مواد ڏانھن هلو

ڪيپ ورڊي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪَيپ وَرڊَي

ريپبلڪا ڊي ڪابو ورڊي (ڪيپ ورڊيئن ڪريئول)
Flag of ڪيپ ورڊي
{{{coat_alt}}}
جھنڊو سرڪاري نشان
شُعار: 'سنڌي: "اتحاد، محنت، ترقي "
ترانو: Cântico da Liberdade (پورچوگيزي)
(سنڌي: "آزادي جو نعرو")
گادي جو هنڌ پرائيا
14°55′N 23°31′W / 14.917°N 23.517°W / 14.917; -23.517
دفتري ٻوليون پورچوگيزي
تسلیم ٿيل قومي ٻولي ڪيپ ورڊيئن ڪريئول
مذهب
مقامي آبادي ڪيپ ورڊيئن يا ڪيپ ورڊيائي[2]
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ [3]
• صدر
جورج ڪارلوس فونسيڪا
يوليسز ڪوريئا اي سلوا
مقننه قومي اسيمبلي
قيام
• پورچوگال کان آزادي
5 جولاءِ 1975
13 جنوري 1990
پکيڙ
• جملي
4٬033 km2 (1٬557 sq mi) (166th)
• پاڻي (%)
نہ جھڙو
آبادي
• 2016 اندازو
539,560[4] (172nd)
•  گھاٽائي
123.7 /km2 (320.4 /sq mi) (89th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.323 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$7,728[5]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.042 ارب ڊالر


ڪَيپ وَرڊَي(انگريزي: Cape Verde ) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ڪيبو ورڊي آھي[9] وچ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ واقع ٻيٽن وارو ملڪ آهي. ان جي ڏھن مٿاھن وڏن ٻرندڙ جبلن وارن ٻيٽن جو ميڙ جي گڏيل پکيڙ 4033 چورس ڪلوميٽر آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ پرائيا شھر آھي جيڪو سانتياگو ٻيٽ جي ڏاکڻي ڪناري تي واقع آهي. ھي ملڪ آفريڪا کنڊ ۾ ان جي اولھ طرف سمنڊ م واقع آخري ملڪ آھي. اھو ميڪرونيشيا جو پڻ حصو آهي. ھي ملڪ آفريڪي يونين جو رڪن آهي.

ملڪ جو نالو

[سنواريو]

ھن ملڪ جو ڪيپ ورڊي نالو سينيگال جي سامونڊي ڪناري تي واقع اپٻيٽ جي نالي ڪيپ ورٽ تان رکيو ويو[10] پورچوگيزي سيلانين ھن ٻيٽن جي دريافت بعد ان تي ڪيبو ورڊي نالو رکيو جنھن جي معنيَ ھئي سائي ڪيپ. سائي جو مطلب سرسبز آھي ۽ ڪيپ جو مطلب سمنڊ ۾ مٿاھون جاگرافيائي زميني علائقو آهي. 24 آڪٽوبر 2013 تي ھن ملڪ جي گڏيل قومن ۾ نمائندگي ڪندڙ وفد پڌرائي ڪئي تہ ملڪ جو نالو ريپبلڪ آف ڪيبو ورڊي آھي ۽ ان کي ڪيپ ورڊي نہ سڏيو وڃي[9][11]

تاريخ

[سنواريو]
ڪيپ ورڊي ٻيٽ (1598)

يورپين جي آمد کان پھريان ھي ٻيٽ غيرآباد ھئا[12]. انھن کي جينوا وارن ۽ پورچوگيزي جھازرانن 1456ع جیي لڳ ڀڳ دريافت ڪيو. پورچوگيزي سرڪاري رڪارڊ مطابق[13] پھريون دفعو انھن ٻيٽن کي جينوا شھر ۾ ڄاول انتونيو ڊي نولي نالي جھازران دريافت ڪيو جنھن کي پورچوگال جي بادشاھ افونسو پنجين ڪيپ ورڊي جو گورنر مقرر ڪيو. ٻيا جھازران جن انھن ٻيٽن جي ميڙ جي ٻين ٻيٽن کي دريافت ڪيو انھن ۾ ڊيئوگو گومز شامل ھيو جيڪو انتونيو ڊي نولي سان گڏ ھيو ۽ اھو پھريون دفعو سانتياگو ٻيٽ تي پھتو. پورچوگيزين 1462ع ۾ سانتياگو ٻيٽ کي آباد ڪري ربيئرا گرينڊي نالي يورپي ڪالوني جو بنياد وڌو[14].

