جو قيام عمل ۾ آندو ويو. حڪومت لاءِ رمپ جي 41 رڪنن جي مجلسِ سلطنت چونڊي وئي. 1653ع ۾ هڪ نئين پارليامينٽ ترتيب ڏني ويئي، جنهن ۾ نه صرف برطانيا پر اسڪاٽ لئنڊ جي ميمبرن کي پڻ شريڪ ڪيو ويو. ان دؤر ۾ ”ڪرامول“ کي لامحدود اختيار ڏنا ويا. 1658ع ۾ ڪرامول جي وفات کان پوءِ سندس پٽ رچرڊ ڪرامول، جانشين ٿيو؛ چند مهينن کان پوءِ، فوج سندس تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. 1660ع ۾ هڪ نئين پارليامينٽ منعقد ٿي، جنهن چارلس ٻئي کي تخت نشين ٿيڻ لاءِ، فرانس مان اچڻ لاءِ دعوت ڏني ويئي. چارلس ٻئي جي 60 1658ع ۾ تخت نشينيءَ کان پوءِ، طويل پارليامينٽ جو خاتمو آيو ۽ 1661ع ۾ ٻي پارليامينٽ مقرر ٿي. 1668ع ۾ وليم، برطانيه تي وارد ٿيو. وليم جي دؤر ۾ مذهبي فرقيواريت ختم ٿي ۽ ملڪ ۾ ڪيترائي اصلاحي ڪم ڪيا ويا. ان پارليامينٽ جو عرصو، هڪ قانون تحت ٽي سال رکيو ويو. بعد ۾ جيمس ٻئي جي ڌيءُ، ملڪه اين جي تخت نشيني ٿي. بعد ۾ آسٽريا جي وراثت جي جنگ ٿي ۽ برطانيه، يورپ ۾ جبل الطارق (جبل الٽر) ۽ مائي ناريڪا ۽ آمريڪا ۾ نوواسڪوشيا ۽ نيوفائونڊ لئنڊ وارا حصا حاصل ڪري ورتا. ملڪه اين جو جانشين وري جارج پهريون ٿيو ۽ 1715ع ۾ جيمس ٽئين کي تخت تي ويهاريو ويو. 1716ع ۾ پارليامينٽ جي مدت ٽن سالن مان وڌائي ست سال ڪئي ويئي. بعد ۾ هڪ وزير وال پول کي پهريون وزيراعظم بڻايو ويو. وال پول، 1739ع ۾ اسپين سان جنگ جو اعلان ڪيو، پر جنگ ۾ ناڪاميءَ جي ڪري، 1742ع ۾ استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين. بعد ۾ جارج ٻئي جو پوٽو جارج ٽيون تخت نشين ٿيو. 1783ع ۾ جارج ٽئين، وليم پٽ، کي وزيراعظم مقرر ڪيو. 1798ع ۾ آئرلئنڊ ۾ بغاوت وڌي وئي، سال 1800ع ۾، وليم پٽ، بغاوت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ، آئرلئنڊ ۽ برطانيه ۾ اتحاد وارو قانون پارليامينت مان پاس ڪرايو. 1801ع ۾ جارج ٽئين جي بيماري ڪري، سندس پُٽ جارج چوٿون، سلطنت جو نائب مقرر ٿيو، جيڪو 1820ع ۾ پيءُ جي وفات کان پوءِ تخت نشين ٿيو. جارج چوٿين کان پوءِ، سندس ڀائٽي وڪٽوريه تخت نشين ٿي. راڻي وڪٽوريه جي عهد (18371901) وڏي خوشحالي وارو دور هو، قانون ۾ اصلاح ٿي ته اقتصادي قانونن سان ڪيتريون ئي بدترين سماجي بدعنوانين جو خاتمو ٿيو. نئين لبرل پارٽيءَ جي اثر سان غلاميءَ جو خاتمو ٿيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، هندستان ۾ تجارت جي بهاني 1857ع تائين پوري برصغير کي سلطنت برطانيه جو حصو بڻائي ڇڏيو هو.[10]

1901ع ۾ وڪٽوريه جي بيماريءَ دوران سندس پٽ ايڊورڊ ستين کانئس تاج حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن 1910ع تائين حڪمراني ڪئي. هن وقت برطانيه جي راڻي ايلزبٿ II آهي، جيڪا 1952ع ۾ تخت نشين ٿي.[10]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "National Anthem". Official web site of the British Royal Family. حاصل ڪيل 4 June 2016. 
  2. "List of declarations made with respect to treaty No. 148". Council of Europe. حاصل ڪيل 12 December 2013. 
  3. Philby, Charlotte (12 December 2012). "Less religious and more ethnically diverse: Census reveals a picture of Britain today". The Independent (London). https://www.independent.co.uk/news/uk/home-news/less-religious-and-more-ethnically-diverse-census-reveals-a-picture-of-britain-today-8406506.html. 
  4. (PDF) Demographic Yearbook – Table 3: Population by sex, rate of population increase, surface area and density. United Nations Statistics Division. 2012. http://unstats.un.org/unsd/demographic/products/dyb/dyb2012/Table03.pdf. Retrieved 9 August 2015. 
  5. "Population estimates – Office for National Statistics U.K.". www.ons.gov.uk. 
  6. "2011 UK censuses". Office for National Statistics. حاصل ڪيل 17 December 2012. 
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 "Report for Selected Countries and Subjects – United Kingdom". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 6 January 2018. 
  8. "Gini coefficient of equivalised disposable income (source: SILC)". Eurostat Data Explorer. حاصل ڪيل 11 November 2015. 
  9. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 23 March 2017. 
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. سال:2012ع

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

وڊيو ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:British Isles

سانچو:United Kingdom topics مڪانيت: 53°50′N 2°25′W / 53.833°N 2.417°W / 53.833; -2.417
حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو