ڪيپ ورڊي
ڪَيپ وَرڊَي ريپبلڪا ڊي ڪابو ورڊي (ڪيپ ورڊيئن ڪريئول) | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
| گادي جو هنڌ | پرايا 14°55′N 23°31′W / 14.917°N 23.517°W | ||||
| دفتري ٻوليون | پورچوگيزي | ||||
| تسلیم ٿيل قومي ٻولي | ڪيپ ورڊيئن ڪريئول | ||||
| مذهب |
| ||||
| مقامي آبادي | ڪيپ ورڊيئن يا ڪيپ ورڊيائي[2] | ||||
| حڪومت | وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ [3] | ||||
• صدر | جورج ڪارلوس فونسيڪا | ||||
• وزيراعظم | يوليسز ڪوريئا اي سلوا | ||||
| مقننه | قومي اسيمبلي | ||||
| قيام | |||||
• پورچوگال کان آزادي | 5 جولاءِ 1975 | ||||
| 13 جنوري 1990 | |||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 4,033 km2 (1,557 sq mi) (166th) | ||||
• پاڻي (%) | نہ جھڙو | ||||
| آبادي | |||||
• 2016 اندازو | 539,560[4] (172nd) | ||||
• گھاٽائي | 123.7/km2 (320.4/sq mi) (89th) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $4.323 ارب ڊالر | ||||
• في سيڪڙو | $7,728[5] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $2.042 ارب ڊالر | ||||
• في سيڪڙو | $3,651 | ||||
| جِينِي (2008) | 47.2[6] اعلیٰ | ||||
| ايڇ ڊي آء (2018) | وچولو · 126th | ||||
| ڪرنسي | ڪيپ ورڊيئن ايسڪوڊو (CVE) | ||||
| معياري وقت | CVT (متناسق عالمي وقت–1) | ||||
| غير مروج (متناسق عالمي وقت –1) | |||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | ساڄو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +238 | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .cv | ||||
ڪَيپ وَرڊَي(انگريزي: Cape Verde ) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ڪيبو ورڊي آھي[8] وچ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ واقع ٻيٽن وارو ملڪ آهي. ان جي ڏھن مٿاھن وڏن ٻرندڙ جبلن وارن ٻيٽن جو ميڙ جي گڏيل پکيڙ 4033 چورس ڪلوميٽر آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ پرائيا شھر آھي جيڪو سانتياگو ٻيٽ جي ڏاکڻي ڪناري تي واقع آهي. ھي ملڪ آفريڪا کنڊ ۾ ان جي اولھ طرف سمنڊ م واقع آخري ملڪ آھي. ڪيپ وردي، ازورس، ڪينري، ميڊيرا ۽ سيويج ٻيٽن سان گڏ، مئڪرونيشيا ايڪوريجن جو حصو بڻجي ٿو. ھي ملڪ آفريڪي يونين جو رڪن آهي.
ملڪ جو نالو
[سنواريو]ھن ملڪ جو ڪيپ ورڊي نالو سينيگال جي سامونڊي ڪناري تي واقع اپٻيٽ جي نالي ڪيپ ورٽ تان رکيو ويو[9] پورچوگيزي سيلانين ھن ٻيٽن جي دريافت بعد ان تي ڪيبو ورڊي نالو رکيو جنھن جي معنيَ ھئي سائي ڪيپ. سائي جو مطلب سرسبز آھي ۽ ڪيپ جو مطلب سمنڊ ۾ مٿاھون جاگرافيائي زميني علائقو آهي. 24 آڪٽوبر 2013 تي ھن ملڪ جي گڏيل قومن ۾ نمائندگي ڪندڙ وفد پڌرائي ڪئي تہ ملڪ جو نالو ريپبلڪ آف ڪيبو ورڊي آھي ۽ ان کي ڪيپ ورڊي نہ سڏيو وڃي[8][10]
تاريخ
[سنواريو]
يورپين جي آمد کان پھريان ھي ٻيٽ غيرآباد ھئا[11]. انھن کي جينوا وارن ۽ پورچوگيزي جھازرانن 1456ع جیي لڳ ڀڳ دريافت ڪيو. پورچوگيزي سرڪاري رڪارڊ مطابق[12] پھريون دفعو انھن ٻيٽن کي جينوا شھر ۾ ڄاول انتونيو ڊي نولي نالي جھازران دريافت ڪيو جنھن کي پورچوگال جي بادشاھ افونسو پنجين ڪيپ ورڊي جو گورنر مقرر ڪيو. ٻيا جھازران جن انھن ٻيٽن جي ميڙ جي ٻين ٻيٽن کي دريافت ڪيو انھن ۾ ڊيئوگو گومز شامل ھيو جيڪو انتونيو ڊي نولي سان گڏ ھيو ۽ اھو پھريون دفعو سانتياگو ٻيٽ تي پھتو. پورچوگيزين 1462ع ۾ سانتياگو ٻيٽ کي آباد ڪري ربيئرا گرينڊي نالي يورپي ڪالوني جو بنياد وڌو[13].