منڊيلو کان مائونٽ ڪارا جو منظر

سورھين صدي عيسوي ۾ ھن ملڪ اينٽلاٽڪ سمنڊ واري غلامن جي واپار مان خوشحالي ماڻي[14] ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي ڌاڙيل پورچوگيزي آبادين تي حملا ڪندا ھيا. ھڪ انگريز فرينڪ ڊريڪ جي ٻيڙن 1585ع ۾ ٻہ دفعا ھن ملڪ جي شھر ربيئرا گرينڊي کي لٽيو جڏھن ھي ملڪ ابيرين يونين (پورچوگال ۽ اسپين جي اپٻيٽ واري يونين) جو حصو ھيو[14]. 1712ع ۾ فرانس جي حملي بعد ربيئرا گرينڊي شھر زوال پذير ٿي ويو ۽ 1770ع ۾ پرائيا شھر ھتان جو گاديءَ جو هنڌ بڻيو [14]. اڻويھين صديءَ ۾ غلامن جي واپار جي زوال کان پوء معاشي بحران جنم ورتو ۽ ھتان جي خوشحالي پڻ زوال پذيري بعد ختم ٿي وئي. ٻيٽن جو اينٽلاٽڪ سمنڊ اندر مقام اھميت وارو ھجڻ جي ڪري وري خوشحالي ڪر کنيو. بحري جھازن جا لنگھ ڀرسان ھجڻ ڪري جھاز ساھي پٽڻ لاء ھتي لنگر انداز ٿيڻ شروع ٿيا. ھتان جي ٻيٽ سائو وسينٽ جي منڊيلو شھر جي بندرگاھ مصروف بندرگاھ ۽ اوڻويھين صديءَ جو ھڪ اھم واپاري مرڪز ٿي وئي[14] مشھور سفارتڪار ايڊمنڊ رابرٽس 1832ع ۾ ڪيپ ورڊي جو چڪر لڳايو ھو[15]. چارلس ڊارون پنھنجي مشھور بحري سفر ۾ پھرين ساھي 1832ع ۾ ھن ملڪ جي ٻيٽ تي ڪئي ھئي [16].


اناج جو جھاز گارٿ پول جيڪو 1828ع ۾ بوئاوستا، ڪيپ ورڊي لڳ ٻڏي ويو هو

قدرتي وسيلن جي اڻاٺ ۽ پورچوگيزي سيڙپ ۾ عدم دلچسپي ڪري ھتان جا ماڻھو پورچوگيزي تسلط جي خلاف ٿيندا ويا. 1951ع م ھن علائقي کي پورچوگال جي سمنڊ پار شعبي جو حصو بڻايو ويو پر آزاديءَ جي تحريڪ جاري رھي نيٺ 1975ع ۾ ھن ملڪ پورچوگال کان آزادي حاصل ڪئي. 1990 جي ڏھاڪي ۾ ھتي نمائندگي واري جمھوريت مضبوط ٿي ۽ ھي ملڪ آفريڪا جو ترقي يافته ملڪ بڻجي ويو.

معيشت

[سنواريو]

ملڪ ۾ قدرتي وسيلن جي اڻاٺ جي ڪري ھتي جي معيشيت خدمتن ۽ پرڏيھي سيڙپ تي مشتمل آهي.

آبادي

[سنواريو]

ھن ملڪ جي آبادي 2019 ۾ 550000 جي لڳ ڀڳ ھئي جن م يورپي ۽ آفريڪي نسلن جا ماڻھو شامل ھئا.

حوالا

[سنواريو]
  1. https://www.britannica.com/place/Cabo-Verde/Religion
  2. John Kerry. "On the Occasion of the Republic of Cabo Verde's National Day". U.S. Department of State. حاصل ڪيل 11 July 2014. On behalf of President Obama and the people of the United States, I send best wishes to Cabo Verdeans as you celebrate 39 years of independence on July 5. 
  3. Neto, Octávio Amorim; Lobo, Marina Costa (2010). Between Constitutional Diffusion and Local Politics: Semi-Presidentialism in Portuguese-Speaking Countries. Social Science Research Network. 
  4. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  5. "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org. 
  6. "People and Society – Cape Verde". وقت 15 January 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 August 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "GINI index". World Bank. وقت 20 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 July 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. "Human Development Report 2019" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 10 December 2019. 
  9. 9.0 9.1 Tanya Basu. "Cape Verde Gets New Name: 5 Things to Know About How Maps Change". National Geographic. وقت 13 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 December 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. Lobban, p. 4 آرڪائيو ڪيا ويا 25 January 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين..
  11. "Cabo Verde põe fim à tradução da sua designação oficial" (ٻولي ۾ Portuguese). Panapress. وقت 17 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 December 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  12. "História". governo. وقت 5 November 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 May 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. Carta regia (royal letter) of 19 September 1462
  14. 14.0 14.1 14.2 14.3 14.4 Cape Verde background note . United States Department of State (July 2008).
  15. Roberts, Edmund (1837). Embassy to the Eastern Courts of Cochin-China, Siam, and Muscat. New York: Harper & Brothers. p. 17. http://www.wdl.org/en/item/7317/view/1/17/. Retrieved 10 October 2013. 
  16. Journal of researches into the natural history and geology of the countries visited during the voyage of H.M.S. Beagle round the world - Chapter 1 at Wikisource, top part