مواد ڏانھن هلو

صحارا ريگستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
صحارا

الصَحْرَاء الكُبْرَیٰ (عربي)
ⵜⵉⵏⵉⵔⵉ (بربر ٻولي)

صحارا
صحرا
Sahara
Location in Africa
Location in Africa
Location in World
Location in World
ContinentAfrica
ملڪالجيريا
مصر
ليبيا
مالي
مراڪش
موريتانيا
نائجر
مغربي صحارا (تڪراري علائقو)
سوڊان
چاڊ
تيونس
Big cities
  • Bamako
  • Ouagadougou
  • Nouakchott
  • Chinguettee
  • Timbuktu
  • Anjamena
ملڪ الجزائر •  تيونس •  چاڊ •  سوڊان •  مالي •  مراڪش •  مصر •  موريتانيا •  نائيجر •  لبيا • مغربي صحارا (تڪراري علائقو)
جاگرافيائي مقامدنيا/آفريڪا
وڌ ۾ وڌ اوچائي3,415 ميٽر
بلند ترين مقامايمي ڪوسي (Emi Koussi)
گهٽ ۾ گهٽ اوچائي-134 ميٽر
هيٺيون ترين مقامقطاره ڊپريشن (Qattara Depression)
وڌ ۾ وڌ گرمي پد55 ڊگري سينٽي گريڊ
برسات/آبي وسيلو25 mm (25
وسيلامينگانيز، ٽامو، لوهه، فاسفيٽ، يورينيم، تيل،
سج جي روشنيءَ جو تناسبمسلسل تمام گهڻو
صحارا ريگستان جو ھڪ ڏيک

صحارا (عربي: الصحراء الكبرى، يعني وڏو ريگستان؛ بربر: ⵜⵉⵏⵉⵔⵉ، ٽينري) آفريڪا جي اترئين حصي ۾ واقع هڪ وسيع ۽ گرم ريگستان آهي. اهو اولهه کان اوڀر طرف، يعني اٽلانٽڪ سمنڊ[1] کان ڳاڙهي سمنڊ تائين 5,000 ڪلوميٽرن تائين پکڙيل آهي ۽ 8.5 ملين چورس ڪلوميٽر کان وڌيڪ ايراضيءَ تي مشتمل آهي.

صحارا کي ڳاڙهي سمنڊ کان به اڳتي تائين پکڙيل سمجهي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته جاگرافيدان ان کي هڪ وسيع صحرا عرب ريگستان جو حصو قرار ڏين ٿا. اڃا به وڏي پيماني تي ڏٺو وڃي ته، صحارا هڪ وسيع ”خشڪ پٽي“ (dry diagonal) جو اولهه وارو حصو آهي، جيڪا سينيگال نديءَ جي علائقي کان وٺي منگوليا تائين پکڙيل آهي.

دنيا جي سڀ کان وڏي گرم ريگستان جي حيثيت ۾، اهو کنڊ کي اوڀر کان اولهه تائين ورهايو ٿو. اهو انتهائي وسيع علائقن تي مشتمل آهي ۽ ڏهن ملڪن; الجيريا، مصر، مراکش، ليبيا، تونس، موريطانيا، نائجر، مالي، چاڊ ۽ سوڊان, سان گڏوگڏ ويسٽرن صحارا (مغربي صحارا) جي تڪراري علائقي تائين پکڙيل آهي.

ان جي ڪل ايراضيءَ جو صرف 20 سيڪڙو حصو واريءَ وارن ريگستانن تي مشتمل آهي؛ باقي 80 سيڪڙو حصو بنيادي طور تي پٿريلي زمين آهي جتي گهڻو ڪري تهه دار پٿر (sedimentary rock) موجود آهن. هن خطي ۾ مختلف قسم جا جاگرافيائي منظر ۽ موسميون ملن ٿيون، جن ۾ واريءَ وارا ريگستان (جهڙوڪ گرانڊ اِرگ اورينٽل ۽ گرانڊ اِرگ آڪسيڊنٽل)، جبل (جهڙوڪ هوگار، تاسلي ۽ ٽيبسٽي جا سلسلا)، حمادا (پٿريلا مٿانهرا ميدان) ۽ ريگ (پٿريلا ريگستان، جهڙوڪ ٽانيزروفٽ) شامل آهن.

صحارا ريگستان (Sahara Desert) ڌرتيءَ تي موجود سڀ کان وڏو رڻ پٽ سڏيو وڃي ٿو. صحارا آفريڪا کنڊ جي اترئين پاسي 30 لک چورس ميلن جي ايراضي تي پکڙيل آهي. ايٽلانٽڪ کان ليبيا جي رڻ پٽ تائين هن جي سراسري ويڪر 1440 ڪلوميٽر ٿئي ٿي، جيڪا نيل ندي تائين آهي. صحرا ۾ آباديءَ ۽ وسنديءَ جا مک مرڪز اُهي نخلستان آهن جن ۾ جَرَ جو مٺو پاڻي ملي ٿو. گهڻي ڀاڱي نخلستان صحرا جي اترئين ۽ ڏاکڻين ڀاڱي ۽ وچ صحرا جي جابلو علائقن ۾ آهن، جتي پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو آهي.تحقيق مان ڄاڻ ملي ٿي تہ هن علائقي جا ماڻهو جا هئا، جيڪي ڏکڻ پاسي کان آيا ۽ اچي نخلستان آباد ڪيائون. هتان جي رهواسين جا ڪارٿيجن، فونيقي ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ماڻهن سان ڪاروبار ۽ رابطا هئا. تنھن کانپوءِ هن صحرا کي اوڀر کان ايندڙ مسلمانن ۽ بربرن فتح ڪيو. مسلمان پاڻ سان گڏ هن صحرا ۾ کجيءَ جو وڻ ۽ اُٺ کڻي آيا، جنھن ڪري هن علائقي جي طرزِ زندگي ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي. کجيءَ جي پيداوار ڪري باغن جي انگ ۾ واڌارو آيو ۽ اُٺن جي ڪري سون ۽ ٻين معدنيات جي واپار کي ڏکڻ جي علائقي ۾ هٿي ملي. هن صحرا جي اُڀرندي حصي ۾ 50 ميلن جي مفاصلي تي تاسلي ديس احبر نالي ماڳ وٽ نرم وارياسي پٿر جي هڪڙي بٺي اڪيچار صدين جي ڊگهي عرصي دوران وارياسي تيز طوفانن جي زد ۾ رهندي واريءَ جي ذرڙن وسيلي گسندي ڪٽجندي اهڙي نموني تراشجي وئي آهي ڄڻ اها ڪنھن هٿ سان جوڙي آهي. الجيريا ۾ تيل ملڻ سان صحرا جي معيشت ۾ هڪ نئين دور جي شروعات بہ ٿي وئي آهي. پوءِ بہ هن صحرا جي ماڻهن جو دارومدار گهڻي ڀاڱي پوکيءَ تي آهي. هتان جي سڀ کان اهم اُپت کارڪون آهن. ان کان سواءِ هتي ميوا، ڀاڄيون، چانور، ڪڻڪ، ٻاجهري ۽ جَوَ بہ گهڻي مقدار ۾ پوکيا وڃن ٿا.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ سانچو:Ouvrage
  2. ↑ "صحارا ريگستان آفريڪا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2024-04-15 تي حاصل ڪيل.