سورھين صدي عيسوي ۾ ھن ملڪ اينٽلاٽڪ سمنڊ واري غلامن جي واپار مان خوشحالي ماڻي[13] ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي ڌاڙيل پورچوگيزي آبادين تي حملا ڪندا ھيا. ھڪ انگريز فرينڪ ڊريڪ جي ٻيڙن 1585ع ۾ ٻہ دفعا ھن ملڪ جي شھر ربيئرا گرينڊي کي لٽيو جڏھن ھي ملڪ ابيرين يونين (پورچوگال ۽ اسپين جي اپٻيٽ واري يونين) جو حصو ھيو[13]. 1712ع ۾ فرانس جي حملي بعد ربيئرا گرينڊي شھر زوال پذير ٿي ويو ۽ 1770ع ۾ پرائيا شھر ھتان جو گاديءَ جو هنڌ بڻيو [13]. اڻويھين صديءَ ۾ غلامن جي واپار جي زوال کان پوء معاشي بحران جنم ورتو ۽ ھتان جي خوشحالي پڻ زوال پذيري بعد ختم ٿي وئي. ٻيٽن جو اينٽلاٽڪ سمنڊ اندر مقام اھميت وارو ھجڻ جي ڪري وري خوشحالي ڪر کنيو. بحري جھازن جا لنگھ ڀرسان ھجڻ ڪري جھاز ساھي پٽڻ لاء ھتي لنگر انداز ٿيڻ شروع ٿيا. ھتان جي ٻيٽ سائو وسينٽ جي منڊيلو شھر جي بندرگاھ مصروف بندرگاھ ۽ اوڻويھين صديءَ جو ھڪ اھم واپاري مرڪز ٿي وئي[13] مشھور سفارتڪار ايڊمنڊ رابرٽس 1832ع ۾ ڪيپ ورڊي جو چڪر لڳايو ھو[14]. چارلس ڊارون پنھنجي مشھور بحري سفر ۾ پھرين ساھي 1832ع ۾ ھن ملڪ جي ٻيٽ تي ڪئي ھئي [15].

قدرتي وسيلن جي اڻاٺ ۽ پورچوگيزي سيڙپ ۾ عدم دلچسپي ڪري ھتان جا ماڻھو پورچوگيزي تسلط جي خلاف ٿيندا ويا. 1951ع م ھن علائقي کي پورچوگال جي سمنڊ پار شعبي جو حصو بڻايو ويو پر آزاديءَ جي تحريڪ جاري رھي نيٺ 1975ع ۾ ھن ملڪ پورچوگال کان آزادي حاصل ڪئي. 1990 جي ڏھاڪي ۾ ھتي نمائندگي واري جمھوريت مضبوط ٿي ۽ ھي ملڪ آفريڪا جو ترقي يافته ملڪ بڻجي ويو.
معيشت
[سنواريو]ملڪ ۾ قدرتي وسيلن جي اڻاٺ جي ڪري ھتي جي معيشيت خدمتن ۽ پرڏيھي سيڙپ تي مشتمل آهي.
آبادي
[سنواريو]ھن ملڪ جي آبادي 2019 ۾ 550000 جي لڳ ڀڳ ھئي جن م يورپي ۽ آفريڪي نسلن جا ماڻھو شامل ھئا.
حوالا
[سنواريو]- ↑ https://www.britannica.com/place/Cabo-Verde/Religion
- ↑ John Kerry (8 جُولاءِ 2014). "On the Occasion of the Republic of Cabo Verde's National Day". U.S. Department of State. Retrieved 11 جُولاءِ 2014.
On behalf of President Obama and the people of the United States, I send best wishes to Cabo Verdeans as you celebrate 39 years of independence on July 5.
- ↑ Neto, Octávio Amorim; Lobo, Marina Costa (2010). Between Constitutional Diffusion and Local Politics: Semi-Presidentialism in Portuguese-Speaking Countries. Social Science Research Network.
- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. Retrieved 10 September 2017.
- ↑ "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org.
- ↑ "GINI index". World Bank. Archived from the original on 20 ڊسمبر 2013. Retrieved 26 جُولاءِ 2013.
- ↑ "Human Development Report 2019" (PDF) (in انگريزي). United Nations Development Programme. 10 December 2019. Retrieved 10 December 2019.
- 1 2 Tanya Basu (12 ڊسمبر 2013). "Cape Verde Gets New Name: 5 Things to Know About How Maps Change". National Geographic. Archived from the original on 13 ڊسمبر 2013. Retrieved 12 ڊسمبر 2013.
- ↑ Lobban, p. 4 آرڪائيو ڪيا ويا 25 January 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين..
- ↑ "Cabo Verde põe fim à tradução da sua designação oficial" [Cabo Verde puts an end to translation of its official designation] (in Portuguese). Panapress. 31 آڪٽوبر 2013. Archived from the original on 17 ڊسمبر 2013. Retrieved 17 ڊسمبر 2013.
{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (link) - ↑ "História". governo. Archived from the original on 5 November 2013. Retrieved 28 May 2017.
- ↑ Carta regia (royal letter) of 19 September 1462
- 1 2 3 4 5 Cape Verde background note . United_States_Department_of_State (July 2008).
- ↑ Roberts, Edmund (1837). Embassy to the Eastern Courts of Cochin-China, Siam, and Muscat. New York: Harper & Brothers. p. 17. http://www.wdl.org/en/item/7317/view/1/17/. Retrieved 10 October 2013. آرڪائيو ڪيا ويا 9 November 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Journal of researches into the natural history and geology of the countries visited during the voyage of H.M.S. Beagle round the world - Chapter 1 at Wikisource, top part
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- Articles containing non-English language text
- Articles containing پورچوگيزي-language text
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- CS1 maint: unrecognized language
- ملڪ
- ڪيپ ورڊي
- ٻيٽن جا ميڙ
- ٻيٽ وارا ملڪ
- آفريڪا جا ملڪ
- ايٽلانٽڪ سمنڊ جا ٻيٽ
- اولهه آفريڪا جا ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- ڪميونٽي آف پرتگيز لئنگئيج ڪنٽريز جون ميمبر رياستون